Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

شھيد ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جي ڀڳتي ۽ روحاني دُنيا جو گُلاب

ڪنور ڀڳت جي سُرن جي خوشبو اڃا تائين سنڌ جي فضائن ۾ محسوس ٿئي ٿي. سندس راڳ، سندس ڀڄن  ۽ سندس درد ڀريو آواز  اڄ به سنڌي ثقافت جو امر حصو آهن. هو رڳو هڪ راڳي نه، پر هڪ ”روحاني درويش“ پڻ هو، جنهن سُر کي عبادت بڻايو

ڀڳت ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجهندن ۾ ڳايو. جتان پھرين نومبر 1939ع تي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس ڀرچونڊيءَ واري پير جي هڪ مريد جان محمد جلباڻيءَ بندوق ھڻي زخمي ڪري وڌو.

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي ڌرتي سدائين راڳ، رس، عشق ۽ آدرش جي ڌرتي رهي آهي. هن سرزمين تي راڄ ڪندڙ راجا به سدائين سُر جا قدردان رهيا آهن، جن ”سُر جي صدا تي پنهنجا سِر“ ڏئي ڇڏيا. راڳ رس، عشق ۽ آدرش جي عاشق ان ڌرتيءَ تي هڪ راڳيءَ جنم ورتو، اهڙو راڳي جنهن جي سُرن ۽ گيان اڳيان سڄي سنڌ جو ڪنڌ جُھڪي پيو. هڪ امر آواز، درد ڀري دُنيا جو همدرد ۽ سُر جو سُلطان هو ”ڪنور ڀڳت“. ڪنور ڀڳت جو نالو وٺندي ئي دل ۾ ڪو سُر گونجڻ لڳي ٿو، ڪو راڳ ڇرڪ ڀري اُٿي پوي ٿو  ۽ ڪنڌ پاڻمرادو عقيدت سان جُھڪي وڃي ٿو.

ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائڪيءَ جي باني ڀڳت ڪنور رام 13 اپريل 1885ع تي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ ”جروار“ ۾ ڀائي  تاراچند ۽ تيرٿ ٻائي جي گھر ۾ جنم ورتو. صوفي بزرگ سنت کوتارام سندس نالو ”ڪنوررام“ رکــيو. هُو شـروع ۾ ســنڌي پڙھڻ ويٺو، ان کان پوءِ فارسي سکيو. سندس پيءُ کي زمين جو ٽڪرو ھو. هو ڪڏھن ڪڏھن پيءَ سان گڏ ٻنيءَ تي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته ڪُھر وڪڻڻ شروع ڪيائين. ان دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو. چون ٿا ته جروارن ۾ سنت سترام داس صبح جو اسر مھل ڀڳت پئي ڪئي ته ڪنور جي ڪُھرن وڪڻڻ جو ھوڪو ٻڌائين. ھوڪو اھڙي مٺڙي آواز ۾ ھو، جو سنت سترام داس ڪُھرن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو. سَنت جو پيار، پنھنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي  ڪنور ھميشه لاءِ سندس چاڪريءَ ۾ رھي پيو. وٽانئس ڀڳتي ۽ سنگيت جي تعليم سان رچي ريٽو ٿيو. ڪنور  ڀڳت وجهڻ سکي، سندس سنگ ۾ سنت طور شامل ٿيو.

ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. هن ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير هن ئي متعارف ڪرائي.  ڀڳت وجهڻ دوران جيڪي ڪجهه ملندو ھو، اھو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. هن وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو. هُو واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. سنڌ ۾ ڀڳت ڪنور رام جو ٽولو اڃا تائين مشهور آهي پر هو سدائين اڪيلو منفرد انداز ۾ ڳائيندو ھو. ڪنور ڀڳت جي آواز ۾ ڪو عام مٺاس نه هو، درد مان نڪتل مٺاس هو. سندس آواز ۾ نرمي هئي، جيڪا دل کي ڇهي ويندي هئي. هو ڳائيندو هو ته ايئن لڳندو هو  ڄڻ ڪنهن زخمي دل مان نڪتل دعا هجي. سندس آواز ٻڌندي ماڻهو پاڻ ۾ گم ٿي ويندا هئا ۽ پنهنجون اکيون ڀري  ويهندا هئا. سندس انداز، تال ۽ آواز جو اُتار چڙهاءُ سنڌي راڳ جي نئين اسڪول جو بُنياد بڻيا.

هن سنڌي موسيقي کي صرف ڳائڻ تائين محدود نه رکيو، پر ان ۾ فڪر، درويشي ۽ انسانيت جو پيغام شامل ڪيو. ڪنور رام گهڻو ڪري ھر محفل جي پڇاڙي ۾ ”مارو“ راڳ ڳائيندو ھو، ته جيئن انسان کي موت جي يادگيري رھي. ڪنور ڀڳت جي هر گيت ۾ سبق لڪل آهي ته ”انسان کي انسان بڻائڻ لاءِ سُر ڪافي آهي، ڌرم نه.“هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو ثابت ڪيو ته راڳ، عبادت کان گهٽ ناهي. ڪنور ڀڳت جي راڳ ۾ جيڪا ”دردناڪ سچائي“ هئي، اُن ئي کيس امر بڻايو. ماڻهو چوندا هئا ته ”ڪنور ڀڳت جي آواز ۾ ڪا اهڙي دعا آهي، جيڪا هر زخمي دل کي سڪون ڏئي ٿي.“

1903ع ۾ منگهرياڻين جي زميندار ڀائي اوتو مل جي نياڻيءَ سان ڪنور جي شادي ٿي. سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته ”ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو ھو.“

ڀڳت ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجهندن ۾ ڳايو. جتان پھرين نومبر 1939ع تي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس ڀرچونڊيءَ واري پير جي هڪ مريد جان محمد جلباڻيءَ بندوق ھڻي زخمي ڪري وڌو. باگڙجي اسٽيشن تائين گهڻو رت وھڻ سبب سندس دم پرواز ٿيو. 2 نومبر تي سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه ڏيوڙي صاحب رھڙڪيءَ ۾ آھي. ڀڳت ڪنور رام جا هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مجسما موجود آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڄامشوري جي ميوزم ۾ پڻ ڀڳت ڪنور رام جو مجسمو رکيل آهي.

ڪنور ڀڳت جي سُرن جي خوشبو اڃا تائين سنڌ جي فضائن ۾ محسوس ٿئي ٿي. سندس راڳ، سندس ڀڄن  ۽ سندس درد ڀريو آواز  اڄ به سنڌي ثقافت جو امر حصو آهن. هو رڳو هڪ راڳي نه، پر هڪ ”روحاني درويش“ پڻ هو، جنهن سُر کي عبادت بڻايو. سندس آواز ٻڌندي اڄ به ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪو اندر ۾ وڄندڙ احساس آهي، جيڪو چوي ٿو، راڳ، رب تائين پهچڻ جو دروازو آهي.“ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنور ڀڳت صرف فنڪار نه هو، پر هڪ احساس هو، هڪ اهڙو احساس، جيڪو هر دل ۾ اميد، پيار ۽ سڪون پيدا ڪري ٿو. جتي به ڪو سُر وڄندو، اتي ڪنور نالو ضرور گونجندو.

___________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button