سنڌي ادب مان مختصر ڪھاڻي: ميلوها
سندس اشارن مان سمجھيم، ڄڻ چوندو هجي ته “نه، ھت ڪوبه بادشاھ ناهي، سڀ برابر آهيون. هيءُ ناچڻي ناهي مقدس عورت آ.”
عزيز ڪنگراڻي
وشال سنڌُو درياھ جي مست الست لھرن ۾ سِڙھ وارو وڏو ٻيڙو ڇولين کي چيريندو، لھرن ۽ ڪُنن کي لتاڙيندو ٻِيءَ ڀَر وڌي رهيو هو. ملاح وڏي اعتماد سان ٻيڙو هلائي رهيو هو. جنھن مهل واءُ سڻائو گھٽ ٿئي پيو ته ٻيڙي کي ونجھ سان هلائڻ ٿي لڳو. ٻيڙي ۾ ڪافي سوار هئا. هڪ اڌ کانسواءِ باقي سانورا ۽ ڪڻڪائين رنگ جا هئا. هرهڪ کي چاپئين ڏاڙهي هئي. سڀني ماڻھن کي پيرن ۾ گيتلو پاتل هو. مٿي سان کين ڇِيٽ جھڙي ڪپڙي جو ننڍو انگوڇو ٻَڌل هئو. سندن بدن تي ململ جي ڪپڙي جي کسِي ڳلي واري گِڊِي پھريل، ڪلھن تي اجرڪ جھڙو ڪپڙو اوڍيل ۽ لاک ٻَڌل هئي. ڪن وٽ ڳوٿرين ۾ ٺڪرِي ۽ ٽامي جون ٽِڪِيون هيون. ڪنھن مھل ڳوٿري کولي اُهي ٽِڪيون ڏسِي سنڀالي وري ڳوٿريءَ ۾ رکيائون پئي. ٽِڪين تي اکر اُڪريل هئا جيڪي سمجھ ۾ نه پئي آيا. وٽن ڪو به هٿيار نه هو توڻي جو ٻيڙي ۾ قسمين قسمين ڪپڙي جا تاڪ، ڪچو سون، ماکي، بانس جا لڪڙا، سُڪل مڇي ۽ ٻيو قيمتي سامان پيل هو.
پاڻ ۾ ڳالھائڻ وقت الائي ڪھڙي ٻولي ڳالھائن پيا. اها ٻولي منھنجي سمجھ کان ٻاهر هئي. ٻيڙو هلائيندڙ ٻين سان “مھاڻ” چئي مخاطب ٿئي پيو ۽ ٻيا ٻيڙو هلائيندڙ کي “ملح” چئي مخاطب ٿيا پئي. ڇولين ۾ ٻيڙو لُڏيو پئي ته سڀني کان ڇرڪ نڪري پئي ويو. مون ڏي ڏسي پاڻ ۾ سُس پُس ڪن پيا ته مان گھٻرائجي پئي ويس. منھنجي چھري جا خوف وارا تاثر ڏسي اشارن ۾ ڪجھ چيائون پئي. ڄڻ چوندا هجن، “گھٻراءِ نه، اسان ويڙهاڪ نہ، پُر امن آهيون.” جڏهن ‘چانھيون’، ‘ڪوٽيجي’ ، ‘رهڙي’ ، ‘ڍلوِير’ ، ‘هيڙپ’ ‘پيرلکو’ يا ‘مھاڻئين’ چون پيا ته سمجھي ٿي ويس ته ڪِن وسندين جا نالا وٺن پيا.

ٻيڙو سِير مان نڪري ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳو. سامھون ڪناري سان سوين ٻيڙا لنگر انداز هئا. ٻيڙو ڪناري سان لڳو. سڀ سامان سنڀالي لھڻ لڳا ته مان به لھڻ لڳس. منهنجي نظر مٿانھين تي اڏيل هڪ تمام وڏي شھر تي پئي. پڪسرن ٻِماڙ گهرن وارو حَسِينَ شهر جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هئو. شھر ۾ داخل ٿيس ته حيران رهجي ويس. ڏندين آڱريون اچي ويون. ويڪريون ۽ صاف پڪيون گهٽيون ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو شاندار نظام هئو. گھر گھر وٽ پڪا کوھ هئا. مختلف شين جا ڪيترائي دڪان هئا. ڪي جواهرات جا، ڪي سونن زيورن ٺاهڻ جا، ڪپڙي جا، ٺڪر جي ٿانون تي چٽ ڪڍڻ جا، ٽِڪيون ٺاهڻ ۽ انهن تي اکر اُڪرڻ جا دڪان به هئا ته اَنَ جا گدام به هئا. شھر ۾ مرڪزي تلاءُ هئو جنھن ۾ ماڻھو وهجندا هئا. مون اشارن ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته تلاءُ ۾ مرد ۽ عورتون گڏ وهجندا هئا يا الڳ الڳ؟ عبادت لاءِ وهجندا هئا يا ايئن؟ اشارن ۾ ٻڌايائون پر مان سمجھي نه سگھيس يا وري هُو منھنجو سوال سمجھي نه سگھيا هئا. سندن اشارن منجھان اهو محسوس ڪيم ته گڏ وهجندا هئا. مٿاهين کان هيٺ نھاريم ته چئو طرف فصل ئي فصل، ساوڪ ئي ساوڪ ڦھليل هئي. اوچتو بارش شروع ٿي وئي هئي. گھٽين ۾ ايندڙ ويندڙ اَڙِ وٺي بيھي رهيا ته مان به هڪ دڪان جي اَڙِ ۾ بيهي رهيس. جيئن مينھن وسڻ بند ٿيو ته پاڻي بنان دير نيڪال ٿي ويو. ڄڻ برسات ئي ڪانه پئي هئي.
اچانڪ ڏٺم ته دڪان بند ٿيڻ لڳا هئا. عورتون ۽ مرد پاڻ سنواري ڪنهن طرف وڌڻ لڳا هئا. عورتن کي ڪَرائِي کان ڏورن تائين عاج جون چوڙيون پاتل هيون. مان به اوڏانھن وڃڻ لڳس. اُتي وڃي ڏٺم ته هزارن جي تعداد ۾ هيٺاهين ميدان تي مرد ۽ عورتون گڏ ٿيا هئا. مٿانھين تي ٻه ماڻهو هئا. هڪ مرد جنھن جي چاپئين ڏاڙهي، کيس ڪلھي ۽ سيني وٽان اجرڪ نما ڪپڙو اوڍيل هئو. عورت اهڙي انداز ۾ هئي جو سندس هڪ پير هيٺ ۽ ٻيو پير ڪنهن سِرُن جي ٺهيل دِڪي تي لڳو پئي. سندس هڪ هٿ چيلھ تي ۽ ٻيو هٿ سٿرن وٽان اڳتي وڌايل لڳو. سندس انھيءَ هٿ ۾ ٿانءُ هئو، جنھن ۾ ڪا شئي هئي ۽ هيٺ ناچ ڪندڙن تي ان جي ورکا پئي ڪيائين. هيٺ مرد، عورتون، نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٻار نچي به رهيا هئا ته ڳائي به رهيا هئا. نهايت خوبصورت آواز ۽ ناچ! ڪائنات جھومڻ لڳي هئي. ٻولي ڪھڙي ۾ پئي ڳاتائون مان نه سمجھي سگھيس. پر سحر انگيز آواز ۽ من موهيندڙ ناچ ڏسي جھڙوڪر مان به جھومڻ لڳس. شايد سندن ڪو ڏڻ يا تھوار هئو جنھن ۾ شايد هن شھر کانسواءِ ٻين شھرن کان آيل ماڻھو به شريڪ هئا. مون اڳتي وڌي مٿي ويٺل اجرڪ جھڙي چادر اوڍيل شخص کان اشارن ۾ پڇيو:
“تون بادشاھ آهين ۽ هيءُ ناچڻي آهي؟”
سندس اشارن مان سمجھيم. ڄڻ چوندو هجي ته، “نه ھت ڪوبه بادشاھ ناهي، سڀ برابر آهيون. هيءُ ناچڻي ناهي مقدس عورت آ.”
“۽ هن شھر جو نالو ڇاهي؟” مون اشارن ۾ پڇيو هئو. ڄڻ سمجھي وراڻيو هئائين، “ميلوهائين.”
“ميلوھائين يا مھاڻائين؟” مون اشارن ۾ پڇيو. پر هُو خاموش رهيو. شايد منھنجي ٻولي يا سوال نه سمجھيو هئائين. مون هيٺ ناچ ڪندڙن ڏانھن نهاريو مس ته ڪلھي تي هٿ رکندي هالار چيو:
”ڪٿي گُم آهيو سائين؟“
مان سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏل هوس. تاريخ جي ساگر مان غوطا کائيندي ٻاهر ايندي وراڻيم:” هون، ڇا چيئي؟”
هالار وراڻيو: مان سڄو مھين جو دڙو گھمي آيو آهيان ۽ توهان يڪو ڪنگ پريئيسٽ جي مجسمي وٽ بيٺا آهيو”
مون مجسمي ڏانھن نھاري وراڻيو:
“مان ميلوها جي ماڻھن سان ملي آيو آهيان. هيءُ بادشاھ ناهي ۽ نه وري هوءَ ناچڻي آهي. نه وري ميلوها مھين جي دڙي کان الڳ هئو. ميلوها يا مھاڻائين مھين جو دڙو ئي سمجھان ٿو.” مون چوندي مھين جي دڙي واري ٺُلھ ڏانهن لوڻو ڦيري ڇڏيو.
_____________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ، محقق ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي



