Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ڪنھن زماني ۾ چين ۾ مُردن کي دفنايو ويندو ھو، ھاڻي ساڙيندا آھن

مُردن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ رَکَ هڪ ڪنٽينر ۾ رکي ويندي آهي، جيڪا ڇھن مھينن کان پوءِ مٽيءَ جو حصو بنجي ويندي آهي.

تدفين جو اهو طريقو اختيار ڪندڙن جي وارثن کي هڪ يادگار تختي ڏني ويندي آهي، جنھن تي مرحوم جو نالو ۽ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ هوندو آهي. اهو ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پوءِ مرحوم شخص جون تصويرون، ويڊيوز، زندگيءَ جي ڪھاڻي ۽ حسب نسب آن لائين ڏسي سگهجي ٿو.

چيني ماڻهن ۾ هڪ ٻيو رواج به آهي، اهو هي ته ٻارڙي جي ڄمڻ جي سئو ڏينھن کي سيليبريٽ ڪيو ويندو آهي. جنھن ۾ مٽ مائٽ ايندا آهن، اها رسم ايئن آهي، جيئن پاڻ وٽ ٻار جي ڇٺي ڪبي آهي يا عقيقو

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي  

12 نومبر 2024: پنھنجي واندڪائيءَ جو سمورو وقت (هونئن ته سڄو وقت واندو ئي هوندو آهيان، پر جيڪو وقت گهمڻ ڦرڻ، واڪ ڪرڻ، وشال، ماڻهنس، مريم ۽ کشين سان ڪچھري کان پوءِ) چين بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ پوءِ ان مان اهم ڳالهيون يادگيري طور هتي لکي ڇڏيندو آهيان.

جيتوڻيڪ ڪنھن زماني ۾ چين ۾ مُردن کي دفنايو ويندو هو، پر هاڻ دفن ڪرڻ جي بدران ساڙيو ويندو آهي. (خاص طور شھرن ۾، ۽ انھيءَ جو ڪارڻ زمين جي کوٽ آھي) ان شعبي ۾ به چين نواڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرايو آهي. مُردي کي ساڙي، پوءِ انهن جي خاڪ وارثن جي حوالي ڪئي ويندي آهي، چين ۾ مُردن جي لاءِ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ متعارف ڪرايو ويو آهي. مُردن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ انهن جي راک هڪ ڪنٽينر ۾ رکي ويندي آهي، جيڪا ڇھن مھينن کان پوءِ مٽي جو حصو بنجي ويندي آهي. تدفين جو اهو طريقو اختيار ڪندڙن جي وارثن کي هڪ يادگار تختي ڏني ويندي آهي، جنھن تي مرحوم جو نالو ۽ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ هوندو آهي. اهو ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پوءِ ان مرحوم شخص جون تصويرون، ويڊيوز، زندگيءَ جي ڪھاڻي ۽ حسب نسب آن لائين ڏسي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ آن لائين تعزيتي پيغام به ڇڏي سگهجن ٿا.

چين ۾ مُردن جي لاشن جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ مقرر عملي جون پگهارون تمام گهڻيون آهن، انهن جي ڪپڙن لٽن مان تر جيترو به احساس نه ٿيندو آهي ته اهي همراهه ڪفن دفن جو ڪم ڪندا آهن. کين ڏسڻ سان ايئن لڳندو آهي ته اهي ڪنھن بئنڪ جا ايگزيڪيوٽو يا ڪنھن گهڻ قومي ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل عملدار آهن. آخري رسمون ادا ڪرڻ جي دوران پنھنجو پاڻ کي جراثيمن کان بچائڻ اهم ڪم آهي. جيڪو عمل هڪ ڪلاڪ جو هوندو آهي ۽ ان عمل ۾ پنج ڄڻا شامل هوندا آهن. صفائيءَ جي حوالي سان ماڻهن کي تحفظات رهندا هئا، پر هاڻ چين ان ۾ نواڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. هاڻ صفائي جي عمل ۾ هڪ ميٽر ڊگهو روبوٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان جو جراثيمن جي صفائي جي حوالي سان درستگيءَ جو معيار 4-98 سيڪڙو آهي. تدفين جي ان عمل ۾ چين ۾ ’ٿري ڊي ٽيڪنالاجي‘ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي سان ٽن ڪلاڪن ۾ مرحوم جي چھري جو ماسڪ تيار ڪيو ويندو آهي. ڪفن دفن ۽ آخري رسمن جي ادائيگيءَ جو ذڪر ٿيو ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته چين ۾ قبر جي لاءِ جاءِ خريدڻي پوي ٿي ۽ ان لاءِ به هڪ مدت مقرر آهي، ان کان پوءِ ان جي تجديد ڪرائڻي پوي ٿي.

وشال مون کي ٻڌايو ته سندس دوست ناصر چين ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ڪُٽنب جي لاءِ جيڪو چين ۾ ئي رهي ٿو، قبر جي لاءِ جاءِ خريد ڪئي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته چين مان ڊيڊ باڊي پاڪستان موڪلڻ ۾ تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ ٻيو ته پاڪستاني ايمبيسي به تعاون نه ٿي ڪري، ان ڪري جيڪو مستقل هتي رهي ٿو، اهو پوين کي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنھنجي قبر لاءِ جاءِ خريد ڪري ٿو وٺي.

چيني ماڻهن ۾ هڪ ٻيو رواج به آهي، اهو هي ته ٻارڙي جي ڄمڻ جي سئو ڏينھن کي سيليبريٽ ڪيو ويندو آهي. جنھن ۾ مٽ مائٽ ايندا آهن، اها رسم ايئن آهي، جيئن پاڻ وٽ ٻار جي ڇٺي ڪبي آهي يا عقيقو.

رات ويٺاسين ته کشين تيار ٿي ڪار ڪاهي آئي ۽ چيائين ابو امي هلو ته گهمڻ هلئون. پڇيم ته ڪيڏانھن؟ کِلندي ڪار ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. اسان ٽيئي مريم سان گڏ ڪار ۾ ويٺاسين. پندرهن ويھن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ ڪار هڪ هنڌ اچي پارڪ ڪيائين. اڳ ۾ به لکي آيو آهيان ته هتي پارڪنگ جو ڪو مسئلو ڪونهي، هرڪو ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري هر الڪي کان آجو.

ڪار مان لھي هلندا هڪ هنڌ پھتاسين، جتي ٻاهران لکيل هو، ”دي مرينا“ اها به هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي. گلن ڦلن، ڦوهاري، پارڪن، کاڌي پيتي، جوس ۽ مختلف سوکڙين، سووينرس سان سجايل دڪان ۽ ريسٽورانٽ، جتي ڪرسين تي نوجوان جوڙا پنھنجي پيار ڀرين ڳالهين ۾ مست مگن، ڪي ته چُم چٽ ۾  لڳا پيا هئا، پر ڪنھن جو به انهن ڏانھن ڌيان نه ٿي ويو. ڪجهه ڏينھن اڳ ’ذائقه‘ تي ويٺا هئاسين ته بلڪل ٻاهران هڪ نوجوان پنھنجي ’ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) کي چھٽيو پيو هو. چينيءَ ۾ گرل فرينڊ کي ’ني ڦنگيو‘ ۽ بواءِ فرينڊ کي ’نان ڦنگيو‘ چون.

دي مرينا جي وچ ۾ ڏاڍو خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو، جيڪو پري کان ائين پي لڳو، ڄڻ ڪو ڪيٿيڊرل هجي. هيٺ وڏي پارڪ هئي، سامھون روڊ هو، جنھن جي مٿان ڏاڍي خوبصورت پل ٺھيل هئي، جيڪا ان مھل روشنين ۾ جهرمر ڪري رهي هئي. اسان پھتاسين ته اڪثر اسٽال بند ٿي چڪا هئا ۽ چھل پھل به گهٽجي چڪي هئي. رات جا ساڍا يارهن ٿيا هئا. هتي يارهين بجي ڌاري اهڙا هنڌ ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. اسان هڪ هنڌان چيني چانھه ۽ آئسڪريم ورتي، چيني چانھه جو نالو ته چانھه آهي، پر منجهس چانھه جھڙو ڪو ذائقو ئي ڪونهي. صفا ٿڌي ۽ اندر وري ڪنھن فروٽ جا ننڍا ننڍا گول ٻج پيل هوندا آهن. جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار هوندا آهن. آئسڪريم ڏاڍي سٺي هئي. هيٺان برف جو ڳنڍو ۽ مٿان آئسڪريم. وشال کي پيو چوندو آهيان ته ’يار الائجي ڇا ڇا پيو کارائين. ڪٿي منھنجي مسلمانيءَ کي ته خطرو ڪونھي.‘

جنھن تي کلندي چيائين، ”پاڪستان ۾ اوهان جي مسلماني بچڻ جي پڪ نٿو ڏيان، پر هتي ڏيان ٿو.“

جنھن تي ٻيئي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلياسين.

هڪ هنڌان ڪنھن چيني گاني جو آواز اچي رهيو هو. اسان اوڏانھن لڙياسين. هڪ ننڍي ريسٽورانٽ هئي. جنھن ۾ ڏٺوسين ته ڪرسين تي ڪجهه چيني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا هئا. هو صفا ٽُن لڳا پيا هئا، سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا. جن جو دونھون گولڙا ٺاهي رهيو هو. سامھون ئي ڪارن ڪپڙن ۾ هڪ فنڪارا ڪو چيني گيت ڳائي رهي هئي. ٻول ته سمجهه ۾ نه ٿي آيا، پر آواز، ڏاڍو سٺو هئس، هئي به صفا جوان ۽ اکيون ڦاڙي ڏسڻ جھڙي. اسان کي ايندو ڏسي انهن همراهن کِلي ۽ آڱوٺن جا اشارا ڪري اسان جو استقبال ڪيو. هڪ چيني جوان ته اچي مون کي ڀاڪر پاتا ۽ پڇيائين، ”ڪٿان جا آهيو.“ جڏهن وراڻيوسين پاچيستان ته وڌيڪ خوشي جو اظھار ڪيائون،”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو ڦنگيو“ چوڻ لڳا.

اسان ڪرسين تي ويٺاسين ته کشين ٻن اورينج جوسن جو آرڊر ڏيئي آئي، ٿوري دير ۾ اهي ٽيبل تي پھچي ويا. آءٌ ۽ نسيم ته صفا ’پائولا‘ لڳا پيا هئاسين، سو وشال ۽ کشين پيتا. اتي جنھن ڳالهه منھنجو ڌيان ڇڪايو، اها مريم هئي، هوءَ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ پنھنجون ننڍڙيون ٽنگون مٿي ڪري نھايت سيريس ٿي ويھي، فنڪارا کي ڏسڻ ۽ گيت ٻڌڻ لڳي. مريم جنھن کي هڪ گهڙي به ڪٿي ويھڻ نه ايندو هو ۽ ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري پئي هلندي هئي. موسيقي کيس اتي ڄڻ سُڪ ڪري ڇڏيو. تڏهن ته چوندا آهن، ’موسيقي روح جي غذا آهي‘. اها روحن کي اندر تائين سيراب ڪري ٿي، ان فنڪارا گانو ختم ڪيو ته اڇا ڪپڙا پاتل ٻي ڇوڪري اتي ڳائڻ شروع ڪيو. منھنجو سڄو ڌيان مريم ڏانھن هو، جيڪا بنھه سيريس ٿي گيت ٻڌي رهي هئي.

اڌ ڪلاڪ کن اتي ويٺا رهياسين پوءِ اٿياسون ته چينيءَ مون کي سگريٽ آڇيو، جيڪو مون ’شي شي‘ چئي کيس اشارن ۾ ٻڌايو ته آءٌ نه پيئندو آهيان. [اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستان توڙي چين ۾ جيڪو مفت جو سگريٽ مليو ته ڦوڪي ويندو آهيان] جنھن تي هُن حيرت جو اظھار ڪيو. پوءِ اسان سڀني کان کلندي هٿ ملائيندي موڪلايو ۽ واپس پارڪنگ ڏانھن وڃڻ لڳاسون، جيئن گهر وڃي سگهون. ان وقت رات جا ٻه ٿيا هئا.

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button