Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

خواهش جو اظهار، سوچ کان حقيقت تائين جو سفر، خيالن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي طاقت

مينيفيسٽيشن يا خواهش جو اظهار يعني سوچ کي حقيقت ۾ بڻائڻ جو فن اهو فلسفو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته جيڪو اسين مسلسل سوچيندا آهيون، محسوس ڪندا آهيون ۽ جنهن تي يقين رکندا آهيون، اهو ئي آخر ۾ اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي

عبدالله عثمان مورائي

اسان جي زندگيءَ جو بنياد اسان جي خيالن تي رکيل آهي. انساني ذهن جي دنيا حيرت انگيز آهي. اها دنيا جتي خيال پيدا ٿئي ٿو، خواب جنم وٺن ٿا، ۽ اميدن جا ٻج پوکيا وڃن ٿا. هر تبديلي، هر ايجاد ۽ هر ڪاميابي، ڪنهن نه ڪنهن جي سوچ مان ئي شروع ٿي آهي. پر ڇا خيالن ۾ حقيقت کي بدلائڻ جي صلاحيت آهي؟ جديد نفسيات ۽ روحانيت ۾ هن سوال جو جواب هڪ واحد لفظ ۾ ڏنو وڃي ٿو جيڪو آهي اظهارِ تمنا (Manifestation) يعني خواهش جو اظهار.

 مينيفيسٽيشن يا خواهش جو اظهار يعني سوچ کي حقيقت ۾ بڻائڻ جو فن. هي اهو فلسفو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته جيڪو اسين مسلسل سوچيندا آهيون، محسوس ڪندا آهيون ۽ جنهن تي يقين رکندا آهيون، اهو ئي آخر ۾ اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي. هي دراصل “ڪشش جي قانون” (Law of Attraction) تي عمل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.

 مينيفيسٽيشن ڇا آهي؟

” مينيفيسٽيشن “ جو مطلب آهي پنهنجي سوچ، ايمان ۽ توانائيءَ جي ذريعي ڪنهن شيءِ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ظاهر ڪرڻ. سادن لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن ڳالهه کي پوري ايمان سان چاهي، ان لاءِ محنت ڪري ۽ مثبت توانائيءَ سان ان جو تصور پنهنجي ذهن ۾ زنده رکي ته آهستي آهستي اهو خيال حقيقت بڻجي سگهي ٿو.

اهو ڪو جادو نه آهي، پر انساني ذهن ۽ ڪائنات جي توانائيءَ جو هڪ گهاٽو تعلق آهي. هر خيال هڪ لهر پيدا ڪري ٿو، جيڪا ڪائنات ۾ گونجي ٿي ۽ ساڳئي قسم جي توانائي واپس موٽائي ٿي. اهو ئي اصول آهي جنهن کي گهڻا ماڻهو “Law of Attraction” (قانونِ ڪشش) چون ٿا.

خيال جي طاقت

سڀ ڪجه سوچ مان ئي پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن ذهن ناڪاري خيالن سان ڀريل هجي ته نتيجا به اونداها ٿين ٿا، پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن ذهن ۾ اميد، ايمان ۽ شڪرگذاري هجي ته رستو پاڻ روشن ٿي وڃي ٿو.

مثال طور هڪ شاگرد جيڪو هر وقت چوي ٿو “مون کان نه ٿيندو”، اهو پاڻ تي ئي پنهنجا در بند ڪري ٿو. پر جيڪڏهن ساڳيو شاگرد چوي ته “مون کي اهو ڪرڻو آهي، مان ڪري سگهان ٿو”، ته اهو پاڻ پنهنجي ذهن ۾ ڪاميابيءَ جو ٻج پوکي ٿو. سنڌي چوڻي آهي ته، ”جيئن سوچ، تيئن ٿيندو.“

تصور (Visualization) جو ڪمال

مينيفيسٽيشن جو سڀ کان اهم ڪم ۽ وک تصور ڪرڻ آهي يعني پنهنجي خواهش کي اهڙي طرح ڏسڻ ڄڻ اها اڳ ۾ ئي حاصل ٿي وئي هجي. جيڪڏهن توهان نئين نوڪري چاهيو ٿا ته پاڻ کي ان آفيس ۾ ڪم ڪندي ڏسو، پنهنجي ڪرسي, ٽيبل يا ڊيسڪ، ساٿي ۽ خوشيءَ جو احساس محسوس ڪريو. اهو تصور توهان جي دماغ ۾ اهڙي توانائي پيدا ڪندو، جيڪا توهان کي ان نشاني ڏانهن وٺي ويندي.

ايماني يقين ۽ عمل

مينيفيسٽيشن رڳو خيال تائين محدود ناهي پر ان لاءِ ايمان ۽ عمل ضروري آهن. خيال هڪ ٻج آهي، ايمان پاڻي آهي ۽ عمل سج جي روشنيءَ وانگر آهي. بغير محنت جي ڪو خواب سچ نٿو ٿي سگهي.

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو مقصد ڪاروبار ۾ ڪاميابي آهي ته هن کي رڳو ڪاميابيءَ جو تصور ڪرڻ نه پر عملي قدم به کڻڻا پوندا جيئن رٿابندي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ايمانداريءَ سان محنت ڪرڻ.

ڪائنات سان هم آهنگي

مينيفيسٽيشن ان وقت ڪم ڪري ٿي جڏهن انسان پاڻ کي ڪائنات جي وهڪري سان هم آهنگ ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن پاڻ شڪرگذاريءَ سان جيئندا آهيو، دل ۾ نفرت يا حسد نه رکندا آهيون ۽ ٻين جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيندا آهيو تڏهن ڪائنات به اسان جي مدد ڪري ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪو مقصد دير سان پورو ٿئي ٿو  ڇو ته ڪائنات پاڻ لاءِ صحيح وقت ۽ جڳهه جو انتظار ڪري ٿي.

منفي خيالن کان پاڪ ٿيڻ

اسان جي گهڻين ناڪامين جو سبب ناڪاري سوچ آهي، جيئن اهو سوچڻ ته “آء نااهل آهيان”، “قسمت خراب آهي”، “ڪنهن کي پرواهه ناهي”. اهي جملا اسان جي اندر جي توانائي کي ڪمزور ڪن ٿا.

 مينيفيسٽيشن لاءِ ضروري آهي ته ذهن مان اهڙيون رڪاوٽون صاف ڪيون وڃن. مراقبو (Meditation)، لکڻ، يا هر روز ڪجهه وقت خاموشيءَ ۾ گذارڻ ان ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

شڪرگذاري مينيفيسٽيشن جو راز

جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي موجوده زندگيءَ تي شڪرگذار آهي، ته هو وڌيڪ نعمتن جو حقدار بڻجي ٿو. ڪائنات هميشه انهن ماڻهن کي وڌيڪ ڏئي ٿي جيڪي شڪرگذاريءَ سان جيئندا آهن.

 روز اهو سمجهو ته توهان وٽ ڇا ڇا آهي، نه ڪي اهو ته ڇا ناهي. اهو رويو انسان جي اندر هاڪاري توانائي پيدا ڪندو، جيڪا انسان جي خواهشن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

زندگيءَ ۾ عملي مثال

تاريخ ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙا گذريا آهن جن پنهنجي سوچ جي طاقت سان دنيا بدلائي ڇڏي. مثال طور ايڊيسن جي ذهن ۾ بلب جو تصور پهرين فقط رڳو هڪ خيال هو، جيڪو پوءِ دنيا کي روشن ڪري ويو. انڌي ۽ ٻوڙي عورت هيلن ڪيلر جي زندگي مينيفيسٽيشن جو بهترين مثال آهي. هن پنهنجي محدود جسماني حالتن باوجود علم، حوصلي ۽ اميد جي ذريعي ناممڪن کي ممڪن بڻايو. ڪيترائي عام ماڻهو به روزانو مينيفيسٽيشن ڪندا آهن. ڪنهن جو خواب هوندو آهي نئون گهر، ڪنهن جو وري پنهنجن ٻارن لاءِ بهترين زندگي جو هجڻ ۽ ڪو وري اندروني سڪون چاهي ٿو. جيڪي ايمان ۽ محنت سان اڳتي وڌن ٿا اهي پنهنجي منزل ضرور ماڻين ٿا.

سائنسي ۽ نفسياتي پهلو

نفسيات مطابق، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مقصد تي ڌيان ڏئي ٿوته دماغ جو “Reticular Activating System (RAS)” فعال ٿي وڃي ٿو جيڪو ڪنهن انسان کي انهن موقعن ڏانهن ڌڪيندو آهي، جيڪي انهن جي خواهش سان لاڳاپيل آهن. يعني جڏهن توهان ڪنهن ڳالهه تي پڪ سان يقين رکو ٿا ته دماغ پاڻ مرادو اهڙيون حالتون، ماڻهو ۽ رستا ڏسڻ شروع ڪري ٿو جيڪي توهان کي ان مقصد تائين پهچائين ٿا.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته مينيفيسٽيشن يا خواهش جو اظهار ڪو جادو نه پر انساني شعور جي طاقت جو مظاهرو آهي. جڏهن ڪو انسان پنهنجي هاڪاري سوچ، ايمان ۽ دل سان عمل کي هڪ ئي رخ ۾ گڏ ڪري ڇڏيندو آهي ته زندگي پاڻ بدلجي وڃي ٿي. ڇو ته هر خيال، جيڪو ايمان ۽ محنت سان گڏ آهي اهو هڪ ڏينهن حقيقت بڻجي وڃي ٿو. ڪائنات هميشه ٻڌي ٿي پر بس انسان کي پنهنجي آواز کي ايمان سان بلند ڪرڻو آهي.

________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائوند واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توري اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button