مُني صدي اڳ چين جي آزاديءَ جي يادگار چنگ چو مائونٽين پارڪ جو سير
هيءَ پارڪ ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ بوٽنيڪل گارڊن پڻ آهي جنھن ۾ قسمين قسمين وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن . سڄي پارڪ ’چنگ چو جبل‘ تي ٺھيل آهي ۽ جبل ٽوڙي نھايت خوبصورت رستا ٺاهيا ويا آهن
چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائوپنگ‘ چين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنگاپور ۽ اُتان وزيراعظم لي ڪو آن يو جي تجربن مان به سکيو
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
اُڻٽيھين آڪٽوبر 2024: جڏهن نئننگ پھتو هئس ته مون هتي اڳ ۾ موجود همراهن کان پڇيو ته نئننگ ۾ گهمڻ جھڙا ڪھڙا هنڌ آهن؟ ٻين ڪيترين ئي جڳهين سان گڏ هنن چيو پي ته مائونٽين ضرور ڏسجو. دل ۾ چوندو هئس ته سڄي وهي ته جبل ڏٺا ۽ جهاڳيا اٿئون، وري هتي به جبل ڏسان.
ڪجهه ڏينھن گذريا ته دوست پُڇڻ لڳا. ڇا ڇا گهميو اٿوَ ته جيڪي جايون ان وقت تائين ڏسي چڪو هئس اهي ٻڌائيندو هئس ته پڇندا هئا ته ”مائونٽين نه ويا آهيو؟“
”اها مائونٽين وري ڪھڙي بلا آهي، جو سڀ ان جو پيا پُڇن. “نيٺ هڪ ڏينھن وشال کي چيم، ”مائونٽين ڪھڙي بلا آهي؟“
”گهمڻ جو هنڌ آهي. جلد ئي پاڻ به هلنداسين.“ وشال وراڻيو.
رات وشال چيو ته ”سڀاڻي چنگ چو مائونٽين هلنداسين “
”چنگ چو مائونٽين ان مائونٽين کان ڌار هنڌ آهي، ڇا جنھن بابت دوست پيا پُڇندا آهن. “پڇيم.
”ساڳيو ئي آهي… نالو چنگ چو اٿس، پر هتي رڳو مائونٽين چوندا آهن. ڏاڍو سٺو هنڌ آهي. وڏو شاندار پارڪ آهي “
تڏهن وڃي ڳالهه سمجهيم ته ”مائونٽين“ اصل ۾ ”چنگ چو مائونٽين“ کي مختصر لفظن ۾ چوندا آهن.

هينئر اسان ’چنگ چو مائونٽين‘ گهمڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهيون.ڪار نئننگ جي مختلف رستن تان ٿيندي مائونٽين ڏانھن وڌي رهي هئي ۽ آءٌ دستور موجب دريءَ مان ٻاهر جا نظارا ڪرڻ لڳس. گاڏيون پنھنجي مقرر رفتار سان هلي رهيون هيون. ڪنھن کي به تڪڙ محسوس نه پي ٿي. اور ڪراسنگ نه هئڻ سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ جو مسئلو ئي نه هو. البت مون اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا موٽرسائيڪل وارن کي سگنل ٽوڙيندي ڏٺو. خير اهڙا جوڌا ته هر هنڌ هوندا آهن. باقي جي سنگنل ٽوڙڻ جي دوران همراهه سان ڪو حادثو ٿي پيو ته پوءِ ئي سنگنل ٽوڙڻ جي خبر پويس ٿي ته گهڻي ويھين سئو آهي. ايئن هتي بائيڪ هلائڻ لاءِ هيلمٽ پائڻ به لازمي آهي. پر پوءِ به اڪثريت هيلمٽ پائڻ کان سواءِ پئي هلندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پوليس آپريشن ڪندي آهي ته بنا هيلمٽ وارن کي جهليندي آهي، پڙ تي پلاند يعني پنجاهه يوآن ڏنڊ وصول ڪندي آهي.
اسان نيٺ ”چنگ چو مائونٽين“ پھچي وياسين. گاڏي پارڪنگ ۾ بيھاري کشين ٽڪيٽون وٺڻ ويئي ۽ آءٌ آسپاس جائزو وٺڻ لڳس. هن ’چنگ چو مائونٽين پارڪ‘ جو بنياد چين جي آزادي واري سال 1949ع ۾ رکيو ويو هو ۽ هينئر 2024ع ۾ پنجھتر سال يعني مُني صدي پوري ٿي اٿس. جنھن جي ياد ۾ سامھون هڪ نھايت سھڻو ’مونومينٽ‘ ٺاهيو ويو هو، جنھن جي چوڌاري خوبصورت گلن جي چادر وڇايل هئي ۽ ان مونومينٽ جي وچ تي لکيل هو 2024-1949ع- 75 سال. اهو مونومينٽ ’نيشنل ٽوئرسٽ اٽريڪيشن.‘ پاران ٺھرايو ويو آهي.

کشين ٽڪيٽ وٺي آئي ته اسان اندر گهڙياسين ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين. چوڌاري رنگارنگي گل ٻوٽا، وڻ ۽ وڻڪار، ڏسڻ سان ئي ماڻهو پاڻ کي ڪنھن ٻي دنيا ۾ محسوس ڪرڻ ٿو لڳي. ان مھل سامھون شٽل ٽرين اچي رهي هئي، جنھن ٽوئرسٽن کي سڄي پارڪ جو سير ٿي ڪرايو، ان جي ٽڪيٽ ڏهه يوان هئي. ان ٽڪيٽ تي لکيل هو:
One- Ride Ticket for men. Train of Nanning Xing xiu shan tourism area.
ائين پنڌ ئي پنڌ سڄو پارڪ ڏسڻ ممڪن ئي نه هو. هيءَ پارڪ ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ بوٽنيڪل گارڊن پڻ آهي جنھن ۾ قسمين قسمين وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن ۽ انهن جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائيءَ تي وڏو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. وڻن جا پن ته ڪرندا رهن ٿا. جن کي به اتي مخصوص ٽوپيون پائي صفائي جو ڪم ڪندڙ عملو صاف ڪندو رهي ٿو. باقي ته ڪٿي پني جو ذرو يا ڪا ٻي شئي نظر نه آئي. خدا تعاليٰ جيڪڏهن هنن کي سُھڻو ملڪ ۽ قدرتي سونھن سان مالا مال عطا ڪيو آهي ته هنن پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي ۽ قدرت جي ڏنل سونھن جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪئي آهي. اسان به ٽڪيٽ وٺي ٻين وزيٽرس سان گڏ مني ٽرين اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ مني ٽرين آئي ته اسان سڀ ان ۾ چڙهياسين، ٽرين ۾ ٽي گاڏا هئا. ٽرين هلڻ شروع ڪيو ته ٽرين مان چيني ٻولي ۾ ڪمينٽري به شروع ٿي ويئي. آسپاس ڇا ته خوبصورت نظارا هئا. ڏسڻ سان ڍئو ئي نه ٿي ٿيو. اهو سڄو پارڪ ’چنگ چو جبل‘ تي ٺھيل آهي ۽ جبل ٽوڙي نھايت خوبصورت رستا ٺاهيا ويا آهن. موسم جھڙالي هئي، تنھنڪري ٽرين جي هلڻ سان ٿڌڙيون هيرون پي لڳيون. وچ وچ ۾ ڪيترائي چيني اڪيلا ۽ جوڙا جوڙا پنھنجي مستيءَ ۾ مست هلندا پي ويا. ڪٿي ڪٿي ته ٻنهي پاسي اُڀو جبل هو ۽ وچ مان رستو هو. انهن جبلن جي هڪ ٻاڙي به ساوڪ کان خالي نه هئي. ٽرين ويھارو کن منٽ پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ پوءِ هڪ هنڌ بيٺي ۽ اسان سڀ لٿاسين. سامھون هڪ نھايت خوبصورت گل ۽ ٻوٽن سان ججهيل ميدان هو. جتي ماڻهو گهمي رهيا هئا. ميدان سان گڏ هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ ٺھيل هئي. جنھن کي ريلنگ لڳل هئي. ڍنڍ اندر مڇيون به نظر اچي رهيون هيون ته پن، پاٻوڙا ۽ بيھه پڻ. اوڏي مھل مون کي اسان جو خطو ماڃر، ضلع سجاول ياد اچي ويو. جتي جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پٻڻ جام ٿئي، ڪُم، ڪُوڻيون، پاٻوڙا، بيھه، مڇي ۽ لوڙهه جام ٿئي. جيڪي ماڻهو نه رڳو کائين، پر وڪڻي گذر سفر به ڪن. ڍنڍ جي پرينءَ ڀَر ساوڪ سان جنجهيل ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ۽ وڏا وڻ وڻڪار جا بيٺا هئا. اُتي ئي ڪيتريون جهونيون پنجن پنجن ڇھن ڇھن جي ٽولين ۾ مختلف روايتي چيني ڊريسن ۾ بيٺيون نه رڳو چيني موسيقي تي رقص ڪري رهيون هيون، پر پنھنجون وڊيوز به ٺاهي رهيون هيون.
مريم اسان جي اڳيان ڊوڙندي ۽ ٽھڪ ڏيندي ٿي هلي ۽ اسان سندس پويان. اڳتي وياسين ته ڏٺوسين ته اڃا به پارڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم هلي رهيو هو. ڪافي دير تائين اسان پارڪ ۾ گهمندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين. نيٺ ٿڪاوٽ شروع ٿي ويئي ۽ واپس ورڻ جي ڪئيسين. واپسي وري به مني ٽرين ۾ ٿي. هاڻ باغ جو ڪجهه ٻيو پاسو ڏٺوسين. هن سڄي پارڪ ۾ به مون ڪو پکي نه ڏٺو ته وشال کي ٻه ٽي دفعا چيم ’چيني ڪيڏا نه بدقسمت آهن، جو هنن سڀ پکي کائي هَنگي ڇڏ يا نه ته پکين جون ٻوليون کين ڪيڏو نه سڪون ڏين ها.“

’چنگ چو پارڪ‘مان ٻاهر نڪرڻ مھل اوچتو وشال چيو،”ابو پکي. “ مون وشال جي آڱر جي اشاري تي ڏٺو ته سامھون ڇٻر تي ڪوئل جھڙو هڪ ڪارو پکي ويٺو هو. ”ٻيلي شڪر جو، چين ۾ پکي ته ڏٺوسين.“ مون چيو. تيسين مٿي وڻ تان ٻن ٽن ٻين پکين جي چھه چھه ٻڌڻ ۾ آئي. ”لڳي ٿو هتي ڪجهه ٻيا پکي به آهن.“ چيم. ”وڏا ڀاڳ وارا آهن جو چينين جي کاڄ ٿيڻ کان بچي ويا.“
اسان ٻاهر نڪري اچي روڊ تي بيٺاسين. کشين پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي آئي، مريم رستي تي ئي پلٿي هڻي ويھي رهي. اسان ڪار ۾ ويٺاسين ته مريم ٿوري ئي دير ۾ ڏاڏهينس جي ڪڇ ۾ سُمھي رهي.
واپس ورندي سڄي واٽ آءٌ اهو سوچيندو رهيس ته مادي ترقي پنھنجي جاءِ تي، پر هڪ باوقار ۽ ترقي يافته قوم تڏهن ٺھي سگهي ٿي، جڏهن اها قوم پنھنجي جسماني ۽ ذهني صحت جو به خيال رکي. ان سلسلي ۾ چين جي شھرن ۾ هنڌ هنڌ پارڪ ۽ ورزش ڪرڻ جون جايون ٺاهي، چيني حڪومت پنھنجي عوام کي صحت مند رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
*
ڪالهه چين جي ترقيءَ جي حوالي سان مون ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو پروفائيل پي پڙهيو، جنھن ۾ لکيل هو ته هن سنگاپور جي ترقيءَ مان سکڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪيو ۽ سنگاپور جي وزيراعظم ’لي ڪو آن يو‘ سان ملي سندس تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ سنگاپور جي ڪرشمي ساز شخصيت هو. ’لي ڪو آن يو‘ زندگيءَ ۾ پنج ڪم ڪيا. جنھن سان هڪ سڄي قوم پٽ تان اٿي ڇت تي پھچي ويئي. سندس پھريون ڪم ايمانداري هو، هو بي انتھا ايماندار هو، سڄي زندگي ۾ هڪ پئسي جي به بي ايماني نه ڪيائين ۽ ان کان پوءِ پنھنجي چوڌاري ايماندار ماڻهو گڏ ڪيائين. ’لي ڪوآن يو‘ 23 مارچ 2015ع تي گذاري ويو. ان وقت سنگاپور دنيا جي وڏي اڪانامي هو، پر ان اڪانامي ۾ سندس ڪا ڪمپني، ڪا فئڪٽري، ڪا بلڊنگ يا ڪو پلاٽ وغيره نه هو. دنيا ۾ هٿين خالي آيو ۽ هٿين خالي ويو.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي
جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي
ٿي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
سندس ٻيو ڪمال سادگي هو. سنگاپور ۾ وزيراعظم جي لاءِ ڪو ذاتي جھاز ڪونهي. ’لي ڪو آن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور ايئر لائين ۾ سفر ڪيو. کيس ڪنھن اهڙي ملڪ ۾ وڃڻو هوندو هو، جتي سنگاپور ايئرلائين نه ويندي هئي ته هي ان جي ويجهي ملڪ ۾ ويندو هو ۽ اتان ان ملڪ جي ايئرلائن ۾ سفر ڪندو هو. هن سڄي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو سنگاپور ايئر لائين جو جھاز ذاتي طور استعمال ڪيو ۽ اهو به تڏهن جڏهن سندس زال برطانيا ۾ بيمار هئي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ کيس سڄو جھاز استعمال ڪرڻو پيو، جنھن تي به هن سڄي قوم کان معافي گهري. هو ’قوم جو ابو‘ هو، پر ان هوندي به هُن 1990ع ۾ اقتدار ڇڏي ڏنو ۽ وزيراعظم مان ڪابينا جو سينئر وزير بنجي ويو. ان کان پوءِ سنگاپور ۾ اها روايت پئجي ويئي ته وزيراعظم رٽائرمينٽ کان پوءِ وزير جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندو هو ۽ ان تي کيس ڪابه ڦڪائي نه ٿيندي آهي. ’لي ڪو آن يو‘ کان پوءِ سندس پٽ ’لي شين لونگ‘ وزيراعظم ٿيو. هو پُٽ جي ڪابينا ۾ سينئر وزير رهيو. پٽھنس جو مدو پورو ٿيو ته هو به ’لارنس وانگ‘ جي ڪابينا ۾ وزير بنجي ويو. ’لي ڪوآن يو‘ جي سڄي ڪابينا سادي هئي، وزير به عام ڪپڙا پائيندا هئا، پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا هئا. سندس ٽيون ڪمال ميرٽ هو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي ميرٽ تي سمجهوتو نه ڪيو. هن 1990ع جي ڏھاڪي ۾ سرڪاري ملازمن ۽ وزيرن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وڌيڪ پگهارون ڏيڻ شروع ڪيون. هو بھترين دماغ ۽ اهل ماڻهن کي چونڊيندو هو ۽ کين ڪارپوريٽ سيڪٽر کان به وڌيڪ پگهارون ڏيندو هو ۽ پوءِ کين ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏيندو هو. سنگاپور انهن ماڻهن ٺاهيو، هو چوندو هو، ملڪ هلائڻ لاءِ 25 ايماندار وزير ۽ 25 ايماندار سيڪريٽري گهرجن بس. هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر مناسب آهي ته سنگاپور پورٽ ڊگهي عرصي تائين دنيا جو بھترين پورٽ رهيو، اهو پاڪستان نيوي جي هڪ آفيسر ڪيپٽن سعيد ٺاهيو هو. ’لي ڪوآن يو‘ کي ڪيپٽن سعيد ۾ ٽيلينٽ نظر آيو ۽ هو کيس ڪراچي مان سنگاپور وٺي ويو. همراهه ايترو ته ٽيلينٽ پرست هو.

’لي ڪو آن يو‘جو چوٿون ڪمال ’لا اينڊ آرڊر‘هو. سندس چوڻ هو ته جنھن ملڪ ۾ امن نه هوندو، اهو ترقي ڪري نه سگهندو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور جو ڪوبه رستو بند ٿيڻ نه ڏنو. سندس دور ۾ هڪ ڀيرو سنگاپور ايئرلائين جي پائليٽن هڙتال جي ڌمڪي ڏني. ’لي ڪوآن يو‘ سڀني پائلٽس کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ چيو ته سنگاپور ۾ ’ڊوميسٽڪ فلائيٽس‘ ڪونهن. اسان رڳو انٽرنيشنل فلائٽس هلايون ٿا. هتي جون ٻه سؤ ايئرلائينز منھنجي شرطن تي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اوهان جيڪڏهن سڀاڻي تائين هڙتال جي ڌمڪي واپس نه ورتي ته سنگاپور ايئر لائينز جا سڀ جھاز ’ليڊنگ رائٽس‘ سان ڪنھن ٻي ايئر لائين کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ پوءِ سنگاپور ۾ ڪڏهن به سنگاپور ايئر لائين نه ٺھندي. اوهان وٽ فيصلي جي لاءِ 24 ڪلاڪ آهن. پائلٽس ٻئي ڏينھن هڙتال جي ڌمڪي واپس وٺي ڇڏي ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن به هڙتال نه ٿي. ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪو مظاهرو، احتجاج يا هڙتال نه ٿي. تنھنڪري سنگاپور جي هر شخص کي خبر آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن رستي تي نڪرندس ته اهو کليل هوندو ۽ منھنجي آفيس، دڪان ۽ يونيورسٽي سڄو سال بند نه ٿيندي، تنھنڪري اتي ڪاروباري سرگرميون بند نه ٿيون ٿين.
’لي ڪوآن يو‘سڄي ملڪ کي ’ڪرائم فري‘به ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هُن ننڍن ننڍن ڏوهن کي هٿيار طور استعمال ڪيو. هن چيگم تي پابندي هڻي ڇڏي. ڪن ڪچرو پکيڙڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ۽ غلط جاءِ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ کي سنگين ڏوهه قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اوهان جيڪڏهن عوام کي ننڍن ننڍن ڏوهن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪندا ته سندن دلين ۾ رياست جو ڊپ ويھي ٿو رهي ۽ هو ڪڏهن به وڏو ڏوهه ڪرڻ جي غلطي نه ڪندا. سنگاپور جڏهن چيگم، گند ڪچرو پکيڙڻ ۽ غلط هنڌ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ تي هزار ڊالرن کان وٺي ٻه هزار ڊالرن تائين ڏنڊ وٺڻ شروع ڪيو ته ماڻهو ڊڄي ويا ۽ هاڻ اهي وڏي غلطي يا ڏوهه کان پري رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته جيڪو شخص گهٽي ۾ لفافي، شاپر يا رٻڙ اڇلائڻ تي معافي نه ٿو ڏي، اهو چوري، زنا يا ڌاڙي تي اسان سان ڪھڙو سلوڪ ڪندو. تنھنڪري سنگاپور ڪرائم فري سوسائٽي بنجي ويو.
’لي ڪوآن يو‘جو پنجون ڪمال ’بزنس فرينڊ لي‘ماحول هو. هن هڪ اهڙو سسٽم بنائي ڇڏيو، جنھن ۾ بزنس روزاني بنياد تي ترقي ڪري ٿو. تنھنڪري سڄي دنيا جا بزنيس مين، مُوڙي، نالي ۽ ٽيم سان سنگاپور اچي ويا. اوهان هنن جي ڪھڙي به وڏي آرگنائزيشن جو نالو کڻو، سنگاپور ۾ اوهان کي ان جي آفيس ملي ويندي. سڄي دنيا جا باصلاحيت واپاري به سنگاپور ۾ آباد آهن. يا سندن گهڻو وقت سنگاپور ۾ گذري ٿو. سنگاپور سياحت ۽ تفريح جو به وڏو مرڪز آهي. سنگاپور ۾ اوهان کي دنيا جي هر شئي ملندي. 36 ڪلوميٽر ۽ 50 لک آباديءَ واري هن ملڪ کي ان سطح تي پھچائڻ جو ڪم ’لي ڪو آن يو‘ فقط ٽن ڏھاڪن ۾ ڪري ڏيکاريو. دنيا جون قومون ٻين ملڪن جي ترقيءَ مان سکنديون ۽ سبق حاصل ڪنديون آهن ۽ عظيم چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائوپنگ‘ چين کي ترقي وٺرائڻ ۾ سنگاپور ۽ ’لي ڪوآن يو‘ جي تجربن مان به سکيو.
_______________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي