Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نفسياتي بحث: علم ۽ عقل جي وچ ۾ نظرياتي ۽ عملي فرق سمجھڻ جي ڪوشش

سنڌي ادب ۽ لوڪ روايتن ۾ ‘علم’ ۽ ‘عقل’ ٻه اهڙا لفظ آهن، جن کي اڪثر گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر انهن جي حقيقي نفسياتي ۽ فلسفياڻي معنائن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي

علم، هڪ ڄاڻ آهي جيڪا انسان حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته عقل، ان ڄاڻ کي زندگيءَ جي گهرائين کي سمجھي ۽ تجربن سان استعمال ڪرڻ جي صلاحيت آهي

عبدالله عثمان مورائي

سنڌي ادب ۽ لوڪ روايتن ۾ ‘علم’ ۽ ‘عقل’ ٻه اهڙا لفظ آهن، جن کي اڪثر گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر انهن جي حقيقي نفسياتي ۽ فلسفياڻي معنائن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. علم، هڪ ڄاڻ آهي جيڪا انسان حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته عقل، ان ڄاڻ کي زندگيءَ جي گهرائين کي سمجھي ۽ تجربن سان استعمال ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هي مضمون هن بنيادي فرق کي واضح ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ شخص علم جو انبار هجڻ جي باوجود ‘عقلمند’ نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهي ٻئي طاقتون اسان جي فيصلن جي راهه ڪيئن هموار ڪن ٿيون.

علم جا ذريعا ۽ ان جي نوعيت

علم  اصل ۾ حقيقتن، ڊيٽا، اصولن ۽ نظرين جو مجموعو آهي. ان جو ذريعوعام طور تي ٻاهريون  هوندو آهي، مثال طور اسڪول، ڪاليج، ڪتاب، ريسرچ آرٽيڪل ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڊجيٽل مواد ۽ انٽرنيٽ وغيره. علم ذريعي انسان ڪنهن به شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري سگهي ٿو، مثال طور، ڊاڪٽر جو علم انساني جسم جي بناوت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ۽ انجنيئر جو علم عمارتن جي تعمير جي اصولن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو.

علم جي نفسياتي بنياد ۾ يادگيري ۽ تجزياتي صلاحيت اچي ٿي. علم حاصل ۽ هٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي معلومات کي ذهن ۾ جمع ڪرڻو ۽ ان کي منظم ڪرڻو پوي ٿو. پر علم ۾ هيءَ خاموشي شامل آهي ته اهو رڳو ‘ڇا’ ۽ ‘ڪيئن’ جي سطح تي ڪم ڪري ٿو. اهو هڪ ذهني اثاثو آهي، پر ان جي استعمال جي ڪا به ضمانت يا گارنٽي ناهي.

عقل جو تصور ۽ ان جي اونھائي

ان جي ابتڙ، عقل رڳو ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها گڏ ڪيل ڄاڻ کي زندگيءَ جي مختلف حالتن، انساني جذبن، ۽ اخلاقي قدرن سان گڏ جوڙڻ جي صلاحيت آهي. عقل جو ذريعو ٻاهريون نه پراندروني آهي. جيڪو اسان کي  زندگي جي سخت حالتن، سبقن ۽ تجربن، انهن تجربن تي وري غور  ۽ فڪر ڪرڻ، مسئلن تي گهري سوچ ۽ اندروني جائزو وٺڻ،  ٻين ماڻهن جي احساسن کي سمجهڻ ۽ انهن سان ڳنڍجي انهن سان همدردي ڪرڻ، ان کانسواء حال جي فيصلن تي مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ اثرن کي ڏسڻ سان حاصل ٿئي ٿو.

نفسياتي ماهر عقل کي ‘ميٽا-ڪوگنيشن’ (Meta-cognition) يعني ‘سوچڻ بابت سوچڻ’ جي صلاحيت سان ڳنڍين ٿا. عقلمند ماڻهو نه رڳو ڄاڻي ٿو ته ڇا ٿي رهيو آهي، پر اهو به ڄاڻي ٿو ته ‘ڇو’ ٿي رهيو آهي ۽ ان جو مطلب ڇا آهي؟ عقل علم کي اخلاقي ۽ سماجي تناظر ۾ استعمال ڪرڻ جو فن سيکاري ٿو.

علم جي انبارن ۾ عقل جي کوٽ جو تضاد

اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن، جتي وڏي تعليمي سَندَ، وڏي ۽ معتبر حيثيت رکندڙ ماڻهو به بنيادي زندگي جي فيصلن ۾ ناڪام ٿين ٿا يا سماجي رشتن کي برقرار نه ٿا رکي سگهن. هي اهو ئي تضاد آهي جتي علم جي انبارن ۾ عقل جي کوٽ نظر اچي ٿي.

هڪ عالم شايد دنيا جي سموري فلسفي کي سمجهي پر پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سڪون حاصل نه ڪري سگهي، ته منجھس عملي عقل جي کوٽ آهي. هو نظرياتي طور ‘سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو’ پر عملي طور ‘ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.’ اهو ان ڪري ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته علم صرف هڪ خيالي فريم ورڪ آهي. اهو ٿي سگهي ٿو ته عالم شايد ڄاڻي ته ڪهڙو عمل صحيح آهي، پر عقل جي غير موجودگيءَ ۾ هُو اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته هن خاص صورتحال ۾ هن عمل کي ڪيئن ۽ ڪڏهن استعمال ڪجي.

ان کانسواء علم جامد ٿي سگهي ٿو. عقلمند ماڻهو علم کي صورتحال موجب مٽا سٽا ڪري ۽ لاڳو ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته رڳو علم وارو ماڻهو رڳو ڪتابي اصولن تي اٽڪيل يا جامد رهي ٿو. ٻيو وري علم جذباتي سمجهه پيدا نٿو ڪري، مثال طور هڪ عالم شايد علم حاصل ڪرڻ جي دٻاءَ هيٺ علم ته حاصل ڪري ٿو وڃي پر هو ٻين جي ضرورتن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪري ٿو وڃي، جيڪو عقل جي بنيادي تعريف جي ابتڙ آهي.

فيصلا ڪرڻ ۾ علم ۽ عقل جو گڏيل ڪردار

جيڪڏهن علم کي روشني چئجي، ته عقل انهيءَ روشنيءَ کي صحيح رستي تي استعمال ڪرڻ جو هنر آهي. صحيح فيصلا صرف تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن هي ٻئي طاقتون گڏجي ڪم ڪن ٿيون.

علم جو ڪردار اهو آهي ته علم فيصلي لاءِ ضروري حقيقتون ۽ امڪاني نتيجا فراهم ڪري ٿو. مثال طور، جيڪڏهن ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻو آهي ته علم ٻڌائيندو ته مارڪيٽ جو اڀياس ڪيئن ڪجي ۽ قانوني تقاضائون ڇا آهن.

عقل جو ڪردار وري ان ڄاڻ کي وٺي، تجربن جي ڇاڻي مان گذاري، ۽ اخلاقي فلٽر استعمال ڪري ٿو. عقل ٻڌائيندو ته مارڪيٽ ڊيٽا سٺي هجڻ جي باوجود، ڇا منهنجي ذاتي صلاحيت يا معاشرتي حالتون ان ڪاروبار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ عقل وقت، جاءِ ۽ ماڻهو جي مناسبت سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، مثال طور، ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ علم اسان کي ڏهن حلن جا اختيار۽ آپشن ڏئي ٿو، پر عقل پنهنجي دور انديشي سان ٻڌائيندو ته انهن ڏهن مان ڪهڙو حل مستقبل ۾ گهٽ نقصانڪار ۽ وڌيڪ فائدي وارو ثابت ٿيندو.

آخر ۾ حاصل مقصد ته علم ۽ عقل جي وچ ۾ فرق رڳو نظرياتي نه پر عملي آهي. علم هڪ طاقت آهي، پر عقل ان طاقت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي مهارت آهي. علم حاصل ڪجي ٿو، پر عقل زندگي جي لاهن ۽ چاڙهن، اندروني غور فڪر ۽ ٻين جي تڪليفن کي پنهنجي دل تي محسوس ڪرڻ  سان ڪمايو وڃي ٿو.

حقيقي ڪاميابي ۽ سڪون تڏهن ملي ٿو، جڏهن انسان پنهنجي علم جي واڌ کي پنهنجي عقل جي گهرائيءَ ۾ شامل ڪري ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته تعليم رڳو پڙهڻ تي نه، پر سمجهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جي بنياد تي هجي، ڇو ته عقلمند ماڻهو نه رڳو دنيا کي سمجهي ٿو پر ان کي بهتر بڻائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. حقيقي عالم اهو آهي جنهن جي ڄاڻ ۾ عقل جو نور شامل هجي.

______________

سنڌ جي مورو شھر جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو وڏي عرصي کان انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button