Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

لداخ: ماحولياتي اڳواڻ جي گرفتاريءَ انڊيا ۾ جمھوريت بابت ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا  

انجنيئر سونم وانگچُڪ کي لداخ جي خُودمختياريءَ لاءَ ٿيل مظاھرن کانپوءِ قومي سلامتيءَ واري قانون ھيٺ گرفتار ڪري جوڌپور جيل موڪليو ويو. سڄي ملڪ مان گرفتاريءَ جي مذمت

مظاھرو ڪندڙن سرڪاري عمارتن حملا ۽ گاڏين کي باھ ڏئي ڇڏي ھئي. سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ ۾ چار ماڻھو مري ويا ھئا

اسڪولن ۾ مقامي طور ايجاد ڪيل سولر سسٽم متعارف ڪرائڻ، ھٿرادو گليشيئرز، ۽ عوامي قسم جي ايجادن سبب دنيا ۾ مڃتا ماڻيندڙ وانگچُڪ تي الزام آھي تہ مظاھرن پُٺيان سندس ھٿ آھي

گُنجيت سِرا

انڊيا جي نامياري ماحولياتي اڳواڻ ۽ سماجي ۽ تعليمي سُڌارڪ سونم وانگچُڪ جي گرفتاريءَ کانپوءِ جمھوريت، راءِ جي اختلاف ۽ اھم ھماليائي علائقي لداخ جي مستقبل بابت بحث شروع ٿي ويو آھي، جتي ماحولياتي ۽ سياسي مفادن جو ٽڪراءُ ھلي رھيو آھي. سونم وانگچُڪ، جيڪو ڏھاڪن کان لداخ جي ماحولياتي بچاءَ لاءِ جاکوڙيندو رھيو آھي، تنھن جي گرفتاريءَ لداخ مٿان ھڪ غيريقيني حالتن جو پاڇو ورائي ڇڏيو آھي. 

وانگچُڪ کي 26 سيپٽمبر 2025 تي نيشنل سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ گرفتار ڪيو ويو آھي. ھيءُ اھڙو قانون آھي جنھن ھيٺ اختيارين کي مقدمو ھلائڻ بنا ڪنھن بہ شخص کي ھڪ سال تائين نظربند رکڻ جو اختيار مليل آھي. انھيءَ گرفتاريءَ سبب انڊيا ۾ جمھوريت ۽ راءِ جو اختلاف رکڻ واري حق بابت ڪيترائي سوال اُٿي رھيا آھن.

وانگچُڪ، جيڪو بنيادي طور ھڪ انجنيئر آھي، تنھن کي اسڪولن ۾ سولر سسٽم متعارف ڪرائڻ، ھٿرادو گليشيئرز، ۽ عوامي قسم جي ايجادن سبب دنيا ۾ مڃتا مليل آھي. لداخ ۾ پائدار انجنيئرنگ ۽ ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل تدبيرن سبب گھڻو ڄاتو وڃي ٿو. ھيءُ اُھو شخص آھي جنھن لداخ ۾ اسٽوڊنٽس ايڊيوڪيشنل اينڊ ڪلچرل موومينٽ جو بنياد وڌو ۽ متبادل اسڪولن جو تصور ڏئي ڏورانھن ھماليائي ڳوٺن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻارن کي عملي ڏيڻ جي شروعات ڪئي. وانگچُڪ ھٿرادو برفاني ڇِپن ۽ برف جي اسٽوپا جو باني بہ آھي جنھن تحت سياري جي مُند ۾ برف جا اسٽوپا ٺاھي بھار جي مُند ۾ انھن جو پاڻي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي عمل جي شروعات ڪئي.  

سندس ڪم اتي ئي ختم ڪونہ ٿيو. ھُن مقامي سامان استعمال ڪري اسڪولن لاءِ سولر سسٽم متعارف ڪيو تہ جيئن مقامي حالتن مطابق موسمي تبديلن کي منھن ڏئي سگھجي. سندس اھڙن ڪارنامن جي ڪري سڄي ھندستان ۾ چوٻول ھو ۽ چيو وڃي ٿو تہ ھاليووڊ جي فلم ”ٿِري اِڊيٽس“ بہ سندس ڪارنامن کان متاثر ٿي ٺاھي وئي ھئي. سندس اھڙن ڪارنامن جي ڪري کيس عالمي سطح تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا ھئا.  

لداخ انڊيا جو سڀ کان گھٽ آباديءَ وارو علائقو آھي جنھن جي ڪُل اباد ٽي لک ٻہ ھزار آھي ۽ ھڪ چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ فقط ٻہ ماڻھو رھن ٿا. انھيءَ جي باوجود جاگرافيائي طور ھن علائقي جي گھڻي اھميت آھي ڇو تہ انھيءَ جون سرحدون چين ۽ پاڪستان سان ملن ٿيون.

جڏھن انڊيا 2019 ۾ قانونسازي ڪرڻ بنا ڄمون ۽ ڪشمير جي نيم خودمختيار حيثيت ختم ڪئي، تڏھن لداخ وفاقي حڪومت جي انتظام وارو علائقو بڻجي ويو. ھاڻ ڪيترن ئي مقامي ماڻھن کي سندن زمين، سُڃاڻپ ۽ ماحولياتي تباھيءَ جو ڊپ وڪوڙي ويو آھي.  

سيپٽمبر مھيني جي 24 تاريخ ليھ ۾ مقامي ماڻھن مظاھرا ڪري وڌ ۾ وڌ خودمختياري ۽ لداخ کي آئين جي ڇھين شيڊول ۾ شامل ڪرڻ جي گھُر ڪئي ھئي. اھي مظاھرا پُرتشدد بڻجي ويا ھئا جنھن دوران سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا ويا، گاڏين کي ساڙيو ويو ۽ مظاھرو ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي فورس گولين جو وسڪارو ڪري چئن ماڻھن کي ماري وڌو. سرڪار الزام ھنيو تہ انھن مظاھرن پُٺيان وانگچُڪ جو ھٿ ھو.

ڇويھين سيپٽمبر تي وانگچُڪ کي گرفتار ڪري راجسٿان جي جوڌپور جيل موڪليو ويو. ساڳئي وقت سندس اين جي او لداخ اسٽوڊنٽس ايڊيوڪيشنل اينڊ ڪلچرل موومينٽ جو پرڏيھي فند وٺڻ وارو لائسنس بہ رد ڪيو ويو جيڪو انڊيا جي فارين ڪنٽريبيوشن ريگيوليشن ائڪٽ ھيٺ جاري ڪيو ويو ھو. 

وانگچُڪ جي گھر واري گيتانجلي آنگمو انھن الزامن کي رد ڪندي چيو تہ سندس مُڙس کي ڪُوڙن الزامن ھيٺ ڦاسايو پيو وڃي.

مُخالف ڌُر ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي اڳواڻ راھُل گانڌيءَ وانگچُڪ جي گرفتاريءَ کي ننديندي لداخ کي آئين جي ڇھين شيڊول ھيٺ تحفظ ڏيڻ جي گھُر ڪندي چيو تہ لداخ جو عوام ۽ سندن ڪلچر حملي ھيٺ آھن. ھماليا نِتِي اڀيان ۽ ٻين سول سوسائٽي تنظيمن بہ حڪومت جي قدمن کي ننديو جڏھن تہ لداخ واري ھلچل ھلائيندڙ تنظيم ڪارگل ڊيموڪريٽڪ الائنس اعلان ڪيو آھي تہ وانگچُڪ جي جدودجھد کي مولڪي سطح تائين کڻي ويندا تہ جيئن حق ۽ خودمختياري حاصل ڪري سگھجي.

تجزيو ڪندڙ چون ٿا تہ نيشنل سيڪيورٽي ائڪٽ غيرمعمولي حالتن ۾ ڪنھن کي بہ ھڪ سال لاءِ نظربند ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو پر انھيءَ قانون کي مخالفن جو آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي. مثال طور 2020 ۾ شھريت واري قانون خلاف مظاھرن خلاف توڙي 2021 ۾ سرڪاري پاليسين تي سوشل ميڊيا ۾ تنقيد ڪرڻ تي صحافي ڪشورچندر وانگکم خلاف اھو قانون استعمال ڪيو ويو.

ھيومن رائيٽس واچ جي ايشيا شاخ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميناڪشي گنگولي جو چوڻ آھي تہ نيشنل سيڪيورٽي ائڪٽ جو وانگچُڪ خلاف استعمال ظاھر ڪري ٿو تہ انڊيا ۾ جمھوري قدر گھٽجي رھيا آھن. اھو قانون خطرن کي ٽارڻ لاءِ نہ بلڪ مخالف آوازن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

سال 2020 ۾ گَلوان ماٿريءَ ۾ چڪرين دوران انڊيا جا ويھ ۽ چين جا چار فوجي مارجي ويا ھئا. انھيءَ کانپوءِ انڊيا اُڀرندي لداخ ۾ 68 ھزار فوجي ۽ نوي ٽينڪون موڪليون ھيون. اُن کانپوءِ وري وڌيڪ پندرھن ھزار سپاھي موڪليا ھئا. فوجين جو تعداد ليھ علائقي ۾ رھندڙ عام سويلين ماڻھن جي تعداد کان بہ گھڻو ھو.

لداخ حقيقت ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري بہ اھم آھي جتي برفاني ڇپون تيزيءَ سان ڳري رھيون آھن ۽ سنڌو طاس ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا انديشا پيدا ٿي رھيا آھن. چيو وڃي ٿو تہ برفاني دور کان وٺي ھيل تائين لداخ جا گليشيئرز چاليھ سيڪڙو سُسي ويا آھن. ماحولياتي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ آئين اُپاءَ نہ ورتا ويا تہ وڏي ماحولياتي تباھي ايندي.   

وانگچُڪ جي گرفتاريءَ تي سموري مولڪ جي سول سوسائٽي آواز اُٿاري رھي آھي. خاص طور قبائلي حقن واريون غير سرڪاري تنظيمون، ايمنيسٽي انٽرنيشنل انڊيا ۽ ٻيا ادارا سرگرم آھن. عالمي مبصرن جو خيال آھي تہ ھڪ پاسي انڊيا پنھنجو اختيار قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي تہ ٻئي پاسي عالمي سطح تي موسمياتي ساک قائم رکڻ چاھي ٿي. وِلسن سينٽر جي مائيڪل ڪُگلمئن جو چوڻ آھي تہ  لداخ نہ رُڳو ماحولياتي لحاظ کان اھم آھي پر ساڳئي وقت جاگرافيائي ۽ سياسي اھميت بہ رکي ٿو. وانگچُڪ جھڙي ماڻھوءَ کي گرفتار ڪرڻ مقامي آبادي اھڙي وقت بددل ٿي ويندي جڏھن جبلن جي ھُن پار چين جو خطرو موجود آھي. 

 يورپي مبصرن بہ آواز اُٿاريندي گھڻو ڪجھ چيو آھي. سوسائٽي فار ٿريٽينڊ پيپلز جي اُلرچ ڊيليوس چيو تہ، ”جمھوريت جو اندازو انھيءَ ڳالھ مان ٿيندو آھي تہ توھان مخالفن سان ڪيئن ٿا پيش اچو. ڊريڪونين قانون ھيٺ سونم وانگچُڪ جي نظربنديءَ سان غلط اشارا ملي رھيا آھن.“   

لداخ جي اڳواڻن ۽ نئين دھلي وچ ۾ ڳالھيون ھلي رھيون آھن، پر ڀروسي جي کوٽ آھي. ھن وقت انڊيا جو اھو شخص جيل ۾ بند آھي ۽ سندس مستقبل غيريقيني آھي، جيڪو عوامي سطح جي ايجادن سبب مشھور آھي.

________________  

گُنجيت سِرا انڊيا جي سينئر صحافڻ آھي

سنڌ ڪوريئر ۽ The AsiaN  جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button