Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ۾ 56 ٻوليون ڳالھائجن ٿيون، انھن مان ڪي خاتمي جي ويجھو آھن

چيني ٻولي ٻين ٻولين کي ڄڻ کائيندي پئي وڃي. چيني دنيا جي واحد زبان آهي، جنھن ۾ مٿي ڇڪي ڳالهائڻ، ڌيمو ڳالهائڻ ۽ تيز ڳالهائڻ سان مفھوم بدلجي ٿو وڃي

چين جي سفرنامي .مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ويھين آڪٽوبر 2024: وشال جي سس يعني کشين جي ماءُ ڏاڍي دلچسپ زنده دل ۽ محنتي خاتون آهي، هر وقت کلندي ٿي رهي. ناني هئڻ جي ناتي مريم سان وڏي دل اٿس. هر وقت سندن خيال پئي رکندي آهي. پٽَ تي ڪو ڇلڪو به ڏسندي آهي ته کڻي ڊسٽبين ۾ اڇليندي آهي. ڏاڍي صفائي پسند آهي. هر وقت مون کي ۽ پنھنجي سيڻ يعني نسيم کي ڪانه ڪا شئي کڻي ڏيندي آهي ته کاءُ، جنھن تي آءٌ ’شي شي‘ چئي سندس ٿورو مڃيندو آهيان.

ڪلهه مون وشال کان چيني ٻوليءَ جا ٻه ٽي جملا سکيا ته اڄ انهن جو واهه جو استعمال ڪيم. بک لڳي اٿئي کي چيني ۾ چئبو آهي. ”وو آ لا“، ۽ جي نه لڳي هوندي آهي ته جواب ڏبو آهي. ”وو پائو لا“يعني ”مون کي ڍؤ ٿيو پيو آهي.“

اڄ به صبح جو جيئن اٿي منھن ڌوئي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس ته هڪ پيالو چانورن يعني ڀت جو ڀري اچي مون کي ڏنائين، ان جي مٿان ڪا شئي ٻُرڪيل هئي، چانور اوٻاريل هئا. آءٌ سندس دل رکڻ خاطر ڪنھن به شئي کان انڪار نه ڪندو آهيان، سو ورتم ۽ ٻه ٽي چمچا کاڌم، صفا ڦڪا، لوڻ به نه هو. چيني اڪثر اوٻاريل ۽ ڦڪا کاڌا کائين. باقي ذائقي مٽائڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن تي مصالحي دار کاڌا به وڃي کائيندا آهن. پر اهڙن چينين جو تعداد ٿورو آهي.

منھنجي گهر واري جيڪي به ڪپڙا پائيندي آهي، تنھن جي هوءَ وڏي واکاڻ ڪندي ۽ خوش ٿيندي آهي، اسان پاڪستان مان کشين، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ لاءِ سلوار ۽ گهاگهريون ٺھرائي کڻي آيا هئاسين، سو اهي سڀ کشين ۽ سندس ڀيڻ کي ڏناسين. ان مان ڪالهه هڪ وڳو کشين پاتو ته کيس ڏاڍو پي ٺھيو. مون سندس واکاڻ ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيو ته گهڻي خوش ٿي. ٻه ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود به کشين ماڻهنس لاءِ آندل وڳو کيس نه ڏنو ته اڄ جڏهن نسيم جي ڪپڙن جي واکاڻ ڪيائين ته مون نسيم کي چيو ته،”کشين کان ڪپڙا وٺي هن کي ڏي.“ پوءِ جڏهن کيس ڪپڙا ڏناسين ته ان ئي وقت کڻي پاتائين ۽ ڏاڍي خوش ٿي، ان کان سواءِ هڪ پر س به کيس ڏنوسين، جنھن تي موتي جُڙيل هئا، سو به کڻي ڪلهي ۾ وڌائين ۽ مائي خوشيءَ مان اصل ٽڙي پئي. مون انهن ڪپڙن ۾ سندس فوٽو ڪڍيو ۽ پوءِ مڙسھنس لاءِ کيس هڪ لُنگي پڻ ڏنيم. جنھن تي پاڻ ۽ کشين ”شي شي“ چئي ٿورا مڃيا ۽ اسان کي بار بار چوندي رهي ته ”منھنجي ڳوٺ اچو، اوهان کي ڏاڍو مزو ايندو.“ جنھن تي وشال کي چيم ته ”يار هن جي ڳوٺ وٺي هل ته چين جي ٻھراڙي به ڏسان.“

بھرحال ايندڙ هفتي اسان سندس ڳوٺ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.

صبح مھل کشين جي ماءُ جنھن جو نالو ’وانگ هي ڪو‘ آهي، ۽ سندس ٻي ڌيءَ يعني وشال جي سالي، جنھن کي وشال ’جي جي‘ (يعني ڀيڻ) چوندو آهي، سندس نالو وانگ ين ڇنگ آهي، پاڻ ۾ ويٺيون ڳالهائي رهيون هيون ته وشال مون کي چيو ته،”هي پنھنجي ڳوٺاڻي ٻولي ۾ ڳالهائي رهيون آهن.“

”تون سمجهين ٿو؟“پڇيومانس.

”ٿوري ٿوري….“وشال وراڻيو.

مون ڌيان سان انهن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ شروع ڪئي. پر مون کي ڪوبه فرق ان ڪري محسوس نه ٿيو ته منھنجي لاءِ چيني به دٻي ۾ ٺڪري مثل آهي. ٻنهي جا ٽونز/ آواز سمجهڻ کان سواءِ انهن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هو. مون نيٺ وشال کي چيو ته پُڇينس ته اها ڪھڙي ٻولي آهي؟ وشال کانئن پُڇيو. هنن وراڻيو ته ”چنگ چائو.“ يعني اها چينيءَ کان ڌار ٻولي هئي، چيني سرڪاري انگن اکرن موجب چين ۾ 56 ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون، ٿي سگهي ٿو ته اها ”چنگ چائو“ ٻولي به انهن مان هڪ هجي، ڪجهه ٻوليون اهڙيون به آهن، جيڪي خاتمي جي ويجھو آهن ۽ چيني ٻولي انهن کي ڄڻ کائيندي پئي وڃي.

چيني زبان جي نمايان ۽ امتيازي خاصيت سندس چار ٽونز (آواز Tones) آهن، جن جا نالا هن ريت آهن. هڪ: فيلٽ (Flate)، ٻيو: رائزنگ (Rising)، ٽيون: فالنگ ۽ رائزنگ (Falling and Rising) ۽ چوٿون: فالنگ (Falling). هڪ چيني شھري ئي ٻي چيني شھريءَ جي لفظن جي لاهه چاڙهه سان بدلجندڙ مفھوم سمجهي سگهي ٿو.

ان کان سواءِ چيني زبان جي ڪئريڪٽرز ۾ اسٽروڪس (Strokes) بنيادي اهميت رکن ٿا. بنيادي اسٽروڪس اٺ آهن. دراصل ٻه يا ان کان وڌيڪ اسٽروڪس جيڪي پاڻ ۾ جڙيل هوندا آهن ۽ هڪ مجموعي يا سيٽ جي صورت ۾ هوندا آهن، انهن جو ڪل تعداد 29 آهي ۽ 39 قسم جي مختلف اسٽروڪن سان چيني ڪئريڪٽرز جُڙن ٿا. چيني ڪئريڪٽر لکڻ جا ڪجهه متفق اصول آهن. انهن اسٽروڪس کي صدين کان چين ۾ اختيار ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ انهن ۾ اسٽروڪس جي ترتيب ڏاڍي نمايان ۽ چٽي آهي. چيني ڪئريڪٽرز کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پھريون قسم شيانگ سنگ (Xiang xings) آهي، جنھن جو مطلب شڪلين جي ذريعي چيني ڪئريڪٽرز جو اظھار آهي. ان قسم جون علامتون انهن شين جي خصوصيتن سان ميلاپ رکن ٿيون يا ائين به چئي سگهجي ٿو، اهي دنيا ۾ موجود شين جو عڪس هونديون آهن، جھڙوڪ: ٻني، سج ۽ جبل جي چيني زبان جي علامت. شيانگ تنگ اصولن جي بنياد تي چيني علامتن يا ڪئريڪٽرز جا پھريان يا شروعاتي سيٽ ترتيب ڏنا ويا آهن. ٻيو قسم ذي شي (Zhishi) علامتن/ نشانين جي پاڻمرادو وضاحت هوندي آهي. تصويري نشانين يا ڪئريڪٽرز جي ابتڙ اهي ڪنھن به شئي جي جسماني ساخت سان هڪجھڙائي نه ٿيون رکن. البت انهن ۾ ڪجهه اشارا هوندا آهن. جھڙوڪ: مٿينءَ يا هيٺين طرف اشارو يا نشاني. ٽيون قسم هوئي اي (Huiyi) نشانين يا ڪئريڪٽرن ۾ باهمي ربط/ ڳانڍاپو قائم ڪندڙ مجموعا هوندا آهن. اهي گهڻو ڪري ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪئريڪٽرز گڏي ڪنھن شئي جو مطلب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. چوٿون قسم شنگ شينگ (Xing sheng) ڪئريڪٽرز آهن، جن کي تصويري يا مورت وارا ڪئريڪٽر به چيو ويندو آهي. ان قسم جي ڪئريڪٽرز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه نشانيون جڙيل هونديون آهن. هڪ نشاني جو مطلب اظھار هوندو آهي ۽ ٻئي جو مطلب آواز هوندو آهي. چيني زبان جا گهڻا تڻا ڪئريڪٽرز شنگ شينگ (Xing sheng) آهن.

چيني دنيا جي واحد زبان آهي، جنھن ۾ مٿي ڇڪي ڳالهائڻ، ڌيمو ڳالهائڻ ۽ تيز ڳالهائڻ سان مفھوم بدلجي ٿو وڃي.

اڄ ئي شام جو جڏهن هڪ رستي تان لنگهي رهيا هئاسين ته ٻه مايون پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون، ته وشال مون کي چيو، ”هي مايون مقامي زبان ڳالهائي رهيون آهن.“

”اها ساڳئي جيڪا کشين جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڳالهائي رهيون هيون… چنگ چائو. “

”نه، هيءَ ٻي ٻولي آهي.“ وشال وراڻيو.

_____________

يوسف سنڌي ھڪ ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button