Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني شاعريءَ جون پاڙون نھايت گھرائيءَ سان چين جي سرزمين ۾ کُتل ھونديون آھن

اُتي جا صحرا، دريا، جبل، ڍنڍون، ماٿريون، نظارا، گذريل تاريخي واقعا، وغيره چين جي تھذيبي سفر جا داستان آهن. اِهي سڀ اُهي علامتون آهن. جيڪي چيني شاعر استعمال ڪري ٿو

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

چيني شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري اختصار پسنديءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ’لي ساؤ‘ واحد طويل چيني نظم آهي‘ نه ته عام چيني نظم چئن سِٽن ۽ وڌ ۾ ويھن پنجويھن سٽن کان وڌيڪ نه هوندا آهن. چيني شاعري ۾ تمام گهڻا موضوع آهن، پر انهن سڀني موضوعن جو مرڪزي نقطو زميني زندگي آهي. انفس و آفاق، انساني وجود ۽ موت کان پوءِ جي باري ۾ فيلسوفاڻي خيال آرائي چيني شاعري ۾ نه هئڻ جي برابر ٿي نظر اچي. فقط ’زين ٻڌمت‘ ۽ ’تائومت‘ جا شاعر ئي ذات ۽ ڪائنات جي مسئلن تي ڌيان ڌرين ٿا. چيني شاعرن جي تخليقي عمل تي جيڪڏهن ويچاريو وڃي ته اها خبر پوي ٿي ته هو هڪ گهڙي جي وجداني ڪيفيت ۾ ڪنھن شئي، لقاءَ، منظر، واقعي، ياد، خيال يا وجود کي شعر جو موضوع بنائين ٿا. جذبن ۽ خيالن جو اظھار ايتري ته اختصار ۽ داخلي جذبي سان ڪن ٿا، جو ڪي سٽون ڪنھن تجريدي تجربي جو حصو ٿيون لڳن. علامت پسندي چيني شاعري جو هڪ عام رويو آهي. چيني شاعريءَ جون پاڙون نھايت گھرائيءَ سان چين جي سرزمين ۾ کُتل نظر اچن ٿيون. اتي جا صحرا، دريا، جبل، ڍنڍون، ماٿريون، نظارا، گذريل تاريخي واقعا، وغيره چين جي تھذيبي سفر جا داستان آهن. اِهي سڀ اُهي علامتون آهن. جيڪي چيني شاعر استعمال ڪري ٿو. انهن مان ڪن علامتن سان چين جي بادشاهي دورن جي جبريت ۽ عام ماڻهن جي ڪارنامن سان منسوب آهن. اهي علامتون چيني شاعري ۾ سمجهڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي ڪري. تشريحي حاشين جي گهرج ٿي پوي. ٻيو ته چيني شاعري جي تخليقي عمل جي ڪيفيت ۽ واردات به ٿوري مختلف آهي. شاعر هڪ مٿاهينءَ تان ڪو منظر ڏسي ٿو ۽ قدرت جي آفاقيت کي ان منظر جي مرڪز ۽ وقت کي ٿورو آئوٽ آف فوڪس رکي ٿو.

چونڊ شاعري

توفو

شل پُٽڙا نه ڄمن

ڪالهه رات هڪ سرڪاري حڪم آيو،

ارڙهن سالن جي وهيءَ جي سڀني ڇوڪرن کي ڀرتي ڪيو وڃي

کين ’گاڌي جي هنڌ‘ جي بچاءَ ۾ مدد ڏيڻي هئي.

اي امڙ، اي ٻچڙو، نه رئو

ايئن ڳوڙها ڳاڙهڻ سان اوهان کي تڪليف ٿيندي

جڏهن ڳوڙها بيھي وڃن ته هڏيون اچن ٿيون،

تڏهن نه آسمان رحم کاڌو، نه زمين

ڇا توکي خبر آهي ته ’شان تنگ‘ ۾

ٻه وسنديون ويرانيءَ ۾ بدلجي ويون

هزارين ڳوٺ ڪُنڊن وارن ٻوڙن سان ڀرجي ويا؟

انسانن کي ڪُتن وانگر ڪُٺو وڃي ٿو،

عورتن کي ڪُڪڙين وانگر هڪليو وڃي ٿو،

جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته ڇوڪرن جي قسمت ڪيتري خراب هوندي

ته رڳو ڌيئرون ئي ڄڻيان ها

ڇوڪرا رڳو اُن ڪري ڄمن ٿا ته

هو وڏي گاهه هيٺان دفنايا وڃن

پوءِ به نيري سمنڊ وٽان لنگهبو ته

گهڻو اڳ جنگ ۾ مرندڙن جون هڏيون ملن ٿيون،

هو صفا سفيد آهن ۽ واريءَ تي اگهاڙيون پيون آهن

ننڍا جوان ڀوت ۽ پوڙها ڀوت هتي گڏجي روئن ٿا

جڏهن مينھن جو وسڪارو پوي ٿو،

سرءُ اچي ٿي ۽ ٿڌيون هوائون هلن ٿيون

انهن جا آواز وڏا ٿين ٿا، ايترا ته وڏا

جو مون کي خبر پوي ٿي ته ڏک ماري سگهي ٿو.

اوچين لھرن تي وهندڙ پکي

پنھنجي خوابن ۾ صحبت ڪن ٿا،

ڌنڌلڪي جي پيچري جي لاءِ

کُڙ کُٻيتن کي پنھنجي ئي روشني استعمال ڪرڻي ٿي پوي،

انسان رڳو جيئڻ جي لاءِ ٻي ڪنھن جي جان ڇو وٺي؟

رات گذري رهي آهي ۽ آءٌ هروڀرو آهون پيو ڀريان.

***

مائوزي تنگ

ديوتا

مون پنھنجو هٺيلو شاهه بلوط [جو وڻ] وڃائي ڇڏيو،

۽ تو پنھنجي بيد جو وڻ

شاهه بلوط ۽ بيد جي انداز ۾ ئي هو

سڌو آسمان ڏانھن وڌن ٿا

۽ نائين آسمان ۾ گهڙن ٿا

۽ چنڊ جا قيدي ”ووڪينگ“ کان پُڇن ٿا ته اتي ڇا آهي؟

۽ هو کيس اَملتاس جي وڻ تان

مئه نوشيءَ جي دعوت ڏي ٿو

چنڊ تي اڪيلي مائي ’چانگ وو‘ وڏو پلاند پکيڙي

۽ انهن نيڪ روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ

وشال آسمان تي نرت ڪري ٿي

هيٺ زمين تي اوچتو شينھن جي شڪست جي خبر

ٻُڌڻ ۾ پئي اچي

آسمان تي برسات جو جام اُبتو ٿي ويو آهي

۽ هو ڳوڙها پيو ڳاڙهي.

***

ليو شي جنگ

ڦيرو

اڄ هڪ رياست ته سڀاڻي ٻي

عروج ۽ زوال جي ڪھاڻين سان ڀريل

ڊگهي جدوجھد

ٿورو ڳڻيو ته شروع کان وٺي اڄ تائين

هر دور جا وفادار ۽ تابعدار وزير

ڏاها ۽ سمجهو بادشاهه

هن زمين جي هيٺان دفن آهن.

***

لويان

هڪ بيٿووني هاريءَ جي گهر جو دورو

ڪاٺ جي هڪ ڪمزور فرش تي هلندي

هڪ هيٺاهين ڪمري مان

هڪ ٻارڙي جي سڏڪي سڏڪي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيم

هو رُٺل هو

۽ زندگيءَ سان جهيڙي رهيو هو.

شايد ان ڪري ته سُھائي گهڻي گهٽ هئي

جڳهه به صفا سوڙهي هئي

۽ ماحول ۾ گهڻو هُل هو

ڪيترن ئي ڪوسن ڳوڙهن سان

هو ڪمري ڏانھن موٽي رهيو هو

سندس آواز ڪنھن پراڻي پيانوءَ وانگر ويٺل هو،

جيڪو سُر گهڙي پنھنجا تاثرات بدلائي رهيو هو،

۽ دريءَ مان نڪري ڪنھن تير وانگر

ٻاهر نڪري فضا ۾ ٻُرائجي رهيو هو

جڏهن اهو باغ جي مٿان لنگهيو ته

گُلن ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيا

جڏهن اهو گهٽين مٿان لنگهيو ته

گاڏين جي اچ وڃ بيھي رهي

جڏهن اهو گهرن جي مٿان لنگهيو ته

ماڻهو پريشان نظر اچڻ لڳا

پوءِ اهو سڄي دنيا جي مٿان لنگهيو

۽ درد اندر دلين ۾ حقيقت جو گداز ڀرجي ويو

پر پوءِ به ڏٺو ويو ته

اهو ٻارڙو اڃا به روئي جهيڙي رهيو آهي

ڇو ته روشني صفا گهٽ هئي

۽ ماحول ۾ گهڻو هُل هو.

***

چانگ چيائو

ياد

جڏهن جنگ ۾ شامل ٿيس ته

اڃا ڳڀرو جوان هئس

لامَ تان وريس ته

منھنجن وارن ۾ اَڇاڻ چٽي هئي

لشڪر جي لکين سورمن مان

باقي ڪي وڃي بچيا هئا

آهه، تن تنھا

ماضيءَ جي لھندڙ سج وانگر

انهن جي يادن ۾ گم آهيان.

***

فوهوان

عورت هئڻ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي

دنيا ۾ ڪير به ايترو سستو ڪونهي

ڇوڪرا دروازي جي سھاري بيٺل هوندا آهن

ڄڻ آسمان مان ڪريل ديوتا هُجن

سندن دليون چئن سمنڊن جو مقابلو ڪن ٿيون

هڪ هزار ميلن جي هوا ۽ ڌڌڙ جو

نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ڪير به خوش نه ٿو ٿئي

سندس ڪُٽنب کي مٿس ڪوبه ڀروسو نه هوندو آهي

هوءَ ڪنھن مرد جي چھري تي

نظرون وجهندي ۽ ڊڄندي آهي،

جڏهن هوءَ بارش بيھڻ تي ڪڪر جيان

گهر مان ويندي آهي ته

ڪير ٻه ڳوڙها ناهي ڳاڙيندو

هوءَ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي آهي ۽

چھري تي اطمينان سجائي وٺندي آهي

سندس ڏند ڳاڙهن چپن کي ڀڪوڙي وٺندا آهن

هوءَ ڪيترائي ڀيرا جهُڪندي ۽ مرندي آهي.

____________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button