Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ڳالھيون چيني ڪتاب، ذاتي مفادن لاءِ غدارين ۽ ھينري ڪسينجر جي ڏاھپ جون

هينري ڪسنجر چيو ھو، ”اوهان جيڪڏهن آمريڪا جا دشمن آهيو ته اوهان جي بچڻ جون اميدون آهن، پر جيڪڏهن اوهان سندس دوست آهيو ته پوءِ اوهان جو موت يقيني آهي.“  

”شھنشاهه کان شھريءَ تائين“  ڪتاب جي چيني ايڊيشن جي پويان لکيل آهي ته ”ڦو اي جي اها آتم ڪھاڻي چيني تاريخ جو هڪ باب آهي، ان کان سواءِ چيني تاريخ مڪمل چئي نه ٿي سگهبي.“

ڪتاب کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. اها حقيقت به آهي ته ان ڪتاب مان وڏو سبق اهو ٿو ملي ته فرد ذاتي مفاد لاءِ ڪيئن غداريون ڪندا آهن.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

اَٺاويھين نومبر 2024: رات ايوا (Yiwa) مان موٽياسين ته مون پھريون ڪم اهو ڪيو ته ”شھنشاهه کان شھريءَ تائين“ جو جيڪو باقي ڏيڍ صفحو ترجمي کان رهيل هو، اهو ڪري پورو ڪيم. ان ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ”منھنجي زندگيءَ جو پھريون اڌ“ ڪالهه 27 نومبر تي چين ۾ ترجمو ڪري پورو ڪيم. پھريون ڀاڱو 368 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي چيني ايڊيشن جي پويان لکيل آهي ته ”ڦو اي جي اها آتم ڪھاڻي چيني تاريخ جو هڪ باب آهي، ان کان سواءِ چيني تاريخ مڪمل چئي نه ٿي سگهبي.“ ڪتاب کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. اها حقيقت به آهي ته ان ڪتاب مان وڏو سبق اهو ٿو ملي ته فرد ذاتي مفاد لاءِ ڪيئن غداريون ڪندا آهن.

هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پاڪستان ۾ منھنجي لئبرري ۾ پيل آهي، موٽڻ سان ئي پھريون ڪم اهو ڪندس ته ان جو ترجمو شروع ڪندس ۽ هي ترجمو ٿيل ڀاڱو ڪمپوزنگ تي ڏيندس. هن ڪتاب ۾ ’ڦو اي‘ پنھنجي استاد ايف جانسٽن جي ڪتاب Twilight in forbidlin city جو به ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب ۾ جانسٽن جي ڪن لکيل ڳالهين کي رد به ڪيو اٿس. هاڻ ان ڪتاب جي ڳولا ڪبي. هٿ چڙهيو ته پڙهبو.

مُرڪ پبليڪيشن واري مرتضي لغاري سان ڳالهايم ته منھنجي ترجمو ڪيل جاپاني ناول ”هل ته ڳوٺ موٽي هلون“ جي هاڻ ڇپائي شروع ڪرائي، چيائين، ”ڏينھن ٻن ۾ شروع ٿو ڪريان.“

اڄ سڄو ڏينھن جُھڙ ۽ موسم ٿڌي رهي. موسم ٿڌي ٿي ته معني چينائي گم، گهرن مان ئي نه ٿا نڪرن. هينئر شام جا ست (پاڪستان ۾ شام جا چار) ٿيا آهن، هيڏي مھل وڏي رونق لڳل هوندي آهي، پر سرديءَ رونقون گهٽائي ڇڏيون آهن. هونئن هھڙي سردي، جنھن کي پاڻ ”سردڙي“ چئون، ماڱاريون ئي ڪونه.

هاڻ جيئن جيئن پاڪستان واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها ٿيندا پيا وڃن، تيئن پاڪستان ۾ جيڪي روزانو سور ملن ٿا، بجلي ۽ گئس نه هئڻ، مھانگائي ۽ ٻيا معاملا ياد اچڻ تي ڪيفيت ئي بدلجيو وڃي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته جنت مان نڪري دوزخ ڏانھن وڃڻ جو پروانو اچي ويو آهي. اڄ وانگ ڦان ۽ ٻي وانگ جنھن جو نالو وسري ويو اٿم، جيڪي کشين جون ماسيون آهن، گهر آيون، ٻيئي سُٺيون، دور انديش ۽ سمجهدار مايون آهن. ٻنهي اسان جي بوفي هوٽلن تي دعوت ڪئي هئي. مون کين هوٽل تي هلي لنچ ڪرڻ جي صلاح هنئي، پر هنن چيو ته في الحال وڃون ٿيون. مون ٻنهي کي اجرڪن جا تحفا ڏنا، جنھن تي ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ موڪلائڻ مھل به سندن ڪنڌن ۾ پيل هيون. جيڪي کين ڏاڍيون سُٺيون پي لڳيون. سنڌي اجرڪ جو به پنھنجو شان آهي.

 اُڻٽيھين نومبر: رات اٺين ڌاري واڪ ڪندي، گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ واري بوڪ شاپ تي ويس. هاڻ اُن رستي سان ڄڻ ته منھنجي اُنسيت ٿي ويئي آهي. جڏهن به هن پاسي واڪ ڪرڻ ايندو آهيان ته اهو ئي بوڪ شاپ منھنجي منزل هوندو آهي. ڪتاب ته سڀ چيني ۾ هوندا آهن، اهي ته نه وٺندو آهيان، بس رڳو اٿلائي پُٿلائي ڏسندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪا بال پين يا ڪو ننڍو نوٽ بوڪ وٺي ايندو آهيان. ائين مون وٽ ڳچ جيتريون پينون ۽ ڪجهه نوٽ بوڪ گڏ ٿي ويا آهن.

اڄ ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو هئس، جو هڪ ڪتاب تي وڃي نظر پئي، جيڪو اڳوڻي آمريڪا جي پرڏيھي وزير ۽ ڊپلو ميٽڪ هينري ڪسنجر جي باري ۾ هو، ڪتاب جو نالو ته چيني ۾ لکيل هو، پر مٿان ٽائيٽل تي ڪسنجر جو فوٽو ۽ انگريزي ۾ نالو لکيل هو ”هينري ڪسنجر“. مون ڪتاب جو فوٽو ڪڍيو ۽ بيدو ٽرانسليشن جي ذريعي ان جي انگريزي ٽرانسليشن ڪيم، لکيل هو:

Kissinger biography

The first person to open us Relations to 60 years of international diplomacy.

Translation by Chen Zibo and Jiang Xian. From, “Ben Guangwei.”

هينري ڪسنجر جون آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اڄ اهو عجيب اتفاق آهي ته هينري ڪسنجر سال اڳ اڄوڪي ڏينھن يعني 29 نومبر 2023ع تي سؤ سالن کان به وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. اها ڳالهه ياد ايندي ئي خيال آيم ته جيڪڏهن هينري ڪسنجر، پاڪستان جي سھڪار سان چين جو ڳجهو دورو نه ڪري ها ته چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ رنڊڪ دور نه ٿئي ها، ۽ انهن لاڳاپن جو فائدو اهو ٿيو ته اقوام متحده مان فارموسا يعني تائيوان کي تڙي اها سيٽ ’عوامي جمھوريه چين‘ کي ڏني ويئي. ايئن چين گڏيل قومن جي ميمبر ٿيڻ سان گڏ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿيو ۽ کيس ويٽو جا اختيار مليا.

هينري ڪسنجر وڏو ليکڪ پڻ هو. ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائين. سندس هڪ ڪتاب ”ڊپلوميسي“ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو. ان جو اردو ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو جھلم جي بوڪ ڪارنر پبلشر ڇپرايو ويو آهي. اهو مون محترم غلام نبي سومري کان وٺي پڙهيو هو. ڇا ته ڪتاب آهي. عالمي سياست سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي.

هينري ڪسنجر 1923ع ۾ جرمني جي شھر ’يوريا‘ ۾ ڄائو هو. پڻھنس ماستر هو، جيڪو يھودي هو. جرمنيءَ ۾ هٽلر اقتدار ۾ آيو ته يھودين تي ظلم شروع ڪري ڇڏيائين. جنھن جي نتيجي ۾ هو ڪُٽنب سميت لنڊن آيو، جتان هو 1943ع ۾ آمريڪا پھتو. آمريڪا ۾ ڪسنجر هڪ شيونگ برش ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ ڪم به ڪندو هو ۽ شام جو پڙهندو هو. ننڍپڻ جي واقعن جي ڪري منجهس تمام گهڻي احساس ڪمتري هئي. ڪسنجر اسٽيج تي ڳالهائي نه سگهندو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن سڄي دنيا سان مخاطب ٿيندو رهيو. 1948ع ۾ ’هاورڊ يونيورسٽي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ سياسيات ۾ ماسٽرس ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ پڙهائڻ شروع ڪيائين. عملي سياست ۾ گهڙيو ته پوءِ صدر رچرڊ نڪسن جو نيشنل سيڪيورٽيءَ جو صلاحڪار ۽ پرڏيھي وزير ٿيو. هينري ڪسنجر وڏي عمر جي باوجود روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. کيس 1973ع ۾ ’امن جو نوبيل پرائز‘ به مليو. گذريل سٺ سالن ۾ دنيا ۾ جيڪي به اهم سفارتي مرحلا آيا، ڪسنجر انهن جو حصو رهيو. دنيا ۾ هزارين سفارتڪار آهن، انهن ۾ هڪ سؤ کي بين الاقوامي حيثيت حاصل آهي، پر هينري ڪسنجر فقط هڪ هو.

هينري ڪسنجر 1971ع ۾ پاڪستان جي صدر يحيي خان جي مدد سان چين ۽ آمريڪا ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرايا. يحيي خان چيني قيادت مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي کي راضي ڪيو ۽ پوءِ صدر نڪسن کي تيار ڪيو. يحييٰ خان ٻنهي کي پنھنجي هٿ سان خط لکندو هو. خط ٽائپ ان ڪري نه ڪرائيندو هو ته ڪٿي اهو راز اخبارن تائين پھچي نه وڃي. ايتريقدر جو جولاءِ 1971ع ۾ هينري ڪسنجر پاڪستان آيو. جنرل يحيي خان جي اسٽاف هينري ڪسنجر جھڙي هڪ ڳوري همراهه کي ميڪ اپ ڪرائي، گاڏي ۾ ويھاريو، ان جي اڳيان پويان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽيءَ جون گاڏيون لڳايون ۽ کيس ايبٽ آباد روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اصلي هينري ڪسنجر کي جھاز ۾ ويھاري چين روانو ڪري ڇڏيو. ائين چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نفرت جي ديوار ڊٺي. ان کان پوءِ صدر نڪسن چين جو دورو ڪيو ۽ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا.

هينري ڪسنجر هڪ سفارتڪار سان گڏ دانشور به هو. اوهان سندس ڏاهپ جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا. جڏهن نواز شريف پنھنجي ٻي حڪومتي دور ۾ کانئس پُڇيو ته، پاڪستان کي آمريڪا سان ڪھڙي قسم جا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن. جواب ۾ هينري ڪسنجر کلندي وراڻيو، ”اوهان جيڪڏهن آمريڪا جا دشمن آهيو ته اوهان جي بچڻ جون اميدون آهن، پر جيڪڏهن اوهان سندس دوست آهيو ته پوءِ اوهان جو موت يقيني آهي.“ ان هڪ جملي مان سندس ڏاهپ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

*

صبح سان جاڳي واش روم ۾ ويس ته نلڪي ۾ پاڻي نه هو ۽ وري بلب کولڻ لاءِ بٽڻ آن ڪيم ته بلب نه ٻريو. ”هان، بجلي ڪونھي، پاڪستان ۾ اچي ويو آهيان، يا خواب پيو ڏسان.“ ذهن ۾ خيال آيم ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم، ”بجلي ته نه هلي ويئي آهي.“ وري خيال آيم ”چين ۾ بجلي ويندي ته ڪونهي.“ بھرحال ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سو ماٺڙي ڪري ٻاهر صوفي تي ليٽي پيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي. هن به بلب جو بٽڻ آن ڪيو، پر بلب نه ٻريو.“ بجلي ڪونهي ڇا؟“ هن مون کان پڇيو، ”نه ڪونهي.“ جواب ڏنم. ”چين ۾ به اها مصيبت بجلي وڃڻ جي.“ هوءَ ڀڻڪي ۽ اچي ڀر واري صوفي تي ويھي رهي. ”چين ۾ بجلي ويندي ته ڪونهي، پر اڄ شايد ڄاڻي واڻي بند ڪئي اٿن، پاڻ کي ياد ڏيارڻ لاءِ ته اوهان چئن ڏينھن کان پوءِ پاڪستان وڃڻ وارا آهيو، تنھنڪري اسان سان گڏجي جيڪا اوهان ڪانگ جي ٽور بدلائي مور واري ڪئي آهي، اها ڇڏي ڏيو. هنن بجلي ان ڪري وڃائي آهي، ته جيئن پاڻ پاڪستان هلڻ کان اڳ پنھنجي اوقات تي موٽي اچون.“ سندس صوفي تي ويھندي ئي مون چيو، منھنجي ذهن ۾ هڪدم خيال آيو ته ”بجلي جي بل وغيره جو ڪو مسئلو ٿي سگهي ٿو.

ٿوري دير کان پوءِ وشال ننڊ مان اٿيو ته کيس بجلي نه هئڻ جو ٻڌايم. پاڻ هڪدم موبائيل کنيائين ۽ ڪي انگ اکر ملايائين ۽ پوءِ واش روم هليو ويو. ٻي گهڙي بجلي اچي ويئي. مون وشال کان بجلي وڃڻ جو سبب پڇيو ته چيائين، ”بجلي جو بل پيارڻ وسري ويو هو، جيڪو موبائيل ايپ ذريعي جمع ڪرائي، ميسيج موڪليم ۽ بجلي جيڪا هنن بل نه پيارڻ سبب ڪري بند ڪري ڇڏي هئي، سا کولي ڇڏيائون“

شروع شروع ۾ ’بجلي‘ اسان جي ذهنن تي ايترو ته سوار هئي، جو ننڊ مان اُٿي پھرين اهو سوچي فون چارج تي لڳائيندو هوس ته متان بجلي نه هلي وڃي ۽ فون چارج ٿيڻ کان رهجي نه وڃي.

بجلي آئي ته پاڻي به گرم ٿيو ۽ اسان فريش ٿي جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ هيٺ لھي آياسين. نماز پڙهڻ لاءِ فيضان شاهه کي به وٺي وياسين. اڄ نئننگ ۾ منھنجو آخري جمع آهي. ايندڙ جمعو پاڪستان ۾ هوندس. وشال کي چيم ته نماز پڙهي، تون ڀلي هليو اچج، آءٌ اتي ڪلاڪ ٻه وڙڪي پوءِ ايندس. نماز پڙهڻ کان پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪتاسين ته وشال چيو، ”ڇا پروگرام آهي؟“ چيم ”گهر ٿا هلون جو طبيعت ۾ مزو ڪونهي، سڀاڻي ايندس.“

حقيقت ۾ رات کان وٺي طبيعت ۾ مزو ڪونهي، ٻانھن ۾ به سور پيو پوي ته پيٽ به ڀريو پيو آهي، اهڙي حالت ۾ رولاڪيءَ ۾ ڪھڙو مزو اچي ها.

نئننگ ۾ ايندي ويندي پيو ڏسندو آهيان ته ڪن ڪن هنڌن تي چئني پاسن وڏيون لوهي چادرون ڏنل هونديون آهن، انهن جي اندر ننڍا ٽرالا، ۽ ٻيون مشينون بيٺيون هونديون آهن يا ڪنھن مھل وري ان دائري مان ٻاهر پيون نڪرنديون آهن. خبر پئي، اهڙن دائري جي اندر ترقياتي ڪم پيو ٿيندو آهي. اندر ئي اندر کوٽائي ڪري، کوٽيل مٽي وغيره ٽرالن ذريعي مڪمل طور تي پيڪ ڪري ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ ٻاهران به مٽيريل ريتي، بجري وغيره ائين آڻيندا آهن. نه ڌوڙ نه ڇائي، نه متبادل روڊ، نه روڊ تي پيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مٽيريل ۽ سامان جا ڍڳ، ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ پبلڪ کي پريشاني. ائين محسوس ئي نه ٿيندو آهي ته اندر ڪو زبردست ڪم هلي رهيو آهي. پوءِ جڏهن اهي چادرون هٽايون وينديون آهن ته سڄو تيار ٿيل ڪم سامھون هوندو آهي. اها آهي چينين جي ڪمال ڪاريگري- پاڻ وٽ اهڙن ترقياتي ڪمن دوران روڊن، رستن ۽ آسپاس جي کوٽائي، مٽي ۽ گاڏين جي اچ وڃ جي دوران جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، اهو پاڻ کان لڪل نه آهي.

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button