چين ۾ بہ اڳي سرڪاري عملدار ترقي ڏيکارڻ لاءِ ڪُوڙيون رپورٽون ٺاھيندا ھئا
سرڪاري عملدارن ڪميون رٿا جي ڪاميابيءَ جي لڳاتار پروپيگنڊا ڪئي ۽ زرعي پيداوار زوريءَ ڪميون کان کسي رياست جي ذخيري ۾ گڏ ڪيو
سرڪاري عملدار غلط انگ اکر ڏيئي ان رٿا کي ڪامياب بيان ڪندا هئا. پر هارين جي حالت غربت ۽ مفلسيءَ واري هئي. جن عملدارن کي خبر هئي، اهي مائوءَ جي سامھون بيان ڪري نه ٿي سگهيا
جڏهن برساتون پيون ته ڪيتريون ئي پليون ٽٽي ويون. ڊيمن ۾ پاڻي ڀرجي ويو، جنھن ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا ڳوٺن ۽ ٻنين کي پاڻ سان وهائي ويئي، پر سرڪاري طور تي ان ڳالهه جو اعتراف نه ڪيو ويو.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿوتن سان
يوسف سنڌي
چوويھين نومبر 2024: دنيا جا انقلاب! انهن جا اڳواڻ، انهن جي زندگي، جدوجھدون ۽ پاليسيون منھنجي مطالعي جا پسنديده موضوع رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو مون ڪيترن ئي انقلابي ۽ سياسي اڳواڻن جي جيونين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن ۽ ڪجهه ڪتاب مُرتب پڻ ڪيا اٿم. پھريون ڪتاب جنھن جي تلخيص مون 1987ع ۾ هڪ ننڍي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، اهو سرحدي گانڌي خان عبدالغفادر خان جي جيوني ”منھنجي زندگي ۽ جدوجھد“ جي نالي سان ڇپيو. ان کان پوءِ هيستائين الائي ڪيترن اهڙن ڪتابن جا ترجما ڪري چڪو آهيان، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. منھنجي ترجمي ڪيل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ جا هيستائين ڇھه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ستين ڇاپي لاءِ فائينل پروف ڏسي روشني پبليڪيشن جي حوالي ڪري آيو آهيان. هيستائين جيڪي اهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، انهن ۾ حضرت محمد رسول الله صه، ڀورو بگهڙ (ڪمال اتا ترڪ جي ڪھاڻي)، آزاديءَ ڏانھن ڊگهو سفر (نيلسن منڊيلا جي آتم ڪھاڻي) لينن: جنھن تقديرون بدلايون، هوگوشاويز، زندگي ۽ جدوجھد، صحرا ۾ ستل قذافي، اڏارون آڪاس ۾، (اردن جي راڻي نور الحسين جي آتم ڪھاڻي)، هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ) عالمي تاريخ جون نراليون شخصيتون، ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين، آزادي ۽ انقلاب وغيره شامل آهن. ڪجهه ٻيا ڪتاب به ترجمو ڪيا اٿم، جن ۾ ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله جي آتم ڪھاڻي، ”آتش چنار“ جي تخليص ۽ ترجمو، سڀاش چندر بوس تي سندس ڀائيٽي ’سسرڪمار بوس‘ جو ڪتاب، جيڪو نئين دنيا پبليڪيشن پاران ڇپجي رهيو آهي.
هتي چين ۾ اچي، مون وڌ ۾ وڌ چيني انقلاب ۽ ان جي اڳواڻن بابت مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن ۾ مائوزي تنگ، ڊينگ زيائو پنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ هوندو آهيان. خاص ڪري مائو، جيڪو پنھنجي دور جو وڏو انقلابي هو، هُن انقلاب جي اڳواڻي ڪري چين کي پرمار قوتن کان آزاد ڪرايو، اتي چين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ به وڏا ڇال ڏنا. جن مان ڪجهه ناڪام به ٿيا، پر مجموعي طرح مائوءَ جو انقلاب هڪ ڪامياب انقلاب هو ۽ سندس قيادت ۾ چين پنھنجي نئين سڃاڻپ حاصل ڪئي.

انقلاب کان پوءِ چين کي تيزيءَ سان ترقي ڏيارڻ لاءِ مائوزي تنگ ’گريٽ ليپ فارورڊ‘ يعني ”اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڇال“ ڏيئي فاصلو طئي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. ان مقصد جي لاءِ هن چيني عوام ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪيو.
انقلاب کان پوءِ چين ترقيءَ جي لاءِ روسي ماڊل اختيار ڪيو، پر مائوءَ کي ان تجربي کان پوءِ احساس ٿيو ته روسي ماڊل چين جي لاءِ قبوليت جوڳو ڪونهي، ڇو ته چيني ۽ روسي معاشري ۾ گهڻو فرق هو. چين هڪ زرعي ملڪ هو، جنھن جي اڪثريت هارين جي هئي، جيڪي صنعتي لحاظ کان پٺتي پيل هئا، ورڪنگ ڪلاس جو تعداد به گهٽ هو. ساڳئي طرح ٽيڪنيڪي پيشه ور به چين وٽ نه هئا، جيڪي وڏين صنعتي رٿائن کي هلائي سگهن. اهڙين حالتن ۾ مائوءَ فيصلو ڪيو ته چين کي پنھنجي ترقي لاءِ پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻون پوندو.

’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻ جي رٿا هئي. ان رٿا جو پھريون قدم آبپاشيءَ جي نظام کي اثرائتو ۽ بھتر بنائڻ هو. ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ واهه کوٽيا ويا. پُليون اڏيون ويون، پاڻي جا ذخيرا محفوظ رکڻ جي لاءِ ڊيم اڏيا ويا. رٿا جي ڪاميابيءَ لاءِ چين جي لکين هارين کي شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هو سکيا ورتل نه هئا، پر انهن ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو ويو ته هو ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پنھنجا روزمره جا اوزار کڻي اچن، سائيٽ تي سندن رهڻ جي لاءِ بيرڪون اڏيون ويون ته جيئن وقت جو ذيان نه ٿئي. ماني اهي گڏجي ڪينٽين ۾ کائيندا هئا ۽ ڪم جي وقت جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي هئي، سندن تربيت فوجي طريقي سان ڪئي ويئي هئي. هو صبح جو سوير اٿي پنھنجا اهي اوزار فوجي طريقن سان رائفلن وانگر ڪلهي تي رکي قطار جي صورت ۾ ڪم تي ايندا هئا. [مون هِتي جي ميوزمن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون تصويرون پينٽ ٿيل ڏٺيون] جنھن جو نتيجو اهو نڪتو ته سندن محنت جي ڪري آبپاشي جي نظام کي بھتر بنايو ويو. جيتوڻيڪ ان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان خاميون هيون، پر اڻ سکيا ورتل هارين اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنھن جي دنيا کي توقع نه هئي.
نئين آبپاشي نظام پوکي راهي جي اوزارن جي بھتري، هَر وسيلي زمين کيڙي ان جي گھرائيءَ ۾ ٻج پوکڻ، انهن سڀني گڏجي اُپت ۾ واڌارو ڪيو ۽ ’ڪميون سسٽم‘ مڪمل طور تي عمل ۾ آندو ويو. هر ڪميون ۾ هزارين هاري گهراڻن کي شامل ڪيو ويو. جيڪي گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا ۽ ڪميون ۾ تعليم ۽ تربيت ۽ مختلف پيشي وراڻيون سکيائون ڏنيون وينديون هيون. چيني پريس ۾ ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي وڏي پئماني تي پروپيگنڊه ڪئي ويئي. خود مائوزي تنگ به مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ عام ماڻهن جي انقلابي جذبي کان گهڻو متاثر ٿيو.
صنعتي ترقي جي لاءِ اسٽيل جو هئڻ ضروري هوندو آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ بٺيون لڳايون ويون، جتي ڏينھن رات اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ ۽ اوزار سڀ بٺين ۾ وڌا ويا ۽ لڳ ڀڳ ٽي ملين ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ ناقابل يقين عمل هو.
ٻنين کي ڇيھون رسائيندڙ جيت به موجود هئا ۽ پکي به، تنھنڪري انهن جي خلاف مھم هلائي ويئي. خاص ڪري جهار/ جهرڪين کي هڪ هڪ ڪري ماريو ويو ته جيئن هو فصلن کي نقصان نه رسائين، جهار جي خلاف ان مھم جي گهڻي تشھير ڪئي ويئي ۽ جنھن گهڻي ۾ گهڻيون جهرڪيون ماريون، تنھن کي ’هيرو‘ قرار ڏنو ويو.
’ڪميون سسٽم‘وسيع ڪيو ويو. ڪميون سسٽم ۾ هارين وٽ نه ڪا زمين هئي نه وري ڪو مال وجهو، اها سڀ ڪميون جي ملڪيت هئي. ڪميون جي لاءِ جيڪو معاوضو ڏنو ويندو هو، ان جو اصول اهو هو ته جنھن گهراڻي کي جيتري گهرج هوندي، ان کي اوترو ڏنو ويندو. حڪومت پاران مختلف ڪميونن ۾ اهو مقابلو به شروع ٿيو ته ڪنھن جي پيداوار گهٽ ۽ ڪنھن جي وڌ آهي.

سرڪاري عملدارن پاران ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي لڳاتار پروپيگنڊه ڪئي پي وئي ۽ زرعي پيداوار کي زوري ڪميون کان کسي رياست جي ذخيري ۾ گڏ ڪيو پي ويو. 1959ع ۾ ايم. ٽي 450 ٿي ويئي، جيڪا دنيا جي ڪنھن به وڏي ملڪ يعني آمريڪا کان به گهڻي ٿي ويئي هئي. پر اصل حقيقت اها هئي ته سرڪاري عملدار غلط انگ اکر ڏيئي ان رٿا کي ڪامياب بيان ڪندا هئا. پر هارين جي حالت غربت ۽ مفلسيءَ واري هئي. جن عملدارن کي خبر هئي، اهي مائوءَ جي سامھون بيان ڪري نه ٿي سگهيا. تنھنڪري سرڪاري پروپينگنڊه جي ذريعي ڪاميابيءَ جون ڪھاڻيون هيون. مائوزي تنگ پاران جيڪا رٿا تيار ڪئي ويئي هئي ته چين جي عوام جي مدد ۽ جذبي سان مشڪلاتن تي قابو پاتو وڃي، پر چين جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي هو ته وٽس افرادي قوت ۽ توانائي ته موجود هئي، پر چيني هارين جي گهڻائي نه رڳو اڻ پڙهيل هئي، پر ٽيڪنيڪي طور تي پٺتي پيل به هئي. ان ڪري انجنيئرن، سائنسدانن ۽ اڏاوتي ماهرن جي سخت کوٽ هئي. واهن، پلين، آبي ذخيرن ۽ ڊيمن جي جيڪا اڏاوت ڪئي ويئي، اها ٽيڪنيڪي طور تي ڪمزور هئي، اهو ئي سبب هو ته جڏهن برساتون پيون ته ڪيتريون ئي پليون ٽٽي ويون. ڊيمن ۾ پاڻي ڀرجي ويو، جنھن ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا ڳوٺن ۽ ٻنين کي پاڻ سان وهائي ويئي، پر سرڪاري طور تي ان ڳالهه جو اعتراف نه ڪيو ويو. جنھن جهار (جهرڪيون) کي ماريو ويو ته ان سان به فصلن کي نقصان رسيو، ڇو ته جهرڪيون جيت جڻا کائي وينديون آهن، جن جي ڪري فصل محفوظ رهن ٿا، پر جڏهن جهار/ جهرڪيون ختم ٿي ويون ته جيتن جڻين فصلن کي خراب ڪري ڇڏيو. اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ جڏهن وڻ وڍي ٻارڻ طور استعمال ڪيا ويا ته ان جو آبھوا تي اثر پيو ۽ جڏهن ڪميون مان زوري اناج گڏ ڪيو ويو ته سرڪاري عملدارن هارين جي گهرن ۾ جيڪو اناج هو، اهو به پاڻ سان کڻي ويا، جنھن هارين کي فاقن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، پر چيني عملدارن پنھنجي غلط رپورٽن ۾ رٿا جي ڪاميابيءَ کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو، پر ڳالهه لڪي نه سگهي ۽ مائو کي ان جي ناڪامي بابت ٻڌايو ويو.
’گريپ ليپ فارورڊ‘دوران هڪ ٻي مھم جوئي ڪري ريڊلائن جي اڏاوت شروع ڪئي ويئي، جنھن جو مقصد صنعتي زونز کي آمريڪي حملن کان محفوظ رکڻ هو. ريڊلائين جي تعمير تي ڪنسٽرڪشن جي پنجاهه سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿي. صنعتي زون ڳجهن ماٿرين ۽ غارن ۾ اڏيا ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ چين جا آمريڪا سان لاڳاپا بھتر ٿي ويا ۽ روس سان ڇڪتاڻ وارا. جنھن جي نتيجي ۾ ريڊلائن تي سيڙپڪاريءَ جا هاڪاري نتيجا نڪري نه سگهيا.
مائوءَ، صحت جي لاءِ انقلابي پاليسي جي شروعات ڪئي، هارين کي پرائمري صحت جي سکيا ڏني ويئي. صحت جي لاءِ هر ڳوٺ کي موبائيل سروس مھيا ڪئي ويئي. حفاظتي طريقن تي زور ڀريو ويو. مائوءَ جي صحت پاليسي ڪامياب ويئي. جيئڻ جي عمر 35 سالن مان وڌي سراسري 63 سال ٿي. ’ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن‘ چين جي صحت پاليسي کي واکاڻيو.
گريٽ ليپ فارورڊ رٿا، جنھن مقصد سان شروع ڪئي ويئي هئي، اهو ڪامياب ٿي نه سگهي. جنھن جي نتيجي ۾ مائوءَ، پاران چو اين اين لائي، ليوشائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ کي اها ذميواري سونپي ويئي ته هو حالتن کي بھتر بنائين. ٽئي اڳواڻ معاشي بحاليءَ جا قائل هئا، جڏهن ته مائو سوشلزم تي زور ڏيئي رهيو هو. مائوزي تنگ جي نظريي موجب نظرياتي سياست سرمائي کان وڌيڪ اهم هئي. ليو شائوچي ذهين، محنتي ۽ ديانتدار اڳواڻ هو. سندس نظم ۽ ضبط جي ڪري سندس ساٿي گهڻو احترام ڪندا هئا. ڊينگ زيائو پنگ متحرڪ ۽ سگهاري شخصيت جو مالڪ هو. سندس حوالي جيڪو به ڪم ڪيو ويندو هو، اهو وڏي عزم سان پورو ڪندو هو. ڊينگ رڳو سوچيندڙ نه پر عمل ڪرڻ وارو اڳواڻ هو. سندس نظر ۾ آئيڊيالوجيءَ جي گهڻي اهميت نه هئي. هن پھريون ڪم اهو ڪيو ته هارين کي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڏنا ته جيئن هو پنھنجي اُپت ڏيئي سگهن ۽ پنھنجو مال وجهو پالي سگهن. کين ان ڳالهه جي به موڪل ڏني ويئي ته پنھنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهن. ان پاليسيءَ جي نتيجي ۾ نه رڳو ڏڪر جو خاتمو ٿيو، پر هارين پنھنجن ٻنين تي پوکي راهي ڪري پنھنجي ڪُٽنب جي پالنا ڪئي ۽ 1962ع ۾ چين جنھن معاشي گهوٽالي مان گذري رهيو هو، ان جو خاتمو ٿيو.
________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ھن وقت چين ۾ آھي