Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني عورتون آزاد بہ آھن، پر مردن ھٿان مارڪُٽ روايتي نموني جاري اٿن

چين ڀلي ڪيترو به ترقي ڪري ويو هجي، آئين ۽ قانون ۾ عورتن کي ڪيترا به حق ڏنل هجن،پر مرد انقلابي رياست جو هجي يا دقيانوسي- عورت تي سدائين هٿ کڻندو آهي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ٽيويھين نومبر 2024: کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي سيڌو سامان وٺي ايندي آهي، ٽيون ڏينھن جڏهن چيومانس ته تنھنجي مما ڏاڍي سٺي آهي، پر اوهان مون کي ساڻس ملائڻ جي ڳوٺ ڪڏهن وٺي هلندا ته چيائين ته جي وشو ۽ کشين نه ٿا هلن ته تون ۽ آئي (چيني ۾ چاچيءَ کي آئي چون) مون سان گڏ جي هلو، پر مون خيال نه ڏيکاريو ته هن پنھنجي موبائيل مان پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي مائٽاڻي گهر ۽ فمئلي جا فوٽو ڏيکاريا، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، پر هاڻ جڏهن سومر تي ’ايوا‘ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي اٿئون ته واپسيءَ کان پوءِ اهو پروگرام ٺھڻ ممڪن نه لڳو. تنھنڪري مون اهو چئي سندس ٿورو مڃيو. ”مون سڄا سارا ٻه مھينا اوهان کي هلڻ لاءِ چيو، پر ڪير به سنجيدو نه ٿيو. هاڻ منھنجي طبيعت هلڻ تي آماده ڪونهي.“

ٽيون ڏينھن ’وانگ ين ڇنگ‘ ڇا ڪيو، ٻارن جا ڪيترائي ڪپڙا وٺي آئي ۽ سڀني جي غير موجودگيءَ ۾ نسيم کي ڏنائين ته ننڍڙن ٻارن لاءِ منھنجي طرفان گفٽ آهن، پر وشو سميت ڪنھن کي به نه ٻُڌائج. نسيم مون کي ٻڌايو ۽ ڏيکاريا ته ٻُڏتر ۾ اچي ويس، جو ويچاري پاڻ به مڙس جي تڙيل ۽ ڏکاري آهي، ٻار به مڙس کسي ورتا اٿس، الائجي ڪيئن ٿو گذر سفر ٿيس. سو وري الائجي ڪيترن پئسن جا تحفا وٺي آئي آهي، بھرحال مون نسيم کي چيو ته دل سان ڏنا اٿس ته سندس مھرباني، پر شايد پنھنجو پيٽ ڪٽيو اٿس. مون کي مٿس ڏاڍو رحم ايندو آهي، ان ڏينھن مٿي تي هٿ رکي چيومانس ته ”وانگ ين ڇنگ“ تون منھنجي ڌيءَ وانگر آهين. اسان سنڌي ماڻهو نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي دعا ڪندا آهيون ته ”خوش ۽ سدا سھاڳڻ رهين.“ جنھن تي خوش ٿي.

چين ڀلي ڪيترو به ترقي ڪري ويو هجي، آئين ۽ قانون ۾ عورتن کي ڪيترا به حق ڏنل هجن،پر مرد انقلابي رياست جو هجي يا دقيانوسي- عورت تي سدائين هٿ کڻندو آهي، جيتوڻيڪ هڪ پاسي جتي چيني عورت گهڻي آزاد آهي، اتي چيني مرد جو موچڙو اڃا به مٿس کنيو پيو آهي. وانگ ين ڇنگ کي به سندس مڙس ماريندو هو ۽ کيس ڪٽڪو ڏيئي ٻار کسي گهران ڪڍي ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندو اٿس، تڏهن به ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. هڪ چيني فئملي سان گڏ رهڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي، جو سندن سماجي زندگي ۽ هلي چليءَ بابت گهڻيون خبرون پون ٿيون. کشين ۽ وانگ ين ڇنگ جو پيءُ جيڪو پوليس ۾ هو، تنھن جا کشين جا ماءُ ’وانگ هي ڪؤ‘ کان سواءِ ٻي مائي سان به لاڳاپا هئا ۽ ان کي پنھنجن لفظن ۾ سُريت ڪريو ويھاريو ويٺو آهي. پوليس وارو ڪٿي جو به هجي، پاڪستان جو يا چين جو، پر پنھنجن اختيارن جو ناجائز فائدو ضرور وٺي ٿو، نه ته چين جي ماضيءَ جي ’ون چائلڊ پاليسيءَ‘ هئڻ جي باوجود به چار ٻار ڄڻڻ جي هر ڪنھن ۾ ته همت نه هوندي.

اڄ به سوير ٻاهر ويئي ۽ سامان وٺي آئي. آءٌ ٻاهر ويٺو هئس ته فروٽ ڇلي وڍي ڦارون ڦارون ڪري اچي منھنجي اڳيان رکيائين. پوءِ ٻه مڪئيءَ جا ٻه وڏا سنگ به رڌي آئي، جيڪي گهڻا لذيذ هئا، مڪئي جا سنگ هونئن به مون کي گهڻا وڻندا آهن، سو نيراني چٻڪ چٻڪ ڪندو هڪ سڄو کائي ويس. وانگ ين ڇنگ اڄ هڪ ٻيو ڳاڙهو فروٽ به وٺي آئي، جيڪو ڪجهه هفتا اڳ مون ’هوچو لو‘ تي بيٺل هڪ گاڏي تي ڏٺو هو. پر وري نه ڏٺم. ڪنھن ننڍي بم جھڙي ان ڳاڙهي کل واري فروٽ جو نالو ’ڊريگن‘ آهي، جيڪو فقط چين ۾ ٿئي ٿو. ان جو ذائقو ناسپاتيءَ جي ذائقي سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ڪجهه ڏينھن اڳ عمر چيو هو ته ”’انڪل ڇائو يانگ‘ کان ٿورو اڳيان هڪ ڪتاب گهر آهي، جيڪو به تمام وڏو آهي، ڪڏهن دل چوي ته هلي ڏسي اچجي.“ مون چيس ”منھنجو هر وقت موڊ آهي، تون جڏهن به وانڌو ٿئين مون کي وٺي هلج.“ ان ڏينھن چرچ ڏسڻ وياسين ته واپسيءَ ۾ دير ٿي وڃڻ سبب وڃڻ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيوسين. ڪالهه چيائين ته ”سڀاڻي هلنداسين.“ اڄ مون چئين بجي تائين اوسيئڙو ڪيومانس، پر نه آيو ته اُٿي گهر وڃڻ لڳس. اڃا فليٽ تائين پھتو ئي نه هئس ته پويان عمر به بائيڪ کڻي اچي پھتو ۽ چيائين، ”انڪل، معاف ڪجو، رات چئين بجي تائين آءٌ پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان گڏ هئس، سو اڄ جلد جاڳ نه ٿي سگهي. موڊ هجي ته هلئون.“ مون چيس، ”يار انتظار اشد من الموت وانگر مون ٻارهين کان وٺي تنھنجو اوسيئڙو ڪيو، جنھن مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، پر هلئون ٿا.“

ائين ذائقه تي موٽي آياسين. عمر ناشتو ڪيو (چئين بجي)، پوءِ وشال کي چيوسين ته ديدي گهرائي ڏي. ٿوري دير ۾ ديدي به اچي ويئي. اسان ان ۾ ويٺاسين ۽ Guangnu zhung Autounomous Region library روانا ٿي وياسين. جيڪا اتان کان ٻارهن تيرهن ڪلوميٽر پري هئي. عمر کان پڇيم ته ”تو واري ’ني ڦنگيو‘ به اچڻي هئي، پر اها نه آئي….؟“ جواب ڏنائين ”رات چئين بجي تائين گڏ گهمياسين، ان ڪري ٿڪل آهي ۽ هينئر ستل آهي. ستين ساڍي ستين تائين اتي هونداسين ته پاڻ کي اچي جوائن ڪندي.“

هڪ هنڌان لنگهندي کاٻي پاسي عمر هڪ خوبصورت عمارت ڏانھن اشارو ڪيو ۽ چيائين ته ”هي گوانگسي صوبي جو گورنمينٽ هائوس يعني سيڪريٽريٽ آهي، جتان گوانگسي ريجن جو ڪاروهنوار هلايو وڃي ٿو ۽ هي مرڪزي شاهراهه آهي، جيئن پاڻ وٽ شاهراهه دستور يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي شاهراهه.“ وغيره.

چين ۾ ڪيترائي صوبا ۽ ريجنس اندروني طور خودختيار آهن، انهن ۾ گوانگسي ريجن به آهي، نئننگ ان جي گادي جو هنڌ آهي.

ديدي اڳتي وڌي ويئي ۽ نيٺ ڦرندي گهرندي اچي اسان کي لئبريري جي اڳيان لاٿائين. لئبريري جو ٻاهريون نظارو ئي نھايت سُھڻو هو. گل ۽ گلڪاري ته هن شھر جي سڃاڻپ آهي، تڏهن ته کيس ”گرين سٽي“ چيو وڃي ٿو.

اسان گيٽ ٽپي اندر گهڙياسين، ڏٺم ته ٻاهر به ڪجهه مايون ۽ ٻارڙا ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. کاٻي پاسي هڪ ننڍي ڍنڍ ٺھيل هئي، جنھن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون، اڇي ۽ سونھري رنگ جون مڇيون تري رهيون هيون. ڏاڪڻيون چڙهي سيڪيورٽي گيٽ مان ڪراس ڪري لئبريري ۾ اندر گهڙياسين. نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻن پاسن کان ننڍا شيلف ٺھيل هئا، جن ۾ چيني زبان ۾ ڪتاب رکيل هئا، جيڪي گهڻو ڪري سرڪاري طور تي ڇپيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي لٽريچر ۽ شي چن پنگ جي تقريرن جا مجموعا هئا. اسان لفٽ ۾ چڙهي پھرين ٻي ماڙ ۽ پوءِ ٽي ماڙ پھتاسين. نھايت خوبصورت ۽ سھڻي ڇپائي ٿيل ڪتاب شيلفن ۾ رکيل هئا. پُڇڻ تي هڪ هنڌ انگريزي ڪتابن جو ڏس مليو، شيلف به ڏٺاسين، پر شيڪسپيئر ۽ ڪجهه ڪلاسيڪي انگريزي ليکڪن جي ڪتابن کان سواءِ باقي سڀ چينيءَ ۾ هئا. البت هڪ ڳالهه حقيقت بنجي منھنجي سامھون آئي ته ٻاهريون ادب ججهي انگ ۾ چيني زبان ۾ ترجمو ٿيل نظر آيو. اتي مون هيلن ڪيلر جي آپ بيتي به چينيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺي. هيلن ڪيلر جي ان آتم ڪھاڻي جو مون ڪيترائي سال اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ 2004ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ ۾ پنھنجي نياڻي ’امرتا ميمڻ‘ جي نالي سان ڇپرايو هو. اهي اخبارون ٿي سگهن ٿيون ته منھنجن فائلن ۾ ڪٿ پيل هجن. ان آتم ڪھاڻي جو ترجمو گهڻا سال پوءِ ’پرويز علي خاصخيلي‘ پڻ ڪيو، جيڪو روشني پبليڪيشن وارن ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي.

اتي ڪيترائي ماڻهو ڪتاب چونڊي، ڪمپيوٽر جي سامھون انهن جا فوٽا اسڪين ڪري، پوءِ وي چيٽ تي انهن جي ڪرائي جي ادائيگي ڪري کڻي وڃي رهيا هئا. جن ڪتاب کنيا ٿي انهن جا نالا به اسڪرين تي آيا ٿي ته جن واپس ٿي ڪيا ته انهن جا به نالا اسڪرين تي آيا ٿي. ائين هر ڪو ڪتاب گهر کڻي وڃي سگهيو ٿي. ان سھوليت ۽ چينين جي ڪتابن پڙهڻ جي شوق ۽ ذوق گهڻو متاثر ڪيو. ڪافي عورتون، ڇوڪريون، مرد ۽ ٻارڙا اُتي ڪرسين تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. لئبريري جي ٽنھي طبقن تي ڪيترائي هال هئا، جن ۾ پڙهندڙ خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. مون ڏٺو ته عمر پنھنجو شولڊر بئگ ڪلهن ۾ پايو پي هليو ۽ ٻين چينين کي به پاتل هئا. دل ۾ آيم ته، جي پاڪستان هجي ها ته اهو ٻاهر ئي رکرائين ها ۽ جي ڀُل چڪ ۾ عمر اندر کڻي وڃي ها ته ڪي نظرون لڳاتار سندس تعاقب ڪنديون رهن ها ته ڪٿي همراهه ڪو ڪتاب نه کڻي شولڊر بئگ ۾ وجهي، پر هتي اهڙي ڪا ڳالهه ڪونه هئي. البت ڪئميرا جي اک کان ڪنھن به ماڻهوءَ جي چرپر لڪيل نه هئي.

ڪتاب ڏسندي ڪجهه ڪتاب اهڙو به ڏٺم، جن لاءِ منھنجي دل سٽ کاڌي ته مون وٽ هئڻ گهرجن ۽ انهن جو مطالعو ضروري آهي. انهن مان هڪ ڪتاب جيتوڻيڪ چيني ۾ هو، پر ان جي ڪور تي انگريزي ۾ به نالو لکيل هو، Ten Novels and their Authors. ڪتاب جو ليکڪ وليم سمرسٽ ماهم (1965-1874) هو. سمرسٽ ماهم پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نالو ڪونهي. اهو ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هو. ڪتاب ۾ جن ڏهن ناولن ۽ انهن جي ليکڪن جي فڪر جو جائزو ورتل هو، انهن ۾ ڪتاب جو پھريون ’باب آرٽ آف فڪشن‘ بابت آهي، باقي فھرست هن ريت آهي:

1.     Henry fielding and Tom Jones

2.     Jan Asten an pride and Prejudice

3.     Sitongda and Red and Black

4.     Balzac and old man Gari.

5.     Charles dicknens and David cupper field

6.     Flaubert ard Madam Borary

7.     Her man Melville and Moby Dick.

8.     Emily Bronte and wuthering Hieghts.

9.     Dostoevsky and Kara Mazo Brothers

10.   Tolstoy and war and Peace.

آخريون باب Concluscun جو آهي. ٻيا به ڪيترائي ڪتاب هئا. جن ۾ Rise and fall of Adom and eva [آدم ۽ حوا جو عروج ۽ زوال] خوبصورت تصويرن سان موجود هو. ڪوريا جي جنگ تي به هڪ نھايت خوبصورت ڪتاب موجود هو، جنھن ۾ ڪوريا جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪھاڻي بيان ڪيل هئي.

ڪتابن جو ذڪر ڪيم ته صفحن جا صفحا لکڻا پوندا.

هن لئبريري ۾ هر مھيني لئبريري پاران مختلف هالن ۾ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام به ٿين ٿا، جن جي ٻارهن مھينن جو شيڊول هر سال جنوري ۾ پڌرو ڪيو ويندو آهي. جن ۾ آن لائين به شرڪت ڪري سگهجي ٿو، انهن مان ڪن جي معمولي فيس به هئي.

اسان ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ڪتاب ڏسندا، انهن جا فوٽو ڪڍندا رهياسين. عمر چيو ته انڪل مون کي ڪتابن سان ته دلچسپي ڪونهي، پر اڄ هيترا سارا ۽ هيترن موضوعن تي ڪتاب ڏسي سوچيان پيو ته وانڌڪائي جي وقت ۾ انهن مان فائدو وٺجي. مون چيس، ”ڪتاب توکي فائدو ئي ڏيندا.“ عمر کي چيني ڳالهائڻ ته ايندي آهي، پر ٿوري گهڻي پڙهڻ به ايندي آهي.

هاڻ اسان واپس ورڻ جي ڪئي، جو ساڍي ستين بجي عمر جي ”ني ڦنگيو“ سان ملڻو هو. کيس ڪتابن جو شوق هو ۽ منھنجو به خيال هو ته ساڻس ملي مون کي به ڪتابن بابت وڌيڪ ڄاڻ ملندي. ڪو ڪتابن جو شوقين ملي ته ٻيو ڇا گهرجي. اسان واپس وڃڻ جي لاءِ لفٽ ذريعي هيٺ  لھي آياسين، اتي بيھي فوٽو ڪڍي رهيا هئاسين، جو هڪ وردي پاتل مائي اُتي آئي ۽ عمر کان پڇيائين ته ڪٿان جا آهيو. ”پاچيستان.“ عمر وراڻيو، ”ته پوءِ اوهان سامھون ميوزيم ضرور ڏسو. اوهان جو وقت سجايو ويندو.“

اسان ڀرسان ئي هڪ هال ۾ گهڙياسين، سامھون لکيل هو. ”جاپان- چائنا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي.“

اندر گهڙياسين ته پھرين وزيٽر بوڪ تي نظر پئي، ته جيڪو به ميوزيم وزٽ ڪري ته ان تي پنھنجي صحيح ڪري ۽ تاثرات لکي. مون ان تي پنھنجو نالو سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيو. جڏهن دهلي ويا هئاسين، تڏهن به مون ساهتيه اڪيڊميءَ جي وزيٽر بوڪ تي پنھنجا تاثرات ”سنڌيءَ“ ۾ لکيا هئا.

ميوزيم ننڍڙو پر نھايت خوبصورت هو. مون کي ان جي جيڪا خاص ڳالهه نظر آئي، متاثر ڪيو ۽ منھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو، ان ۾ قديم چيني اسڪرپٽ هو، جنھن جا اکر مڇيءَ جي شڪل وانگر هئا ۽ ٻيون به تصويري شڪليون هيون. منھنجي خيال ۾ اهو شروعاتي چيني ٻوليءَ جو اسڪرپٽ آهي. ان کان ٿورو اڳيان هڪ وڏي پٽي تي هڪ ٻيو تصويري اسڪرپٽ رکيل هو، جن جي هيٺان هاڻ استعمال ٿيندڙ الفابيٽ جا اکر به لکيل هئا. مون کي هڪدم موهن جي دڙي جو اسڪرپٽ ياد اچي ويو ۽ انهن جا فوٽو ڪڍيم ۽ مووي ڀريم. جيڪڏهن اهو ميوزيم نه ڏسان ها ته سچ پچ ته هڪ وڏي معلومات کان رهجي وڃان ها.

نئننگ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون شيون آهن، جن مان ڪي ڏٺم ته ڪي رهجي ويون. پر جي هيءَ لئبريري ۽ ميوزم نه ڏسان ها ته سچ پچ ته پاڻ کي محروم سمجهان ها. هن لئبريري جو بنياد 1931ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي عمارت 55000 اسڪوائر ميٽرن تي مشتمل آهي. لئبريري جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪلچر ۽ ٽورزم جي وزارت پاران هن لئبريري کي ”فرسٽ ڪلاس لئبريريءَ“ جو ايوارڊ به ڏنو ويو. لئبريري ۾ 120000 کان به وڌيڪ قديم ۽ جديد ڪتاب ۽ مخطوطا وغيره محفوظ آهن، جيڪو تمام وڏو ذخيرو آهي.

ميوزيم ۽ لائبريري جي عمارت مان ٻاهر نڪري روڊ جي ڀرسان ٺھيل نھايت خوبصورت بئنچن تي ويھي ٿڪ ڀڳوسين ۽ پاڻي پيتوسين. وڻن جي ڇانوَ ۾ ان بئنچ تي ويھي سامھون روڊ تي هلندڙ گاڏين کي ڏسندي طبيعت ۾ تازگي اچي ويئي. هتي رستي جي ڀرسان ماڻهن جي ويھڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ڪاٺ جون بئنچون کُتل هيون. اُتي ٿوري دير ويھي پوءِ اٿي سب وي اسٽيشن وڃڻ لڳاسين. عمر چيو ته سندس ”ني ڦنگيو“ هڪ اسٽيشن اڳيان ايندي.

اسٽيشن تي پھچي هيٺ لٿاسين. سب وي هڪ عجيب جھان آهي. جنھن بابت پويان به لکي آيو آهيان، اسان ايندڙ اسٽيشن تي لھڻ لاءِ آٽوميٽڪ ٽڪيٽ مشين مان چار چار يوان ڏيئي ٻه ٽڪيٽون ورتيون. ٻه ٽوڪن نڪري آيا، عمر هڪ ٽوڪن مون کي ڏنو ۽ اسان اڳيان وڌياسين. اندر وڃڻ لاءِ ٽوڪن گيٽ تي ٽچ ڪياسين ته کلي پيا. اهو ٽوڪن سنڀالي رکڻون آهي، جو جيئن ئي پنھنجي منزل واري اسٽيشن تي پھچبو ته سب وي مان لھي، ٻاهر نڪرڻ مھل اهو دروازي جي سوراخ ۾ وجهبو ته دروازو کلي ويندو ۽ اوهان ٻاهر نڪري ايندا.

سب وي هڪٻئي جي پويان اچن، جيئن ته اسان کي تڪڙ نه هئي، سو آرام سان هلندا، ڪچھري ڪندا اُتي بيٺا رهياسين. ٻه سب وي ڇڏي ٽيءَ ۾ چڙهياسين ۽ ٻن منٽن اندر ايندڙ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. سب وي مان لھي، ٻاهر نڪتاسين ته ڄڻ هڪڙي دنيا مان نڪري ٻي دنيا ۾ پھچي ويا هجون. پاتال مان نڪري مٿي ڌرتيءَ تي پھچي وياسين جتي ڪار جھان زندگي پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو. سامھون ئي سبزي ۽ گوشت مارڪيٽ هئي، عمر کي چيم ته، ”هل ته اندران ڏسي اچون.“ اها سبزي، فروٽ ۽ گوشت مارڪيٽ ڪافي وڏي هئي. ان ۾ ڀانت ڀانت جون ڀاڄيون ۽ ميوا رکيا هئا. گوشت واري پاسي اسان ڪونه وياسيون، ان صاف سٿري مارڪيٽ مان سرسري چڪر هڻي ٻاهر نڪتاسين. عمر پندرهن آر. ايم. بي ڏيئي هڪ فروٽ شاپ تان پنھنجي ”ني ڦنگيو“ لاءِ ’اسٽرابيري‘ ورتيون ۽ پوءِ اسان روڊ ڪراس ڪري ٻي پاسي آياسين ۽ مقرر هنڌ ڏانھن هلڻ لڳاسين، جتي عمر جي ”ني ڦنگيو“ (گرل فرينڊ) اچڻي هئي، عمر چيو ته، ”ميري والي ڪهه رهي هي، ڪار کڻي ٿي اچان، جيئن انڪل سان ڪچھري به ٿي وڃي ۽ کيس ڪار ۾ واپس ڇڏي پوءِ پاڻ به بِھائي هلنداسين.“ اصل ۾ عمر ۽ سندس ني ڦنگيو کي بھائي وڃڻون هو. جتي ميراٿن ريس ٿي رهي هئي. عمر جي گرل فرينڊ ’ميراٿن ريس‘ ڏسڻ جي شوقين هئي. عمر مون کي به هلڻ جي صلاح هنئي، پر جيئن ته پرينھنءَ اسان کي ايوا (Yiwa) وڃڻو آهي. تنھنڪري مون سندس مھرباني مڃي. ان سالياني ميراٿن ريس تي ماڻهن کي پھچائڻ لاءِ نه رڳو سب وي جا وقت وڌايا ويا هئا، پر ٻه وڌيڪ سب وي پڻ هلايون ويون هيون. مون عمر کان پڇيو ته، ”پوءِ ڪرايا به وڌايا هوندن.“ عمر وراڻيو نه. پاڻ وٽ ته اهڙن موقعن تي گاڏين جي هٿرادو کوٽ ڪري، ڀاڙا وڌائي، ماڻهن جا کيسا خالي ڪيا ويندا آهن.

عمر بار بار پنھنجي گرل فرينڊ لاءِ ’ميري والي‘ چئي رهيو هو، جنھن تي آءٌ دل ئي دل ۾ کليس ٿي. جھڙوڪ ’ميري والي ڪو پسند هي.“ ”ميري والي ڪهه رهي هي.“ ”ميري والي آرهي هي.“ اسان ٻيئي هلندا مقرر جاءِ تي اچي اتي رکيل بئنچ تي ويٺاسين، اهو روڊ ٿورو پاسيرو هو، پر پوءِ به گاڏين ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. هلڪي اونداهي پڻ هئي، شام جا ساڍا ست ٿي رهيا هئا. وڻ جي هيٺان بئنچ تي ويھي اسان ڪچھري ڪندا رهياسين. عمر پنھنجي گرل فرينڊ سان رابطي ۾ هو ۽ ٻڌايائين ته لوڪيشن موڪلي اٿمانس، پندرهن منٽن ۾ پھچي ويندي. ٿوري دير کان پوءِ عمر چيو ”ميري والي“ اچي ويئي آهي. هوءَ سامھون ئي پنھنجي ننڍي ڪار جهليو بيٺي هئي. ”ني هائو“ چئي مرڪي ملياسين. عمر مون کي گهڻو ئي ڪار ۾ اڳيان ويھڻ جي لاءِ چيو، پر آءٌ ڪار جو در کولي پويان ويھي رهيس. سندس ني ڦنگيو، جنھن جو نالو Fu- Gui- Shi هو، مون کي هڪ ٿيلهي کڻي ڏني ته اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي، جنھن ۾ هڪ فريم ٿيل خوبصورت خطاطي سان ڪو چيني جملو لکيل هو.

ان سان گڏ ٻه ٻيون بنا فريم ٿيل تصويرون ۽ هڪ چيني ڳاڙهو ڪتاب هو، جيڪو چيني ڪميونسٽ پارٽي پاران پنھنجن ميمبرن لاءِ ڪورس طور ترقي لکيل هو. نالو اٿس، Rudaing Jiji Fenz, Pecxum- Jiao CAI (Active Party Member Traning Materials. هن چيو ته ڪوشش ڪنديس ته اهو انگريزي ۾ ملي وڃي ته اوهان کي ڏيندس، Fu. Gui. Shi ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ هئي، تنھنڪري هوءَ ڪميونسٽ پارٽي  جي مرحليوار ڪورس ڪري ميمبر ٿي ويندي. هتي فوج سميت جيڪي به فورسز آهي، تن جي ڪميونسٽ پارٽي جي اسڪولن ۾ تربيت ڪئي ويندي آهي. چين جي پوليس کي ’پيپلز پوليس‘ سڏيو وڃي ٿو. جيڪا ’پيپلز فورس منسٽري آف پبلڪ سيڪيورٽي‘ جي ماتحت آهي. ان جو مشن آهي ”پارٽيءَ جي وفادار رهي، عوام جي خدمت ڪري، اڻ ڌري رهي ۽ نظم و ضبط جي پابندي ڪري.“

عمر جي ’ني ڦنگيو‘ جو خانداني پسمنظر جيئن ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو آهي. سندس پيءُ به پوليس وارو هو، ته ڏاڏو به، تنھنڪري هن کي به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق هو. جڏهن ته عمر جو پيءُ وري پاڪستاني فوج ۾ صوبيدار هو.

مون انهن تحفن تي سندس مھرباني مڃي ۽ کيس پاڻ سان آندل اجرڪ جواب ۾ سوکڙي طور ڏنم، جنھن تي ڏاڍي خوش ٿي ۽ اشارن سان چيائين ته اها اوڍينديس. ٻي اجرڪ مون عمر کي تحفي طور ڏني Fu-Gui- Shi جو اهو ڪتاب آڻڻ جو مقصد اهو، هو ته عمر کيس لئبريري مان هڪ ڪتاب ”ڪميونسٽ پارٽي جا هڪ سؤ سال“ جيڪو چيني ۾ هو، ان جو فوٽو ڪڍي موڪليو هو، ”انڪل پُڇي پيو، هي ڪتاب انگلش ۾ ملي ويندو.“ جنھن تي چيائين ته، ”پُڇا ڪريان ٿي، پر مون وٽ ٻيو پيو آهي، جيڪو انڪل لاءِ کڻي ٿي اچان.“

اسان ڪچھري ڪندا ڪار ۾ پنھنجي ماڳ روانا ٿياسين. وچ ۾ الائجي ڪھڙي ڳالهه نڪتي ته عمر چيو، ”هي پوليس واري هئڻ جي باوجود به خدا نه ڪري مون سان ڪو مسئلو ٿيو ته منھنجي مدد نه ٿي ڪري سگهي ۽ جي تيز گاڏي هلائيندي ڪا غلطي ڪيائين يا چالان ٿي ته سندس پوليس جي نوڪري سندس ڪم نه ٿي اچي سگهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”ابا پوءِ تون به ڍائين! باقي پوليس جي نوڪري ڪھڙي ڪم جي. پوليس هجي ته ڀلي پنھنجي… پاچيستاني… ٿوم کي زعفران بنائڻ واري…!“

منھنجي اها ڳالهه ترجمو ڪري ۽ انهن جي پس منظر سان پنھنجي ني ڦنگيو کي ٻڌايائين ته هوءَ به کلڻ لڳي.

ائين ڪچھري ڪندا، پنھنجي ماڳ تي رسي وياسين ۽ ذائقه تي ويھي چانھه پيتيسين. هڪٻئي کي تحفا ڏيندي فوٽو ڪڍيانسين. جڏهن مون پيڪ ٿيل اجرڪ کولي کيس اوڍائڻ گهري ته اشارن سان هوٽل ۾ ويٺل ٻين چينين ڏانھن اشارو ڪيائين ته، ”چيني پبلڪ جي سامھون تحفا کولي انهن جي نمائش پسند نه ڪندا آهن.“ ته مون به نه کولي. ٿوري دير ڪچھري ڪري عمر ۽ سندس ني ڦنگيو ’بِھائي‘ روانا ٿيا ۽ آءٌ فليٽ تي هليو آيس. ته ڏٺم ته مون واري مائي ڪاوڙي ويٺي هئي ۽ مون کي ڏسندي ئي چيائين، ”تون به صفا گم ٿيو وڃين. جھڙوڪر چين نہ پر دڙو ھجي. “

_________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button