چين: هر شھريءَ کي مذهبي آزادي آهي، ڪرنسي نوٽن تي 5 ٻولين ۾ لکت آھي
صرف رياستي ادارن تي پابندي هنئي ويئي آهي ته هو مذهب جو پرچار نه ڪن. چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.
چين جي ڪرنسي نوٽن تي جن پنجن ٻولين ۾ لکيو ويو آهي، انهن ۾ ايغور ٻولي به شامل آهي، جنھن جي رسم الخط عربي آهي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ويھين نمبر 2024: اڄ ڏينھن ٿڌو ۽ سيانڊڙو محسوس ٿي رهيو هو. سوير اُٿي پارڪ ۾ وڃي ڪسرت ڪيم ۽ پوءِ ڊبل روٽي وٺي آيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي چانھه ڪاڙهي، جنھن ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي ناشتو ڪيوسين. کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ چار ڏينھن اڳ واپس موٽي آئي. هاڻ هوءَ پنھنجي فليٽ ۾ شفٽ ٿي رهي آهي، جنھن لاءِ سڄو ڏينھن ٿي سامان سھيڙي ۽ کوکا ٻڌي. پاڻ ۽ کشين انهن کي ٽيپ هڻنديون رهيون. گهر جو ڪافي سامان جيڪو ڪچري طور نڪتو، اهو ڪالهه ’وانگ ين ڇنگ‘ ٻه ٻورا ڀري ايڪيھن يوانن ۾ ڪٻاڙي کي وڪڻي ڇڏيا. وشال کي اها ڳالهه ٻڌايم ته کلندي چيائين، ”اها خالي بوتل به نه اُڇلي، سڀ ميڙي وڪڻندي آهي.“
وانگ ين ڇنگ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي فروٽ ۽ ڀاڄيون وٺي ايندي آهي، جيڪي پوءِ رڌيندي آهي ۽ ٻئي ڀيڻيون کائينديون آهي. چيني ماڻهو هونئن به سوير اٿي وڃي ڀاڄيون ڀُتيون وٺي ايندا آهن.
ڪالهه چرچ ڏسي ٽئڪسي ۾ موٽياسين پي ته ٽئڪسي واري پڇيو، ”توهان شنچيان جا آهيو؟“، ”نه پاچيستان جا.“ عمر جواب ڏنس. شنچيان کي پاڻ وٽ سنڪيانگ چيو ويندو آهي. شنچيان جي اڌ آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي ۽ ماضيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعن سبب گهڻا چيني کين شڪ جي نظرن سان ڏسندا آهن. شنچيان يا سنڪيانگ صوبو چين جي اولھه ۾ آهي، جنھن جون سرحدون هندستان، افغانستان، پاڪستان ۽ منگوليا سان ملن ٿيون. هن صوبي جي آبادي ٻه ڪروڙ سٺ لکن کان وڌيڪ آهي، جنھن مان اڌ آبادي ايغور مسلمانن جي آهي، ايغور ترڪي نسل جا آهن. ڪشميري اڳواڻ مرحوم شيخ عبدالله پنھنجي آتم ڪھاڻي ”آتش چنار“ [جنھن جو مون اختصاريل سنڌي ترجمو ڪيو آهي.] ۾ لکيو آهي ته شنچيان/ سنڪيانگ جو اڳ ۾ نالو ’ترڪمستان‘ هوندو هو. سنڪيانگ صوبي ۾ علحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي. چيني حڪومت ان تحريڪ کي چٿڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. انساني حقن جي عالمي تنظمين موجب ڏهه لک ايغور مسلمانن کي ڪئمپن ۾ حراست ۾ رکيو ويو آهي، جتي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي آهي، جيئن سندن علحدگي پسند سوچ ختم ٿئي ۽ هو پرڏيھي اسلامي تنظيمن جي هٿن ۾ نه کيڏن. چين ايغور جي مسلمانن جي ڪئمپن کي نظرياتي تعليمي ادارا قرار ٿو ڏي. پھرين ته چين پوري ڪوشش ڪئي ته نرم قدمن سان مسلمانن جي اصلاح ڪئي وڃي، جڏهن نرميءَ مان هاڪاري نتيجا نه نڪتا ته سخت پاليسي اختيار ڪئي ويئي.

شنچيان (سنڪيانگ) چين جو اهو صوبو آهي، جنھن جي پکيڙ چين جي ڪل پکيڙ جو 5/1 آهي. چين جو چاليھه سيڪڙو ڪوئلو سنڪيانگ ۾ ملي ٿو. هتي آئل ۽ گئس جا ويھه سيڪڙو ذخيرا آهن. سنڪيانگ دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ چين جو ”گيٽ وي“ آهي. سنڪيانگ کان سواءِ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ايغور جا انتھاپسند مسلمان پرڏيھي مداخلت ۽ سھڪار سان ڪيتريون ئي دهشتگرد ڪاروايون ڪري چڪا آهن. اهي ڪاروايون ’ايسٽ ترڪمستان اسلامڪ موومينٽ‘ ڪيون هيون.
ايغور جي مسلمانن جي دعوي آهي ته اهو علائقو سدائين سندن رهيو آهي ۽ چين جي ’هان‘ سندن علائقي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ۽ کين اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي. انهن جون روايتون مختلف آهن ۽ پاڻ کي چينين کان ڌار ٿا سمجهن. ’اروڪئي‘ ۽ ’ڪا شغر‘ اتان جا مشھور شھر آهن. جتي مسجدن ۾ ٻانگون ڏنيون وڃن ٿيون. انهن جي دڪانن جا سائن بورڊ عربي رسم الخط ۾ لکيل هوندا آهن. ايغور جا مسلمان سڄي چين ۾ هوٽلون هلائين ٿا، سندس تِڪا ڏاڍا مشھور آهن، هو نج پج ڪاروباري همراهه آهن، ٻين لفظن ۾ پاڻ کين ’چيني پٺاڻ‘ چئي سگهون ٿا.
چين ۾ مسلمانن جو سرڪاري انگ اکرن موجب تعداد ٻه ڪروڙ 82 لک آهي، پر غير سرڪاري ذريعا اهو تعداد وڌيڪ ٻڌائين ٿا، چين جي آئين جي آرٽيڪل 36 موجب هر شھريءَ کي مذهبي آزادي ڏني ويئي آهي، البت رياستي ادارن تي پابندي هنئي ويئي آهي ته هو مذهب جو پرچار نه ڪن. چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.

چين جي ڪرنسي نوٽن تي جن پنجن ٻولين ۾ لکيو ويو آهي، انهن ۾ ايغور ٻولي به شامل آهي، جنھن جي رسم الخط عربي آهي، ان کان سواءِ باقي جيڪي چار ٻوليون آهن، انهن ۾ چيني، منگولين، تبتي ۽ چونگ ٻوليون آهن. چيني کان سواءِ باقي چارئي ٻوليون چين جي اوڀر، ڏکڻ، اولھه ۽ اُترين علائقن ۾ ڳالهيون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ انهن سڀني جي رسم الخط ڌار ڌار آهي.
مون سنڪيانگ جو مسئلو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ ٽم مارشل جي ڪتاب جاگرافي جا قيدي (Prisoners of Geogrophy) ۾ اهو مسئلو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ”ڏکڻ اوڀر چين ۾ نيم خودمختيار ۽ سرڪش صوبو شنچيانگ آهي. جنھن جي اصلوڪي آبادي ايغور مسلم آهي. جيڪي ترڪ زبان سان ملندڙ ٻولي ڳالهائين ٿا. شنچيانگ جون سرحدون اٺن ملڪن سان ملن ٿيون. جن ۾ روس، منگوليا، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان شامل آهن. شنچيانگ جتي ماضي ۾ به مسئلو هو، اتي مستقبل ۾ به رهندو. ايغورن 1930ع ۽ 1940ع ۾ ٻه ڀيرا ”اتر ترڪستان جي نالي سان پنھنجي آزاد رياست جو اعلان ڪيوهو. 2009ع ۾ هتي نسلي فساد ٿيا هئا، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه سؤ ماڻهو مارجي ويا. چين لاءِ شنچيانگ حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم آهي. تنھن ڪري هو اجازت نه ڏيندو ته اتي آزادي جي تحريڪ پاڙون پختيون ڪري. اهو فقط اٺن ملڪن سان سرحدون نه ٿو ملائي، پر ان وٽ تيل آهي ۽ چين جي ائٽمي هٿيارن جي آزمائش جي آماجگاهه به آهي. هي علائقو چين جي معاشي حڪمت عملي ’ون بيلٽ، ون روڊ‘ جي ڪنجي پڻ آهي. هي هڪ نرالي ڍنگ وارو رستو آهي، جيڪو سامونڊي رستي سان ڳنڍي ٿو.

هنن جي بين الاقوامي ايغور ڪانگريس (World Ughur Congress) جرمني ۾ قائم آهي ۽ اتر ترڪستان آزادي جي تنظيم ترڪي ۾ قائم آهي. پر ايغور عليحدگي پسندن وٽ ’دلائي لاما‘ جھڙي قيادت ڪونهي، تنھنڪري هنن جو مقصد بين الاقوامي طور تي نامعلوم آهي. چين انهن کي انهن طريقن سان رکڻ گهري ٿو. اهو پنھنجي بنائي ٿو ته جيئن هن جا سرحدي ملڪن سان تعلقات وڌ ۾ وڌ سٺا رهن، ته جيئن هنن کي منظم آزادي جي هلچل لاءِ رسد جا رستا نه ملي سگهن ۽ انهن کي ٻين جي هٿ چڙهڻ کان روڪي سگهجي.“ (صفحو 70-71-72).
_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ھن وقت چين ۾ آھي