Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ريلوي سرشتو: سنڌ ۾ انگريزن جي ڇڏيل ورثي جي تباھيءَ جي ڪھاڻي

اسان جا حڪمران شايد سوچيل سمجھيل پاليسيءَ ھيٺ سنڌ جي ان تاريخي ورثي کي نظرانداز ڪري تباھه ڪري رھيا آھن ـ

1861 ۾ قائم ٿيل ريلوي سرشتو ڪراچي کان لاھور مين ريلوي لائين کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ ۾ تباھه آھي ـ

دنيا وڏي تيزيءَ سان ريلوي جو جديد سرشتو تيار ڪري پنھنجي عوام کي سفر جي سھولت ڏئي رھي آھي ۽ اسان پوئين پير ھلندا پيا وڃون

نصير اعجاز

ننڍپڻ ۾ اونھاري جي موڪلن ۾ اباڻي ڳوٺ ڀِريَن (ڀريا شھر) اچڻ ٿيندو ھو ته شام ٿيندي ئي ڪجھه سئوٽ گڏجي چئين چئين آني جي خرچيءَ مان سڱر بوندي وٺڻ لاءِ ايجنسيءَ تي نڪري پوندا ھئاسين ـ ايجنسي قومي شاھراھه تي ڀرين جي مکيه چوواٽي واري علائقي جو نالو آھي جتان اوڀر ۾ ڇھه ميل (10 ڪلوميٽر) پري ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشن ڏانھن رستو نڪرندو آھي ۽ ايتري ئي پنڌ تي اولھه ۾ ماسٽر چندر جو اباڻو شھر ٺاروشاھه ، ڏکڻ ۾  نوشھرو فيروز شھر ۽ اُتر ۾ پندرھن کن ميلن تي ڪنڊيارو آھي ـ تڏھن ڄاڻ ڪانه ھئي ته ايجنسي ڇا آھي ۽ انھيءَ چوواٽي واري علائقي کي ايجنسي ڇو ٿا سڏين ـ اسان پنھنجي سانڀر کان ڀريا روڊ، ڀريا شھر ۽ ٺاروشاھه وچ ۾ ٽانگا ۽ جلباڻين جون کٽارا بسون ھلندي ڏٺيون پر پوءِ وڏڙن ٻڌايو ته ورھاڱي کان اڳ ڀريا جي ان علائقي ۾ ريلوي بُڪنگ ايجنسي ھوندي ھئي جتان ھندستان جي ڪنھن به علائقي ڏانھن سفر ڪرڻ ۽ موٽڻ لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ وٺي سگھبي ھئي ۽ مسافرن کي ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشن تائين پھچائڻ ۽ کڻي اچڻ لاءِ ھر وقت ھڪ لاري موجود ھوندي ھئي جيڪا ٻاڦ تي ھلندي ھئي ـ ٻاڦ تي ھلندڙ لاريءَ ۾ سفر ڪندڙ  اسان جو ھڪ بُزرگ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو آفيشل اسائيني مرحوم حاجي بشير احمد ميمڻ به ھيوـ جيئن ئي ورھاڱو ٿيو ته بُڪنگ ايجنسي ھلائيندڙ به ھندستان ھليا ويا ۽ ڪوبه مسلمان سنڌي ايجنسيءَ کي ھلائي نه سگھيو ۽ ايجنسيءَ جي آفيس جا آثار به ميسارجي ويا، پر اھو علائقو پوءِ به ايجنسي سڏبو رھيو ـ مونکي خبر ناھي ته ڀرين جو موجوده نسل پنھنجي جنم ڀوميءَ جي ان تاريخي علائقي جي نالي کان واقف آھي يا نه ۽ اھي اڄ به ان کي ايجنسيءَ جي نالي سان ياد ڪن ٿا يا نه پر اسان جي ٽھيءَ وارا اھو نالو وساري نٿا سگھن ـ

ڀريا شھر ٻن ريلوي لائينن جي وچ تي ھو ـ اوڀر ۾ ڀريا روڊ اسٽيشن، جيڪا ڪراچيءَ کان ملڪ جي مٿين علائقن ڏانھن ويندڙ مُکيه ريلوي لائين تي آھي ۽ ٻي ٺاروشاھه ريلوي اسٽيشن (جنڪشن) جيڪا ٽنڊي آدم، ھالا، سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، شاھپور جھانيان ۽ مورو کان ايندڙ لُوپ لائين تي ھئي ـ اھا لُوپ لائين نوشھري فيروز کان ٿيندي وڃي پڊ عيدن جنڪشن سان ملندي ھئي ـ پڊعيدن تان ئي ھلندڙ ريل گاڏيون وري ٺاروشاھه کان ٿينديون محرابپور تائين ٻي لُوپ لائين تي ايندڙ ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن جي ماڻھن کي سفر جي سھولت ڏينديون ھيون ـ ڀريا روڊ پنھنجي طور تي ڪا قديم تاريخي حيثيت نٿو رکي پر ريلوي اسٽيشن ٺھڻ کانپوءِ اُتي آبادي وڌندي وئي ۽ اھو ڀرين کان وڌيڪ واپاري حيثيت اختيار ڪري ويو ـ مونکي مائٽن سان گڏ ٽانگي تي يا جلباڻين جي بسن ۾ ڀريا روڊ ۽ اُتان ٽرين ۾ حيدرآباد سفر ڪرڻ جون ساروڻيون اڄ به ياد آھن ـ ڪي سفر ته دل تي نقش آھن ـ خاص طور 1965 جي جنگ کانپوءِ موري شھر مان ٽنڊي آدم لڏڻ مھل موري واري ريلوي اسٽيشن تي ٽرين جو انتظار ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي دوستن ۽ ڪلاسين مُنير احمد قاضي ۽ ٻين کان موڪلائڻ واريون گھڙيون وسارڻ جھڙيون ناھن ـ اسان ٻاڦ تي ھلندڙ ڪاري انجڻ واري ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي موري شھر کي خيرباد چيو ھو ـ مون پرائمريءَ جا پنج درجا موري شھر ۾ پڙھيا جتي بابا وڪالت ڪندو ھو ـ دوستن ۽ اسانجا گھر ريلوي اسٽيشن جي ويجھو ھئا جتان جنگ ھلندي به اسان رات جو بليڪ آئوٽ وقت وڃي ريل جي پٽيءَ تي ويھندا ھئاسين ـ ايئن ئي جنگ کان اڳ ھڪ ڀيري وڏي ڀاءُ ۽ سندس دوستن سان گڏ بنا ٽڪيٽ مال گاڏيءَ ۾ چڙھي شاھپور جھانيان ميلو گھمڻ به ويس ـ ٽنڊي آدم ۾ ھڪ سال رھڻ دوران ته ريلوي اسٽيشن تي انجڻيون گھمائڻ (رُخ مٽائڻ) جو سسٽم تفريح جو ڪارڻ ھوندو ھو ـ

ٻيو سفر به اتفاق سان ان وقت ٿيو جڏھن 1971 جي جنگ لڳي ـ مان پنھنجي امڙ ۽ ننڍن ڀيڻ ڀاءُ کي ساڻ ڪري حيدرآباد مان سرڪاري بس ۾ ڳوٺ (ڀرين) لاءِ نڪتو ھئس ـ مٽياريءَ ويجھو خبر پئي ته پاڪستان ۽ ھندستان جي جنگ شروع ٿي وئي آھي تنھنڪري رات جو بليڪ آئوٽ سبب بس جون بتيون ٻارڻيون ناھن ـ ان مھل سانجھي ٿي چُڪي ھئي ۽ بس ۾ مسافر به ٿورا ھئا جيڪي واٽ تي مختلف شھرن ۾ لھندا ويا ـ سڪرنڊ کانپوءِ بس ۾ رُڳو اسان بچياسين پر شابس ھجي ڊرائيور کي جنھن اسان کي اونداھيءَ ۾ به بس ھلائي موري پھچائڻ جو وعدو ڪيو ـ موري ۾ لاري اڏي تي اونداھيءَ ۾ ماڻھن جا ھشام گڏ ھئا جن ٻڌايو ته ھن مھل ڀرين لاءِ ڪابه سواري ڪانه ملندي سواءِ ٽرين جي جيڪا پڻ ٺاروشاھه کان ڦيرائيندي نوشھري فيروز ڇڏيندي ـ ھڪ رستو اھو ھو ته نوشھري وڃي مامن جي گھر رھي صبح جو ڀريا وڃجي ۽ ٻيو رستو ھو موري شھر ۾ ڪنھن واقفڪار جي گھر ترسي پئجي، پر ان مھل سندن گھر ڳولڻ ڏکيو لڳو تنھنڪري ڪجھه رضاڪارن جي رھنمائيءَ ۾ پنڌ ڇڪي ريلوي اسٽيشن تي پھتاسين ـ ٽرين اچڻ ۾ ڪافي دير ڪئي ۽ جڏھن آئي ته ھلڻ ۾ به اڌ رات ڪري ڇڏيائين جو ٻاڦ تي ھلندڙ ڪاري انجڻ جي ڊرائيور صاحب پنھنجي گھر لاءِ انجڻ تي ڪاٺيون ۽ گاھه لوڊ ڪرائڻ لازمي ٿي سمجھيو ۽ جڏھن ماڻھن اعتراض ڪيو ته ڊرائيور به ضد ۾ اچي ويو ـ الله الله ڪري ريل گاڏي ھلي ته سھي پر رفتار ايتري سُست ھئس جو ھلندڙ ٽرين مان ماڻھو لھي گھمي ڦري وري اچي چڙھي ته به ڪو فرق نه پوي يا ڪو چور ڌاڙيل چڙھي اچي ته ڪير روڪڻ وارو به ڪونه ھو ـ اسان ۽ ڪي ٻيا مسافر رات جو ٻي وڳي ڌاري نوشھري پھتا ھئاسين ـ

مونکي ننڍپڻ کان ريلوي اسٽيشنن جو منظر ڇِڪ ڪندو رھيو آھي ـ ريل جون پٽڙيون، پليٽفارم، پٿر يا ڪاٺ جون بينچون، ويٽنگ روم ۽ انگريزن جي ٺھرايل انھن عمارتن جي ويٽنگ رومن  اندر پراڻي زماني جون آرام ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيچر! سڀ عجيب قسم جو رومانوي داستانن وارو ماحول پيدا ڪندڙ لڳندا آھن ـ اھي ساڳيا احساس شايد ھالي ووڊ ۽ بالي ووڊ وارن جا به آھن ، جن کوڙ فلمون ريلوي اسٽيشنن ۽ ڪي ته صرف ويٽنگ رومن اندر ئي پڪچرائيز ڪيون ـ ڪوئلن ۽ ٻاڦ تي ھلندڙ ريل گاڏين واريون ته ڪلاسيڪل فلمن ۾ ڳڻجن ٿيون ـ بالي ووڊ جي فلم “اجازت” جو به وڏو حصو ھڪ ريلوي اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ پڪچرائيز ٿيل آھي جنھن ۾ ريکا ۽ نصيرالدين شاھه جا يادگار ڪردار آھن ـ پاڪستاني فلمن ۾ مونکي اڳوڻي وفاقي وزير جاويد جبار جي پنھنجي جوانيءَ ۾ ٺاھيل انگريزي فلم Beyond the last mountain ياد آھي جنھن ۾ ھڪ ٽرين جا ڪجھه منظر سنڌ ۾ لڪي شاھه صدر ويجھو ڀڳي ٽوڙھي جبل جي من موھيندڙ علائقي ۾ فلمايا ويا ھئا ـ

ڪيترن ئي ورھين کانپوءِ ھمسفر گاڏھي ۽ ٻين دوستن سان 2014 ۾ حيدرآباد کان لاھور تائين ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو مليو ته ڪجھه گھڙيون ويٽنگ روم ۾ ويھي پراڻيون يادون تازيون ڪيونسين ـ انگريزن جي زماني جون آرام ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيچر بلڪل ساڳي حالت ۾ ھو پر ريلوي اسٽيشن جي عمارت ڏسي ملڪي اختيارين جي بيحسيءَ تي افسوس ٿيو ـ ڦٽل عمارت ۾ ٽڪيٽ ڪائونٽر واري ھال ۾ سڄي ڇت ۾ لٽڪيل چمڙا ٻڌائين پيا ته ريلوي اختياريءَ ڪيئن پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آھن ـ

حڪومت توڙي ريلوي اختيارين پنھنجون اکيون ته تڏھن ئي ٻوٽي ڇڏيون ھيون جڏھن ھنن سنڌ جي عوام کان سفر جو سستو ۽ محفوظ ذريعو کسڻ سان گڏ انگريزن جي ڇڏيل تاريخي ورثي لُوپ لائين کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ـ اھو فيصلو 1983 واري ايم آرڊي ھلچل کانپوءِ ڪيو ويو ـ ڪن جو چوڻ آھي ته جنرل ضياءَ مخالف ھلچل جو گھڻو زور انھن علائقن ۾ ھو جتان اھا ريلوي لائين لنگھندي ھئي ۽ ٽرينون بند ڪري اتان جي عوام کي سزا ڏني وئي ـ ڪي چون ٿا ته خانگي ٽرانسپورٽرن جي مافيا روڊن تي پنھنجون بسون وڌائڻ لاءِ ريلوي اختيارين کي رُشوتون ڏئي اھو ڪُڌو ڪم ڪرايو ـ اڳتي ھلي ميان صاحبن جي حڪومت دوران خبرون ھليون ته سنڌ جي لُوپ لائينن واريون لوھي پٽڙيون سندن لوھه جي ڪارخانن ۾ منتقل ٿينديون، پر شايد ان تي عمل نه ٿي سگھيو ۽ اڄ به سنڌ اندر سفر ڪرڻ وارا ڏسندا ھوندا ته لُوپ لائين جون پٽڙيون يا ته زمين اندر دٻجي ويون آھن يا ڪٿي ور کائي مٿي اُڀيون ٿي ويون آھن ۽ ريلوي اسٽيشنن جون عمارتون کنڊرن ۾ بدلجي چُڪيون آھن ـ ساڳيو حشر ڪوٽڙيءَ کان لاڙڪاڻي ۽ اڳتي ويندڙ ريلوي لائين جو ٿيڻ وارو آھي جنھن تي ھاڻي شايد ھڪ ٽرين ھلي ٿي ـ لاڙڪاڻي ۾ به ريلوي اسٽيشن ويران ۽ برباد نظر آئي جو شھرين موجب ھڪ ٽرين ھلڻ جي ڪري مسافرن جو لاڙو بسن ۽ ويگنن ڏانھن ٿي ويو آھي ـ مونکي افسوس ته ان مھل ٿيو جڏھن لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي ھڪ کنڊر جھڙي عمارت ۾ ڍور ڍڳا بيٺل ڏٺم ـ اھا عمارت شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين حڪومت ۾ ڊراءِ پورٽ لاءِ ٺھي ھئي پر ڪڏھن به استعمال نه ٿي ـ ان لائين تي به مون ڊسمبر 1980 ۾ ڄامشوري کان ڏوڪريءَ تائين رات جو سفر ڪيو جنھن ۾ رات جو سخت سرديءَ ۾ ڏڪڻ ۽ پينگھي وانگر لُڏندڙ پراڻي گاڏي جي دريءَ جو ٻاھر ڪرڻ اڄ به ياد آھي ـ

ھوڏانھن حيدرآباد کان ميرپور خاص ۽ ٿر مان کوکڙا پار کان ٿيندي ھندستان سان ملائيندڙ ريلوي لائين جي تباھي به ڪنھن کان لڪل ڪانھي ـ مشرف جي زماني ۾ اُردو آباديءَ کي انڊيا ڏانھن سفر جي سھولت ڏيڻ خاطر ٽرين ھلائڻ لاءِ ريلوي لائين جي مرمت نه ٿئي ھا ته اڄ ان جي حالت به لُوپ لائين جھڙي ھجي ھا ـ مون ته ٿر ڏانھن سفر ڪندي نئين ڪوٽ واري رستي کان ريلوي لائين جو حشر اھڙو ئي ڏٺو آھي جھڙو لُوپ لائين جو آھي ـ اسان جا حڪمران شايد سوچيل سمجھيل پاليسيءَ ھيٺ سنڌ جي ان تاريخي ورثي کي نظرانداز ڪري تباھه ڪري رھيا آھن ـ سچي ڳالھه ته ھيءَ آھي ته 1861 ۾ قائم ٿيل ريلوي سرشتو ڪراچي کان لاھور مين ريلوي لائين کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ ۾ تباھه آھي ـ دنيا وڏي تيزيءَ سان ريلوي جو جديد سرشتو تيار ڪري پنھنجي عوام کي سفر جي سھولت ڏئي رھي آھي ۽ اسان پوئين پير ھلندا پيا وڃون ـ جيڪڏھن ٿورو گھڻو ڌيان ڏنو ويو اھي تہ صرف پنجاب جي لاھور ۽ ٻين ڪجھ ريلوي اسٽيشنن تي ۽ ڪراچيءَ کان پنجان تائين ٽرينون ھلائڻ تي، جنھن جو تجربو 2023 ۽ 2025 ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين سفر ڪرن سان ٿيو. 

____________

نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN  سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر اِن چيف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button