تو جي ڳاڙھا جوڙا پاتا، ننگر شھر ۾ نير مھانگو
حليم باغيءَ جي نظم ھاءِ ھٺيلا تي ھڪ ادبي تاثر جنھن ۾ ٿر جي سونھن جو عڪس به آھي، ته سنڌ ديس جي تاريخ به آھي، جيڪا ديبل کان ويندي جھوڪ تائين سفر ڪري ٿي.
ڳاڙهو جوڙو پائڻ ته شهادت جو استعارو آهي ۽ شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي پوءِ ننگر شهر ۾ نير مهانگو ڇو ٿيو؟ مون حليم باغي کان اهو پڇيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو
رشيد احمد خاصخيلي
مون ڪيتري ئي وقت کان سوچيو پئي ته حليم باغيءَ جي نظم “ھاءِ ھٺيلا ” تي پنھنجي مطالعو ۽ پنھنجي تحقيق لکان، جيڪا مون ان نظم پڙھڻ کان پوء سھيڙي ھُئي. پر سچ ته آئون دل نه جھلي سگھيس ۽ قلم کي روڪي رکيم. ان رُڪاوٽ لاءِ مون وٽ ٻه ڳالھيون ھيون، جيڪي خود باغيءَ جي لفظن مان اُڀريو ھيون ۽ منھنجي ذھن تي سوار ٿي ھلڻ لڳيون ھُيون ۽ منھنجي لکڻ ۾ حسرتن جون حائل ديوارن اُڀيون ڪري بيھي رھيون ھُيون.!

پھرين ڳالھ جيڪا باغيءَ لکي آھي: ” آئون تمام گهٽ لکندو آهيان، منهنجو دوست مظهر لغاري چوندو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن لکي ته هن جيڪا پنهنجيءَ لکڻيءَ جي سطح رکي آهي، ان کان مٿي لکي يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي برقرار رکي، باقي انگ پوري ڪرڻ جي لاءِ، ڳڻائڻ جي لاءِ نه لکي. آئون به سندس انهيءَ خوبصورت راءِ سان متفق آهيان. ماڻهو لکي ته واقعي روح کي گرمائڻ واري ڪا شئي ئي لکي ورنه ٻوڙ هارڻ کان سٺو آهي ته چُپ رهجي.”
ٻي ڳالھ؛ ھِنَ جو ھڪڙو شعر آھي :
“اھي ڪورا پنا آخر ٻڌائي ڇا ٻڌائيندا،
جو ڪاري رات ۾ جن ڪجھ سٺو ناھي ڏٺو ناھي.”
جڏھن مون باغيءَ جي مٿين سوچ ۽ مٿيون شعر پڙھيو ته مون سندس شاعري تي لکڻ کان پرھيز ڪئي. نه صرف باغيءَ جي شاعري پر ھر لکڻيءَ تي لکڻ کان اڳ مون ڪيترائي ڀيرا سوچيو، ته واقعي جي لکجي ته ڪجھ معياري لکجي نه ته لکڻ کان پاسو ڪجي. پر سچ ته اُھو به آھي جو منھنجي قلم ۾ ايتري سگھ ۽ سنگيني ناھي جو آئون معيار جا پيمانا ماپي لکان. پوءِ ٿيو ايئن جو مون لکڻ جا سڀئي ارمان وقتي طور ڇڏي ڏنا ۽ پڙھڻ واري ڪرت سان لڳي ويس.!
ڪتابن جا ورق ورائيندي سال اک ٻوٽ ۾ گذري ويو ۽ مان لکڻ جي جسارت ساري نه سگھيس. پر اڄ الائي ڇو منھنجي ذھن تي ايوب کوسي جي ھنن لفظن اچي آکيرو اڏيو آھي ” اوچتو اهو خيال ڪر کڻي اُڀو ٿيو ته، ڇو نه بابا ڀٽائيءَ جي فڪر تي ڪو دل وارو ڪم ڪري ڏسجي. لطيف کي دل ۾ ته زمانن کان رکيو پيو هلجي، ڇو نه هُن جي شاعريءَ کي پنهنجي عاشقاڻي اک سان ڏسجي. لطيف تي پنهنجي سوچ ۽ نظر سان اظهار ڪري ڏسجي. نئين صبح ۾ اڀريل ان خيال سان نڀائڻ جو وچن ڪري ويٺس! جڏهن لطيف کي ويهي، نئين انداز سان پڙهيم، ته لطيف ايترو ته گھرو ۽ نئون لڳم، جو سڀ ارادا ٺري ويا، سوچيم، ڀٽائيءَ تي اڀياس جو ڪم منهنجي ذهن کان گھڻو ڳرو آهي، ڪونه نڀائي سگھنداسين! دنيا جي هڪ عظيم شاعر جي شاعريءَ تي لکڻ مون کي ناممڪن لڳو. پر دل جي عشق چيو، عشق ڪرڻ تنهنجو حق آهي، سُهڻي ٿِي وڃ، باقي جيڪا درياهه جي مرضي!
جڏھن مون اڄ ايوب کوسي جي آخري سٽن کي ذھن ۾ ورجايو ته ” مھنجي دل به مون کي اُھو سنيھو ڏنو ته باغيءَ جي شاعريءَ سان عشق ڪرڻ تنھنجو حق آھي اڳيان جيڪا وقت جي مرضي! ۽ ائين اڄ لکڻ جا سڀئي ارادا گڏي لکڻ ويٺو آھيان. حليم باغي سنڌ جو اُھو سُونھون ۽ برجستو شاعر آھي، جنھن جي شاعري جون ڪجھ سٽون ئي ھن جي امرتا جون ساکي آھن جيڪي سٽون ھن کي امرتا جي جھنڊي ھيٺ آڻي بيھارين ٿيون، ۽ اھڙي امرتا به تمام گھٽ شاعرن جي حصي ۾ اچي ٿي. پراڪرتي جي گولي تي ان جا ڪيترائي اُھڃاڻ ۽ شھادتون ڏسڻ ۽ پڙھڻ وٽان آھن ۽ اھڙا ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن، جن پنھنجي شاعريءَ جي اختصاري سٽن ۾ ئي لوڪ کان پاڻ کي ۽ پنھنجي شاعري کي دوام جا پيغام ڏياريا آھن. ڏٺو وڃي ته دراوڙن جي ڌرتي سنڌ به اھڙن شاعرن جي سُونھن سچائي ۽ سُندرتا جي تاريخ کان آجھي ڪونھي، جيڪا حقيقي تاريخ آھي.
رشيد ڀٽيءَ لکيو آھي ” دانشور اديب شاعر ۽ فنڪار ئي پنھنجي ديس جي صحيح ۽ حقيقي تاريخ لکندو آھي. مورخن ۽ تاريخدانن جي ليکل تاريخ ڌرائتي درٻاري واقعن سان ڀرپور حاڪمن جي حمد وثنا سان سرشار ۽ انھن جي حاصلاحت ۽ ناڪامين شخصي عياشين ۽ محرومين جي تاريخ ھوندي آھي.” اُھا الڳ چئبي ته اسان اھڙي حقيقي تاريخ جا ورق ورائي ان مان ذھن جي باغ کي سنواري سينگاري ناھيون سگھيا، جيڪا اڏول شاعرن پنھنجي شاعري ۾ لکي آھي. ! آئون ھتي پراڪرتي جي ڪجھ شاعرن جي اھڙي شاعريءَ تي لکڻ گُھران ٿو جنھن کي فنا ناھي، جيڪا شاعري منھنجي من ۾ گھر ڪري وئي آھي ۽ ان شاعريءَ کي ڪو به وقت جو سڪندر، چنگيز ۽ ھلاڪو پنھنجي خيالي گھوڙن، جي پيرن ھيٺان لتاڙي ماري ناھي سگھيو، نه ئي ڪو ماري سگھندو. تڏھن ته عبدالواحد آريسر، به لکيو ھو ته ” آئون سمجھان ٿو ته ايشيائي ماڻھو ۽ آفريڪي پڻ جيڪڏھن زنده آھن ته سياستدانن جي ڪوشش کان وڌيڪ شاعرن جي شاعريءَ وسيلي ” آريسر، کان معذرت ڪندي آئون ايترو واڌارو ڪندس ته نه صرف ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻھو پر اُھا ڳالھ دنيا جي سڀن خطن سان لاڳو ڪري سگھجي ٿي.! ھيٺ اھڙي شاعري ڏجي ٿي جيڪا دلين ۾ گھر ڪندڙ آ جنھن کي دوام آھي:
ماتا
ڇا ڳالھ آھي
مون کي کير ڪٽورو ڏي
ڇا لاءِ
ان لاءِ ته آئون پيئان
ھاڻي نه
رڳو رات جو
رات ڇا ٿيندي آھي
جڏھن ڌرتي ۽ آڪاس اونداھا ٿي ويندا آھن.
(نامعلوم سنسڪرت شاعر)
ماکيءَ جو مکيون اُھي ڦُول ڇا ڪنديون جي ڦٽي ڪيا ويا آھن.
(ڪاليداس)
آھستي ڳالھاءِ منھنجو ساجن منھنجي من ۾ آھي
متان اھو توکي ٻڌي نه وٺي.!
(نامعلوم)
منھنجي عمر ته ھڪ ختم نه ٿيڻ واري چُمي آھي، جا ڪيئي ميل اڏامدڙ پنڇيءَ ونگر اڻ_ ٿڪ آھي.
۽ ھوا وانگر پنڌ پورو ڪري ٿي.
ليڙن ۾ لپيٽل سچائيتون ڇوڪريون چون ٿيون اسان به لفظ آھيون،
اسان به صدا جو ذائقو آھيون،
آسمان بيٺل نيرو سمنڊ،
کير پياڪ ڇيلڙو به ھڪ لفظ آھي،
ڌرتي ھڪ ڦھليل نظم آھي،
۽ مان ڪڏھن سڪل درياھ ڪڏھن سچائيتن ڇوڪرين جو سڏ.
(اصغر نديم سيد)
ھن گلابي شام ۾،
پريان پھاڙي لام ۾،
ھيءُ ڪارن ڪُميتن جا
ڪيئي اڙٻنگ سوار توکي سڏيندا ٿا وڃن
پر جي ٻڌين.!
(خير محمد مري جھمپير جو شاعر)
عمر کان غافل نه رھ اُھا ائين آھي جيئن ٻيڙي پاڻيءَ تي بيٺل نظر ايندي آھي، پر درصل تير وانگر ويندي رھندي آھي.!
(تاجڪ شاعره گُل رخسار)
ڏٺو وڃي ته ڀاڳو ڀان، کان ويندي ڀٽائي تائين ۽ ڀٽائي، کان ويندي شيخ اياز ۽ حيلم باغيءَ تائين سنڌ ۾ ڪيترائي شاعر آھن. جن جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ڪائناتون آھن ۽ انھن ڪائناتن ۾ ڪيتريون ئي ڪھڪشائون آھن. پر اھڙي شاعري لاءِ ھڪڙو شرط ھر شاعر مٿان عائد ٿو ٿئي جنھن کي سينٽ جا پرسي، پنھنجن لفظن ۾ ھئين چيو آھي:
“And it is enough for a poet to be the guilty conscience of his time”
(يعني اھو شاعر لاءِ ڪافي آھي ته ھو پنھنجي دور جو مجرم ضمير ٿئي.)
آئون ھتي شيخ اياز جي ھن ڳالھ سان به اتفاق ڪريان ٿو ” دور جي جرم جو اعتراف ۽ سياسي بيداري شاعري لاءِ ڪافي آھي _ جي شاعر جي سياست سان وبستگي آھي. پر اُھو اسان کي سمجھي ڇڏڻ گُھرجي ته شاعر جي آغوش ۾ ساري ڪائنات آھي ۽ ھن کي صرف سياست تائين جبرا محدود ڪرڻ ھڪ بيڪار ڪوشش آھي. “
جي غور ڪري ڏسنداسين ته اُھي سڀئي خوبيون حليم باغي ۽ سندس شاعري ۾ قابل نظر آھن. ڇو ته باغي پنھنجي دور جو ضمير مجرم سُجاڳ ۽ وڏو بيدار شاعر آھي. سندس بيداري ھن جي ھر شاعري مان بکي رھي آھي اچو ته ھتي باغي جا ڪجھ شعر پڙھي ڏسون.
اڙي زندان ۾ واڙيل سرنھن ڦولارجي وئي آ
۽ تنھجي ڪنٺ ۾ ڦاٿل ڪو نغمو ئي ڦٽو ناھي
***
داڦوڙن سان ڌرتي چور
خاڪي ورديون اوٺا وڳ
***
ھي سنگھرن جي موسم صدائن جي موسم
ھي تعزير ۽ رُت جي وفائن جي موسم
***
اڏائي دھوڙ راھ ۾ اڄ ھلون ته ھيئن ھلون
جو اسان جي شھر ڏي ورڻ جي واٽ ئي ڊھي وڃي
***
ھن راھ تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي
بادل به ھٽي ويندا پڻ باک ڦٽي پوندي
تون مرڪ ڇڏي منھن تان کڻ ڪارن وارن کي
جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا ھي روڳ ھزارن کي
***
ڏاڍو ڪريو ڇو ڇا لاء ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماڪ آ پوء ڪھڙي باغ جي موري آ
قاتل جي ھٿ ۾ لرزش آ خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
ھي منھنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لاء مجبوري آ
اڄ ڌرتيء ماءُ جي ڳل لڳي ھر باغيء پئي ٿي ھيئن چيو
مان ڪسجان تنھنجي راھن ۾ منظوري آ منظوري آ
***
ھي ديوانن جي فطرت آ ڪو ڏوھ نه دربو مقتل تي
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي
حليم باغيءَ جي مٿين شعرن کان علاوع به ھِنَ جا غزل اسان جيئن جيئي ڪو جھان ۾، اسان کي سوڀ ھار جو جو ڪو ڀروسو ناھي، رت ديس تنھنجي راھ ۾، جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، سنڌو ساھ ۾ سمائي ڇڏسين، ھي ديوانن جي فطرت آ، ڇڏ وانڌا ويندين راتين جا، رھن ٿا عرش جا آرا، اکيون به ٻانڊي، بيداريءَ جا اھڙا اُھڃاڻ آھن، جيڪي سوچيندڙ ذھنن مان ڪڏھن به مٽجي نه ٿا سگھن. نه صرف باغي جا غزل پر ھن جا نظم انسان ٿيو، تون ھل ته ھلون ھي شھر ڇڏي، ڪبوترا، ٽوڙھيءَ وارن جي دم سان، ڀلي مُسڪرايو، او شوخ ھوا، وقت مٽجي پيو، منھنجي ٿر جو حال جي پڇندي روئي پوندي، انقلاب زنده باد، ڪارونجھر جي ڪاري چوٽيءَ، ڪمال راھمون جي شھادت، احمد ملاح جي ياد ۾، نعرا ھڻندا ھلو پير کڻندا ھلو، سنڌي گوريلي ۽ پريميڪا جي ڳالھ ٻولھ، اھڙا نظم آھن جيڪي ھن شاعر سجاڳي جي ساک طور بيداري جي ڳوٺ ۾ بيھي پنھنجي ذھن جي آتڻ تي اُڻيا آھن، ۽ ھڪ فرياد طور ھن اُھي سڀئي نظم وقت جي ايندڙ منصف (سنڌ جي ايندڙ شعور) لاءِ سانڍي رکيا آھن. اُھا الڳ ڳالھ چئبي ته سنڌ جو شعور انھن فريادي نظمن جو ڪڏھن ٿو ڪاٿو ڪري ۽ پنھنجو فيصلو ڏي.!
ھونئن به ڏٺو وڃي ته جيڪڏھن ڪنھن سجاڳ شاعر جو پورھيو ان جي ديس جي تاريخ ۾ شامل نه ڪيو وڃي، ته ان ديس جي تاريخ ڪڏھن به مڪمل ٿي ئي نه ٿي سگھي. ان ڳالھ جو ادراڪ ڀاڳو ڀان، کان وٺي حليم باغي تائين رھيو آھي تڏھن ته اياز لکيو ھو ” ھومر کان سواءِ يونان جي تاريخ اڻپوري آھي. ورجل کان سواءِ اٽلي جي سڃاڻ مشڪل آھي. شيڪسپيئر کي ڪڍيو وڃي ته ايليزبيٿ جو دور فقط جنگين جي ھڪ بي معني تاريخ رھجي وڃي ٿو. فردوسي نه ھجي ته فقط سائرس جو دور ايران لاء ايترو فخر جو باعث بڻجي نه ٿو سگھي. تاريخ فقط تلوار نه آھي، فقط نيزي تي سر نه آھي، فقط جنگ جي ميدان ۾ لھوءَ لويل لاش نه آھي، فقط ملڪن جي ھوس گيريءَ ۽ حُڪمراني جو داستان نه آھي، فقط بادشاھن جون درٻاريون ۽ انھن ۾ کجندڙ تلوارون ۽ مجرن جا گھنگرو نه آھي، تاريخ اُھو دور به آھي، جنھن ۾ ڀٽائي جي يڪتاري مان آواز اڀريو. تاريخ مان جيڪڏھن مائيڪل اينجلو جو(سٽائين چئپل) ڪڍيو وڃي ته يورپ جي وچولي دور جي تاريخ به معني ٿي ويندي. سچي ۽ اصلي تاريخ شاعر آھي، فنڪار آھي، موسيقار آھي، معمار آھي، اليڊ ۽ آڊيسي آھي، موزا رٽ ۽ شاپن آھي، اجنتا آھي الور آھي، تاج محل آھي ڪراڙ ڍنڍ جو ڪپر آھي، درازا جو دروازو آھي(حليم باغي جو نظم ھاء ھٺيلا آھي. )” باغي وٽ نه صرف بيداري آھي، پر ھن وٽ پنھنجي ديس جي تاريخ جو اُونھو اڀياس به آھي، جنھن اڀياس کي ھن شعوري طور پنھنجي شاعري ۾ اولين مقام ڏنو آھي. ان جا ڪيترائي مثال ھن جي شاعريءَ مان ڏئي سگھجن ٿا، پر پاڻ ھتي ھن جي نظم ھاءِ ھٺيلا، کي جاچينداسين جنھن نظم ۾ ٿر جي سونھن جو عڪس به آھي، ته ڪنھن ڪنواري ناريءَ جي آسن اميدن جا سڏڙا به آھن، ته ان جي ماٺي وجود جا لڪل ٿڌا شوڪار به آھن، جيڪي بظاھر ته ظاھر ناھن. ساڳي نظم ۾ ويساھ ۽ نيھن جون روايتون به آھن ته انھي سان گڏو گڏ ھن نظم اندر سنڌ ديس جي تاريخ به آھي، جيڪا تاريخ ديبل کان ويندي جھوڪ تائين سفر ڪري ٿي.
ھيٺ نظم ڏجي ٿو:
هاءِ هٺيلا
ڪٿ ڪٿ ڪونڀٽ1 تُوتيا2 ڇاڻيا، ڪٿ ڪٿ لامن لُڏڪن پلڙا
ڏس ته گهُگهيري3 ڳاڙهي ٿي آ، ڳاڱيءَ4 جا ٿيا ڳاڙها ڳلڙا
گولاڙو5 ڀي ڄار سان ٻکجي، پن پن ڀيٽا ڏي ٿو ڇلڙا
ٿر ٿر ٿرڪن ٿوهر ڳاڱيون6، هير ٿڌيءَ جو ٿي هٻڪارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو
سينڌ سڪو سينڌور او ساونت چوٽيءَ جو ٿيو ڦل اڦانگو
هاءِ اڃارا سپنا منهنجا، هاءِ ”پيا“ جو پنڌ اڙانگو
ڌوڙ اڏي گجرن تي پيئي ڌوڙاکو7 جوڀن جٺيارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
تُون چئه چانڊوڪين ۾ چُوڙا، مون کي چڪ نه هڻندا هوندا؟
کاپي8 کاڌا کُهنبا منهنجا، ٿڌڙا ساهه نه کڻندا هوندا؟
پن ڇڻ واري پيلي پن جان، لُڙڪ نه منهنجا ڇڻندا هوندا؟
پر مون پنهنجا چپ سِبيا هِن، ڪونه پريان ٿي سرد شوڪارو،
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
کوڙ کٽن تي کرڙيون هڻندي، ماڻهو پنهنجي موت مري ويا
ڪن کي ڇوهي ڇولين ٻوڙيو، ٻوهن9 جيئن ڪي باهه ٻري ويا
ڄڻ ته هيا سرهاڻ جا جهوٽا، ڄڻ تي وڄت جا ٺاٺ ٺري ويا
ڪارونجهر جا ڪڪرا ريٽي رت سين ڪوئي راڄ دلارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
مون ئي مرکان شيخڻ بڻجي، توکي لاڏا ڳايا ميمڻ
مون ئي ڀرمل ديوي بڻجي، تنهنجا وير چڪايا ميمڻ
مون ئي ٻاگهل ٻائي بڻجي، خلجي کوڙ کپايا ميمڻ
توکي ڏونگر ڏس اماڻي، مون ته ڪيو آه نينهن نيارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
چوٽيءَ ٻڪ ٻهار جا پاتم، ڇاڻي پاتم ڇار ڇتن10 ۾
سي ته وڃين ها پريتم پائي، رهجي ويا جي هار هٿن ۾
تو ته چيو هو توکي نيندس، ڏوليءَ چاڙهي روجهه11 رٿن ۾
تون ته وڃين ٿو، مون نه سڏين ٿو، هئه هرجائي تون به اڌارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
تنهنجي دم سين رڻمل راڻا کرڙيءَ منجهه کٿوريون لٽجن
ماءُ مياڻي سدا سهاڳڻ ٽلٽيءَ ۾ ٽانڊوڻا ٽمڪن
تنهنجي دم سين ڀورا 12 بلاول! حق موجود جا هوڪا ٻڌجن
تو سين جهوڪ عنايت واري، تو سين ديبل ڏاهر وارو
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.
_____
(1.3.4.6.)ٿر جي وڻن جا نالا
2.گونچ
5.ول جو نالو جنهن ۾ گولون لڳن ٿيون
7.ڌوڙهاڻو
8.کپت ۽ ڳڻتي
9.ٿر جو هڪ ٻوٽو
10.کليل ڊگها وار
11.روجهه جوٽيل گاڏي
12.ڀوري رنگ وارا
مٿيون نظم حليم باغي ڳڙي ياسين، جي شھيد احسان ميمڻ، جي شھادت تي مرثيي طور لکيو ھو جنھن کي اسان محض پنھنجي انفرادي ڏُک ۽ رومانوي خواھش تائين ئي سمجھي سگھيا آھيون. جنھن شھيد احسان ميمڻ، جي قرباني ۽ اتھاس کي اسان اڃا تائين ڄاتو ئي ڪونھي، جيڪا وڏي دکدائڪ پيڙا پڻ آھي. جو اسان سطحي سوچ کان وڌ پنھنجي ذھن کي ڪجھ ڏنو ئي ڪونھي، تڏھن ته ڀٽائي به چيو ھو :
ڪنول پاڙو پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس،
شھيد احسان ميمڻ، لاء عبدالواحد آريسر لکيو آھي ته ” مون ٻڌو هو ته شھيد احسان ميمڻ کي گولي نڙيءَ ۾ لڳي هئي. اِهو ٻڌندي مون کي ڪربلا جو واقعو ياد آيو، جنهن ۾ يزيدي لشڪر جو هڪ تير امام حسين عه جي نڙيءَ ۾ لڳو هو. پاڻ اُهو تير ڇِڪي ڪڍي هڪ تاريخي جملو چيو هئائون ته: ”ڪعبي جي رب جو قسم! آءٌ ڪامياب ٿي ويس.“ مون کي خبر ناهي ته شهيد احسان ميمڻ گولي لڳڻ وقت ڪو جملو ڳالهايو به هو يا نه، پر سندس احساس يقيناً اهي هوندا ته: ’ڄامشوري جي ڌرتيءَ جو قسم! آزاديءَ جي لاءِ مون جيڪو قسم کنيو هو، سو پورو ڪيم.” شھيد احسان ميمڻ، ته آزادي جو اُھو جھنڊو بلند ڪندي ڄامشوري، جي پٿريلي مٽي تي شھادت، جي موت کي چُمي ڏني ھئي، جنھن آزادي جي جھنڊي لاءِ آريسر، شھيد احسان ميمڻ، جي ورسي تي ھي لفظ چيا ھا ته ” آزاديءَ جو جهنڊو مون وٽ پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي عصمت کان وڌيڪ مقدس آهي ۽ اُن جي حفاظت لاءِ احسان ميمڻ وانگر زندگين جا گلابَ، موت جي روشن ڪفن ۾ ويڙهي پيش ڪرڻا پوندا.” حليم باغي، جڏھن احسان ميمڻ، جي شھادت، جو ٻڌو ته ھن جي قلم ۾ مس بجاءِ ھن جو لھو ڊوڙڻ لڳو ۽ ھن مٿين رچنا تخليق ڪئي. جنھن تي ڳالھائيندي آريسر، ائين به چيو ته ” آزاديءَ جي راھ ۾ موت عظيم موت هوندو آهي ۽ جڏهن اُن موت جو ذڪر حليم باغيءَ جهڙي شاعر جي شاعريءَ ۾ نروار ٿيندو آهي ته اُهو موت ايڏو ته خوبصورت ٿي پوندو آهي، جنهن تان سُهاڳ راتِ جون زندگيون به قربان ڪري سگهجن ٿيون. احسان ميمڻ، جو موت نه رڳو حليم باغيءَ جي شاعريءَ جي ذريعي دائمي زندگي ماڻي ويو، پر جمن دربدر جي هن شعر جو پڻ تعبير بڻجي ويو، جيڪو پڻ احسان ميمڻ جي شهادت تي لکيو ويو ھو
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چِٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو!
مٿيون گيت ماما جمن دربدر، به شھيد احسان ميمڻ جي شھادت تي لکيو ھو. جنھن جو ذڪر ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيلي طور درج ڪيو آھي. پاڻ کي اڄ ڳالھ ڪرڻي ھُئي ھاءِ ھٺيلا نظم، جي جنھن نظم ۾ ھڪڙي سٽ آھي
تو جي ڳاڙھا جوڙا پاتا، ننگر شھر ۾ نير مھانگو!
مٿين سٽ کي اسين اڄ تاريخي روشني ۾ جاچينداسين، ان کان پھريان ساڳي سٽ لاءِ عبدالواحد آريسر، ڇا ٿو لکي اچو ته پڙھي ڏسون ” آئون پاڻ ڪڏهن ڪڏهن باغي کان سندس شاعري سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان حالانڪه آئون انهي غلط گمان ۾ آهيان ته مون سنڌ جي تاريخ ڪافي پڙهي آهي، مون شهيد احسان ميمڻ تي سندس لکيل مرثيو پڙهيو ته ان مرثيي جي هڪ سٽ تي آئون منجهي پيس.
”تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو“

ڳاڙهو جوڙو پائڻ ته شهادت جو استعارو آهي ۽ شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي پوءِ ننگر شهر ۾ نير مهانگو ڇو ٿيو؟ مون حليم باغي کان اهو پڇيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته گهڻا ماڻهو نيرا ڪپڙا پائڻ شروع ڪن ته نيرو رنگ مهانگو ٿي ويندو. اها مون کي خبر نه هئي ۽ هن انڪشاف جي گهڻ اديبن کي به خبر نه هوندي،
آريسر جي ڳالھ پڄاڻان اُھا راءِ بلڪل ٺيڪ آھي ته سنڌ جو ماڻھو ان نير لفظ جي تاريخ ۽ حقيقت کان گھڻي ڀاڱي بلڪل آجھو آھي. اسان سوچينداسين ته آخر “نير” لفظ کي باغي ايڏي اھميت ڇو ڏني آھي، ڪٿي باغي کي اُھو ادراڪ ته نه ٿيو ھو ته نير جي تاريخ منھنجي ديس مان اڻ لڀ ٿي وئي آ. ڪٿي اُھا بلڪل ٿورن ئي صحيح ذھنن مان به ميسارجي نه وڃي. قياس آرائي ڪري سگھجي ٿي ته ممڪن آ باغي وٽ اھڙي سوچ اچي گھر اڏيا ھُجن ۽ ھن ان تاريخ کي پنھنجي شاعري ۾ جڳھ ڏني ھُجي
جيڪڏھن پاڻ نير بابت تاريخي وکون کڻون ٿا، ۽ ھن ديس جي تاريخ ۾ پوئتي پير ڪري ڏسون ٿا، ته نير جا پيرا ۽ اُھڃاڻ اسان کي انگريزن جي چانھ ۽ آفھيم فروخت ڪندڙ ايسٽ ايڊيا ڪمپني جي دستاويزن مان ملن ٿا. ( جنھن ڪمپني جو احوال ملڪئه برطانيه راڻي اليزبيٿ کان وٺي ننڍي کنڊ جي فتح تائين. دادا سنڌي پنھنجي ڪتاب 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ ۾ تفصيل سان لکيو آھي) نه صرف نير جي خريداري سنڌ مان گورن انگريزن ڪئي، پر ھنن جي تاريخي دستاويزن مان پوروچگيزن ۽ ڊچن جو احوال به ملي ٿو. جن پڻ ساڳي وکر جي وڏي پيماني تي خريداري ڪري ڏور ڏيسار جي ملڪن تائين فروخت ڪئي ۽ جھجو ناڻو پڻ ڪمايو. تاريخي طور ڏٺو وڃي ته سڀ کان پھريان سنڌ خطي ۾ پورچوگيزن پير پاتا ايڇ ٽي سورلي، پنھنجي ڪتاب (Shah Abdul latif of bhit) ۾ لکيو آھي ” پورچوگيز پھريان يورپي ھُئا جن سنڌ ڏسڻ جو پھريون تجربو ڪيو. اُھي ئي پھريان ماڻھو ھُيا جن ھندستان جي سامونڊي ڪنارن سان جھاز راني ڪئي. پووچوگيز سنڌ ۾ 1612ع ۾ پھريون ڀيرو ايندڙ انگريزن کان گھٽ ۾ گھٽ 60 سال اڳي آيا.”
اسان کي ياد رکڻ گُھرجي ته پورچوگيز 1555ع ۾ ارغون ۽ ترخانن جي گھرو لڙائي دوران ڪرائي جي فوجين طور سنڌ ۾ آنڌا ويا ھُئا. شاھ حسن ارغون، جنھن جا ھي ڀاڙيتو ھُئا، تنھن سان به ھنن ڪا چڱي نه ڪئي. مرزا عيسي ترخان، جنگين دوران جڏھن ٺٽي کان ٻاھر ھو سندس غير موجودگيءَ ۾ ھنن ٺٽي کي ڦريو لٽيو ۽ باھ ڏئي ساڙي ڇڏيائون. جنھن جو تفصيل سان ذڪر يوسف شاھين پنھنجي ڪتاب (انگريز سرڪار ۽ شاھ عبدالطيف آف ڀٽ) ۾ ڪيو آھي. انگريزن پنھنجي دستاويزن ۾ ايترو به ڄاڻايو آھي، ته جڏھن ھنن واپاري لحاظ سان لاھري بندر ۽ ٺٽي ۾ پيرن ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ھنن ڏٺو ته کائين اڳ پورچوگيز ايراني نار کان گجرات ۽ گوا ڏانھن واپار ۾ عملي طور تي ھڪ ھٽي قائم ڪري پنھنجي تجارت کي مظبوط بنيادن تي بيھاري چُڪا ھئا ۽ بندر تي ھڪ عيسائي ديول به قائم ڪري ڇڏيو ھئائون.
مورلئنڊ لکيو آھي ته ” مقامي ماڻھن وٽ جھاز تمام ٿورا ھئا تنھن ڪري تجارتي سامان پورچپگيزن جي جھازن رستي ايندو ويندو ھو جن کي ان زماني ۾” فرگيٽ” جي نالي سان سڏيو ويندو ھو. اسان جي شروعاتي دور ۾ پورچوگيزن جو علائقائي واپار تي مڪمل قبضو ھو (جنھن واپار ۾ مکيه شيون سوٽي ڪپڙو نير وغيره شامل ھئا)” ايچ ٽي سورلي لکي ٿو ته انگريزن جي ڪمپني سنڌ جي تجارت ۾ ٽي مقصد کڻي داخل ٿي ته جيئن سنڌ جو سوٽي ڪپڙو لنڊن جي مارڪيٽ لاء کڻي وڃي ۽ نير جي تجارت ڪري ايراني نار طرف ۽ ھندستان جي اولھائين ڪناري ڏانھن واپار ڪري گھڻو ناڻو ڪمائي. اُھا ڳالھ چٽي ھئي ته انھن نير جو واپار ڪرڻ پئي چاھيو ” ڪمپني جو ھيٺ ھڪ خط ڏجي ٿو جنھن مان نير جي خريداري جو ذڪر به زير بحث آھي:
“اسان ھڪ دلال کي سنڌ ڏانھن اتي ٺھندڙ تجارتي مال کڻي اچڻ لاءِ موڪليو ھو، جيڪو وڏين تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان پوءِ واپس موٽي آيو آھي. ان کي پورن اٺن مھينن لاءِ اتي رڪڻو پيو، ان جو سبب اھو ھو ته جن بادشاھن جي ملڪن وچان ھو گذري رھيو ھو تن جي وچ ۾ سخت جنگيون ھلي رھيون ھيو. ٻه ڳٽڙيون نير جون ۽ ٻه سادي ڪپڙي جون اسان جھازن تي موڪليون آھن جيڪڏھن انھن کي انگلينڊ ۾ پسند ڪيو ويو ۽ اسان کي منافعو ٿيو ۽ خرچ وغيره به نڪري آيو ۽ اسان کي اتي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته تنھنجي دعا سان اسان ڪوٺي جي قيام لاء ڪوشش ڪنداسين”
1631ع ۾ سنڌ جي واپار ۾ ڊچن جي شراڪت کي به تبصري ھيٺ آنڌو ويو آھي ڪمپني پنھنجي دستاويزن ۾ اُھو به ڄاڻايو آھي ته ” ان سال ھڪ جھاز جنھن جو نالو برائورر شيون (Brouwer shavon) ھو ان جڳھ ڏانھن موڪليو ويو آھي جنھن کي اتان جا رھاڪو ٺٽو چون ٿا. پر نقشن ۾ سندس نالو (Sindee) آھي.” فلپس، ليو ڪازون جي بيان تي نوٽ ھڻندي واضح ڪري ٿو ته ” سخت ڏڪار سبب ان علائقي جي رحم جوڳي حالت ٿي وڃڻ جي باوجود سندس تجارتي سامان وڏيءَ قيمت تي وڪرو ڪيو ويو جنھن مان 14000 گلڊن جو منافعو ٿيو ھلڪو سوٽي تجارتي سامان سوٽي ڪپڙو شورو ۽ گھٽ درجي وارو نير آندو ويو. ھتي ھن سامان جون قيمتون عام قيمتن کان تمام مٿي ھيون شايد ان ڪري جو ڊچ واپاري اناڙي ھئا. يا وٽن رسد جي کوٽ ھجڻ ڪري ائين ٿيو ھو. اھو ڌنڌو پوچوگيزن جي زير نظر ھو اتان ايران عرب ۽ آفريڪي ڪنارن ڏانھن موڪليل ھن قسم جي تجارتي شين جي ڏاڍي کپت ھُئي. ايچ ٽي سورلي لکي ٿو ته “سيوھڻ جو علائقو نير جو مرڪز ھو پر ان کي ڪپڙي جي صعنت جو مرڪز به چيو ويندو “
ڪمپني جي ھڪ خط مان پڻ عيان آھي ” سيوھڻ درياھ جي ڪناري سان آباد ۽ خشڪيءَ واري رستي سان ھتان 60 ڪوه کن پري آھي. ھتان ۽ ڀر وارن شھرن جي مکيه پيداور نير آھي ۽ بيانه جھڙو سٺو آھي پر خراب ان ڪري آھي جو جڏھن بنايو ويندو آھي ته تڏھن ان سان واري ملائيندا آھن ھتي سياليانو 2000 مڻ نير جڙندو آھي. ھتي اسان کي 36 پائين ۾ ھڪ سير ملي ٿو جڏھن ته ٺٽي ۾ ساڳيو 40 پائين ۾ وڪرو ٿي ٿو.”
سورت جي پريزنڊنٽ ڏانھن ھڪ خط آھي ” سنڌ مان نصرپور جي جوڙين جي اسين سفارش نٿا ڪريون اھي سنھڙيون آھن ۽ گھڻي ڌوئڻ ۽ سٽڻ جي ڪري اھي نرم ۽ لسيون آھن ۽ اکين کي ڏاڍو وڻن ٿيون. اھو ڪپڙو نه سٺو آھي ۽ نه وري ماپ ۾ پورو. درٻيلي جي ڪپڙي ڏانھن گھڻو ڌيان ڏنو وڃي جيڪو شھر به سنڌ ۾ آھي. ان وڙ جي ڪپڙي جا چار پنج ھزار ٿان کاپي ۾ اچي ويندا اھڙي ريت سيوھڻ جو ڪپڙو به وڪامي ويندو ۽ جي ساڳئي ھنڌان خبرداريءَ سان نير خريد ڪيو ويندو ته ان جو کاپو به ايتري ئي مقدار ۾ ٿي ويندو.”
1664ع ۾ جان سپلر اونھاري جي گرميء ۾ اتر سنڌ ۾ رھيو ان مقصد لاءِ ته جيترو ٿي سگھي گھڻي کان گھڻو نير خريد ڪري سگھي سندس خط ۾ سنڌ جي ٻھراڙي ۾ غربت ۽ افلاس جو ڏاڍو چٽو منظر چٽيو ويو آھي ” مسٽر سپلر اسان جي حڪم سان ھن مئي کان وٺي سيپٽمبر تائين ساري مينھوڳيءَ جي موسم اتر سنڌ ۾ گذاري ۽ چڱو تجربو حاصل ڪيو. ھن اھو سارو عرصو سيوھڻ ۽ سيوستان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گھاريو. کيس خاص طور ھن مقصد لاءِ موڪليو ويو ھو ته جيئن ھو چڱيءَ ريت جاچي ڏسي ته انھن علائقن ۾ ڪھڙو نير پيدا ٿئي ٿو ۽ اتان 200 ٻوجھا جيڪڏھن ٿي سگھن ته خريد ڪري سگھي. پر ماڻھو ايترا ته دھڪايل آھن ۽ ايڏا ته رحم جوڳا ۽ ڪنگال آھن جو جيتوڻڪ زمين وڌ ۾ وڌ زرخيز آھي، جي اھي راھي ڪن ته نير جو وڏو مقدار پيدا ٿي سگھي پر ھو ايڏا ته مجبور ۽ دلشڪستا ٿي پيا آھن جو زمين کي کيڙڻ ئي ڪونه ٿا چاھين. اتي ٺٽي جي رنگريزن کان سواءِ ٻيا ڪي خريدار ڪونه ھئا جيڪو نير خريد ڪيو ويو ان جي مڻ جي قيمت ساڍا 41 رپيا ۽ ٽي روپيا مڻ تي ٻيو خرچ آھي سپلر ان ڪري تمام ٿوري مقدار ۾ نير خريد ڪيو “
پريزيڊنٽ بلئڪ مين ميريءَ جو ڇڏيل ياداشت نامو به اسان کي نير وکر جي اھمت بابت اختصاري معلومات فراھم ڪري ٿو ۽ اھا فروخت ايران سان ڪرڻ جي ھدايت ڪري ٿو ” سنڌ ۾ ڪوٺيءَ وارن کي ھدايت ڪئي وڃي ته شوري ۽ نير جي سلسلي ۾ ايران سان واپار لاء گھڻي سيڙپ ڪن انھن کي احمد آباد مان پيسا مھيا ڪيا وڃن ٿا.”
نه صرف بلئڪ ميريءَ پر ان حوالي سان اسان جي ڄاڻ ۾ دادا سنڌي به واڌارو ڪري ٿو. ھن پنھنجي ڪتاب (اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار) ۾ ڄاڻايو آھي ته ” هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪپهه کي عراق ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويو. عربن سنڌ جي ناريل کي نارجيل، انب کي انبج، نير کي نيلج، ڪرمچي کي ڪرمج ۽ ڪپهه کي ڪرپاس سڏيو. نير، ڪمند، چانور، لاک ۽ کوئنر سنڌ مان عرب ۾ پهتيون. سنڌي چانور عربن عراق پهچايا. بابل ۽ مشرقي عربستان ۾،سندس معرفت چانورن جي پوک ٿيڻ لڳي. سنڌ جي ڪمند کي عربن ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن پهچايو. جتي سندس پوک ٿيڻ لڳي. نير هتان جي خاص پئداوار هئي، جنهن جو اگهه عربن جي تجارت ڪري وڌي ويو. عرب هتان نير شام کڻي ويندا هئا، جتان وينس جا جهازران يورپ جي ملڪن ۾، سنڌي نير جو نيڪال ڪيو.”
فيسبڪ تي (ع_لي) نالي ھڪ نوجوان لکيو آھي” نير کي اڄ به ھالا ڀٽ شاھ ۾ اجرڪن جا ڪاريگر اجرڪون رڱڻ ۾ استعمال ڪندا آھن، نير جو رنگ ڪيميڪل واري رنگ کان چٽو ۽ گھاٽو ٿئي ٿو”
ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُھنِ رانـئِيو؛
وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
مُهاَينِ وَھُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون
شاھ
ترجمو : جنگ پئي هلي وار مٿان وار هڪل مٿان هڪل ڌڪن مٿان ڌڪ پيا ٿين رت ريلا ڪري پيو وهي ڳجھون به ماس کائڻ جي لاء مٿان لامارا پيون ڏين ڇپر جيئن پهون (برسات جي مند ۾ جڏهن پهاڙن تي گاھ ٿيندو آهي تڏهن ٻڪريون پهاڙن تي چڙهي انهن پهاڙن کي گهيري ڇڏينديون آهن) تيئن ئي ڳجھن آسمان کي گهيري ڇڏيو آهي جنگي جوان هڪٻئي کي ڊوڙايو وار پيا ڪن ڌڪا پيا ڏين جنگي جوانن جو ونيون جن جا ور قتل ٿي ويا آهن اهي نير رنگ گهڻو استعمال ڪنديون ۽ بازارن ۾ نير رنگ مهانگو ٿي ويندو (ترجمو: ع_لي)
نير بابت مٿيون اتھاس اسان جڏھن اکين سان لتاڙي آيا آھيون ۽ ھاڻ جڏھن باغي جي ساڳي نظم تي سوچيون ٿا، ته اُھو چوڻ کان رھي نه ٿا سگھو ته ھن وٽ پنھنجي ديس جي تاريخ جو اُنھو اڀياس ۽ ادراڪ آھي. ۽ ھي شاعر پنھنجي دور ۾ پنھنجي شاعري ذريعي حالت جنگ ۾ رھيو آھي. مشھور برطانوي فلاسفر برٽرينڊرسل، لکيو آھي ته ” ھڪ سچو اديب ھميشه جنگ حالت ۾ رھندو آھي” پر آئون لکان ٿو ته نه رڳو اديب پر وقت جو ھر سچو شاعر به ھميشه حالت جنگ ۾ رھندو آھي. جنگ صرف ھٿيار جو نالو ناھي، ساڳي وقت جنگ قلم جو نالو به آھي ۽ سچو تخليق ڪار پنھنجي قلم مان ھٿيار وارو ڪم وٺڻ خُوب ڄاڻيندو آھي. جنھن ذريعي ھو پنھنجي ٻولي، ۽ پنھنجي تاريخ جو ھر حوالي سان دفعا ڪرڻ ڄاڻيندو آ. ڏٺو وڃي ته شاعر جون سوجھون ريڊار جي سنگنل مثل آھن جيڪي ايندڙ حالت جو تعين ۽ ادراڪ ڪري ڄاڻين انھن شين ۾ سڀ کان وڌ پنھنجي وطن جو اتھاس ئي مدد ڪندو آھي.
آريسر باغيء لاء لکي ٿو ته “باغي جي شاعري ٿر جي ماڻهن جي مزاج مطابق مشابهت جو ڀنڊار آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته باغي وٽ مطالعو ناهي آئون سمجهان ٿو ته انهي دور جي شاعرن مان شايد ئي ڪو شاعر باغي جهڙي انگريزي ڄاڻندو هجي يا هندي ٻولي سندس لپي ۾ پڙهي سگهندو هجي. هن جي مطالعي ۽ مشاهدي گڏجي سندس شاعري کي دروپتي جي ساڙهيءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن کي ڪيترو کوليندا وتو پر آخري ڇيڙو دروپتيءَ جي جسم تان نه هٽندو.”
__________________