Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ ڪيئن روڪجي؟

سنڌي ڳالهائڻ وقت انگريزي زبان جي لفظن جي ڀرمار ۽ اردو اثر هيٺ مونث مذڪر جو غلط استعمال يا واهپي جو مرض ڪينسر وانگر وڌي ويو آهي

اسان کي شعوري طور بگاڙ کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي توڙي ٻين کي ٺيڪ يا درست ڪرڻ گهرجي ته جيئن  سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي وڌندڙ بگاڙ جي ڌٻڻ مان نڪري سگهجي.

عزيز ڪنگراڻي

سنڌي ٻولي صدين کان عوام جي جهول ۾ پلجندي ۽ نپجندي نج نڀار صورت ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي تائين پهچي شاهوڪار بڻجي جديد دور ۾ وڏن شاعرن ۽ اديبن جي سنوار ۾ گوناگون بڻي. سنڌي ٻولي نه سنسڪرت ڄائي آهي ۽ نڪي سنسڪرت سنڌي ٻوليءَ جي ڄائي آهي. پروٽو دراوڙ دور کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ سان سفر ڪندي، ارتقائي مرحلا طئي ڪندي آئي آهي. سنڌي ٻولي آريائي ٻولين کان علاوه عربي ۽ فارسي ٻولين جي اثر هيٺ دراوڙي بجاءِ هند-آريائي ٻولين جي ڪُڻب ۾ شامل ڪئي وئي. جيتوڻيڪ وياڪرڻي ۽ منجهس نج دراوڙي لفظن جي ذخيري جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي ٻولين جون کوڙ ساريون خاصيتون موجود آهن.

بھرحال، عربي،فارسي يا انگريزي زبانن جي اثر هيٺ رهندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ کارُ يا بگاڙ نه هئڻ برابر نظر اچي ٿو. پرنٽ ميڊيا جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ پروف جون غلطيون نظر آيون پئي پر بگاڙ قطئي طور نه هو. ڇاڪاڻ ته انهن اخبارن يا رسالن جا ايڊيٽر ٻوليءَ جا ماهر ۽ ڄاڻو هئا. بعد ۾ پرنٽ ميڊيا ۾ اهڙا ماڻهو شامل ٿيا جيڪي خود بگاڙ جو شڪار هُيا، جنهنڪري پرنٽ ميڊيا به سنڌي ٻولي جي بگاڙ جو ڪارڻ بڻجڻ لڳو.

جڏهن هندي فلمن ۽ اردو ميڊيا سان گڏ اردو ٻوليءَ جو واهپو وڌيو تڏهن سنڌي ٻولي ۾ وڏي پئماني تي بگاڙ شروع ٿيڻ لڳو. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا انهيءَ بگاڙ جو کاڄ بڻيل آهن. اسان جا چڱا خاصا پڙهيل لکيل، استاد، صحافي وغيره پڻ  انهي بگاڙ جي ور چڙهيل آهن. انهن کي چئو يا ڳالھ ڪريو ته مڃڻ کان انڪار الڳ، تهمتون گريبيءَ ۾ الڳ. ٻولي ۾ بگاڙ کان علاوه صورت خطيءَ جو ٻيڙو به ٻڏل نظر ايندو.

سنڌي ڳالهائڻ وقت انگريزي زبان جي لفظن جي ڀرمار ۽ اردو اثر هيٺ مونث مذڪر جو غلط استعمال يا واهپي جو مرض ڪينسر وانگر وڌي ويو آهي. ان جو علاج ممڪن هوندي به جهڙوڪر ناممڪن بڻجي ويو آهي. موسم، آواز، روح، اولاد، اسڪول، ڪاليج وغيره جنس عام (Common Gender) کي گهڻائي ۾ اردو اثر هيٺ واهپو لاعلاج بڻجي ويل آهي. ساڳئي وقت واحد جمع به اردو جي اثر تحت ڪم آندا وڃن ٿا. جهڙوڪ: ڪتاب جو جمع ڪتابون، غزل جو جمع غزلون وغيره. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھ ٻولھ وقت انگريزي جي مناسب واهپي کي غلط نه ٿو سمجهان پر انگريزي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀرمار ٺيڪ ناهي. ان کان بهتر آهي ته انگريزيءَ ۾ ڳالهائجي.

مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن فيس بوڪ پيج هلائيندڙ هڪ ڇوڪري چوان يا عورت چوان، جنهن چيو ته ڪرسي، ميز، کٽ وغير مونث ڇو؟ يا سج، چنڊ (هن جا اصل مثال ياد ناهن) وغير مذڪر ڇو؟ اهي سوال يا مثال نه صرف ٻُڌندڙ  کي مونجهاري ۾ وجهندڙ آهن پر بگاڙ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن. ڀلي اهي سوال ماڻهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هجن پر جنهن کي سُڌ گهٽ هوندي ته اِهي جنس بي جان (Neuter Gender) آھن، سي بگاڙ ڏانهن وڃي سگهن ٿا. انگريزي زبان ۾ ڀلي مونث يا مذڪر طور ڪم نه اچن پر سنڌي ٻولي ۾ ڪم ايندا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ انهي جنس بي جان ۾ اسم يا شيون يا ته مونث يا وري مذڪر هونديون آهن. انهن جا نرماد ٿيندا آهن. تمام گهٽ مثال هوندا جنهن ۾ نرماد هجي. هوندو ته صفاتي هوندو. مثال طور وهاڻو وهاڻي وغيره. ميز مونث آهي ڀلا ان جو مذڪر “ميزو” ٿيندو ڇا؟

حاصل مطلب ته سنڌي ٻولي ۾ وڌندڙ بگاڙ ڪير ۽ ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ گذارش آهي ته اسان ئي ختم ڪري سگهون ٿا. اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کان بچڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان اهڙي بگاڙ جو شڪار آهيون به سھي ته اسان کي شعوري طور بگاڙ کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي توڙي ٻين کي ٺيڪ يا درست ڪرڻ گهرجي ته جيئن  سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي وڌندڙ بگاڙ جي ڌٻڻ مان نڪري سگهجي.

______________

عزيز ڪنگراڻي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ محقق آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button