مُلڪ جي 82 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي صحتمند خوراڪ خريد ڪرڻ جي سگھ نٿي رکي
سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 46 سيڪڙو ٻار قد ۾ گهٽتائي، 41 سيڪڙو گهٽ وزن ۽ 23 سيڪڙو جسماني واڌ ضائع ٿيڻ جو شڪار آهن
ٽنڊو ڄام
ملڪ جي زراعت، تحقيق ۽ فوڊ سائنس سان لاڳاپيل ماهرن ملڪ جي خوراڪ واري صورتحال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وبا کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻارن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جڏهنته موسمي تبديلين جا اثر خوراڪ جي ذريعن کي وڌيڪ خطري ۾ وجھي رهيا آهن.
ماھرن موجب ملڪ جي 82.8 سيڪڙو آبادي صحتمند خوراڪ خريد ڪرڻ جي سگھ نٿي رکي، جڏهنته 37 سيڪڙو ماڻھو وچولي کان شديد خوراڪي عدم تحفظ جو شڪار آهن.
اھي ڳالھيون ڪالھ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ “خوراڪ جي نظام ۾ تبديلي ۽ غذائيت تي تحقيقي ايجنڊا بابت صوبائي صلاحڪاري ويھڪ” دوران ڪيون ويون، جنھن لاءِ پاڪ–ڪوريا نيوٽريشن سينٽر (PKNC) ۽ گلوبل الائنس فار امپرووڊ نيوٽريشن (GAIN) سهڪار ڪيو ھو۔
صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي غذائي کوٽ ۽ فوڊ سڪيورٽي جي بحران کان بچائڻو آهي ته پاليسي سازن کان وٺي زميندارن تائين سڀني کي گڏيل حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن ڪلائميٽ سمارٽ زراعت کي ھٿي ڏيڻ، فصلن کي ٻوڏ، سوڪھڙي ۽ گرمي پد کان بچائڻ، خوراڪ ۾ آلودگي ۽ خوراڪ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سخت فوڊ سيفٽي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ غذائيت تي ٻڌل ويليو چين جوڙڻ تي زور ڏنو.
پاڪ–ڪوريا نيوٽريشن سينٽر، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد جي ماهر ڊاڪٽر بينش سرور چيو ته پاڪستان جو فوڊ سسٽم شديد دٻاءَ هيٺ آهي ۽ ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ٽن خوراڪ ضائع ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ ميون ۽ ڀاڄين جو ضايع ٿيڻ ڪٽائيءَ کان پوءِ 50 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ٿو۔ هن زور ڏنو ته هڪ مربوط ۽ گهڻ شعبي واري حڪمت عملي گڏيل قومن جي فوڊ سسٽمز سمٽ تحت جوڙڻ جي ضرورت آھي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو چيو ته صوبي ۾ غذائي کوٽ کان سڀ کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون متاثر آهن۔ هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 46 سيڪڙو ٻار قد ۾ گهٽتائي، 41 سيڪڙو گهٽ وزن ۽ 23 سيڪڙو جسماني واڌ ضائع ٿيڻ جو شڪار آهن، جڏهنته ڳورھاري عورتن ۾ رت جي کوٽ جي شرح 45 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔
هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوڊ فورٽيفڪيشن، اسٽوريج ۽ رسائي جا بهتر نظام ۽ ڪميونٽي سطح تي غذائيت بابت آگاهي مهم کي اوليت ڏني وڃي۔
ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، ڊين ايف سي پي ڊي ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، اڳوڻو ڊين ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊائريڪٽر انسٽي ٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻيا معزز شخص موجود ھئا.
___________