Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ مذھبي مھندارن جي مذھبي فتوا فروشي

ويجھي ماضيءَ ۾ مذھبي ٺيڪيدارن جي فتوائن ھيٺ  ڪيترن ئي ماڻھن گھڻو ڪجھ ڀوڳيو آھي  پر  اُھو بہ سراسر سچ آھي تہ سنڌ جي ھر باشعور ۽ سيڪيولر ذھن رکندڙن ان مذھبي ڪٽرپڻيءَ جو ورود بہ ڪيو  آھي

ھيٺ ڌرتيءَ تي زميني خدا شايد آسماني افضل خدا کان وڌيڪ سگھارا آھن، جو بغير ڪنھن تفتيش ۽ مخالفِ راءِ کي ٻڌڻ جي ئي جنون ۽ جلال ۾ اچي ٿا وڃن ۽ پنھنجا فيصلا سادر ٿا ڪن!

رشيد احمد خاصخيلي

سنڌ اندر مذھبي مھندارن جي فتوا فروشي ڪا نئين ڳالھ ڪونھي، جنھن جو وروڌ سنڌ جي سيڪولر سوچ ھر دور ۾  ڪندي آئي آھي.

اسلام تہ رواداري جو دين آھي، جنھن کي بعد ۾ ملوڪيت ۾ تبديل ڪيو ويو. تاريخ جي ڪسوٽي جي آڌار تي لکجي تہ اسلام اندر پھرين دين ڌڻين جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظھار تڏھن سامھون آيو جڏھن الحسين بن منصور حلاج اناالحق جو نعرو (922ع) ۾ ھنيو جنھن ساري عالم ۾ اسلام کي لوڏي وڌو.

ھتي منصور جي دور ۽ فڪر تي اختصاري نظر اڪچيار ڪجي تہ آيا ھُن جو ان دور ۾ ڪھڙو سنگين ڏوھ ھُيو جيڪو ھن کي آخر موت تائين وٺي ويو. تاريخ جا ورق ورن ٿا. منصور حلاج ھن ڪائنات جي اسٽيج تي انتھائي معمولي فرد جي حيثيت ۾ ظاھر ٿئي ٿو ۽ اڄ کان ھزار ورھيہ اڳ جڏھن بغداد جي اسلامي خلافت پنھنجي شان شوڪت سان موجود ھُئي ۽ بغداد ۾ نون نون علمن جو زور ھيو، تڏھن متصادم ۽ مختلف، نظريا ۽ خيال، علمي، ادبي ۽ ديني ڌرين ۾ رنجشن جو باعث بڻجي رھيا ھئا ۽ نظرياتي بحث ھلي رھيا ھئا.

”ھڪ طرف مالي خوشحالي جو دور ھيو، تہ ٻئي طرف عرب ۽ ايراني سرحدي علائقن ۾ ھيٺين طبقن جو محروميون ھيون ۽ سماجي اڻبرابري جا ستايل ماڻھو، غربت جي زھر جا ڍڪ ڀري رھيا ھئا. شعريت ۽ طريقت جي مامرن ۾ دين جا عالم ۽ ڄاڻو ڀرپور اختلافن جو شڪار ھئا، اسلامي نظرئي جي وحدت مختلف ڌڙن ۾ ورھايل ھُئي. اھڙي صورتحال ۾ عباسين جي اقتدار واري دور جو ديني، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي پسمنظر پڻ منصور بن حلاج جي شخصيت جي پيدائش، اوسر، ۽ جدوجھد جي مختلف مرحلن ۾ سندس ذات ۽ فڪر تي اثر انداز ٿيندي نظر اچي ٿو.

منصور جو اُھو نظريو نوجوانن ۾ تيزي سان ڦھلجي رھيو ھو تہ جڏھن اسلامي ڀائپي جي نظرئي سان طبقاتي فرق ۽ رنگ نسل جا فرق مٽجي رھيا آھن، تہ فرد جي انفراديت، شخصيت ۽ حقانيت کي رد ڪرڻ جو اختيار ڪنھن کان حاصل ڪيو ويو آھي. جڏھن رسول عربي صہ جي پيغام انسان کي سندس خالق سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، تہ پوءِ ٻيا واسطا ڪٿان پيدا ٿيا آھن؟ جن فرد کي دين ۽ سياست جي مشنيري جو ھڪ پرزو بڻائي ڇڏيو آھي.؟ جڏھن تہ انسان سڄي ڪائنات جو ايڏو اھم جزو آھي، جو سندس وجود کي  خود ڌڻي تعالي جو مظھر تسليم ڪيو وڃڻ گھرجي.

 تاريخ اُھا بہ ساک ڀري ٿي تہ جنيد بغداديءَ چيو ھو تہ ” اُھو صوفي نہ آھي جو قران ۽ سنت جو پابند نہ آھي(ھي اشارو الحسين منصور بن حلاج ڏانھن آھي) ان ڪري ئي غزاليءَ (اسلامي فلاسافر ) مٿين فلسفي تي ڪاري وار ڪيا ھا ۽ ساڳي وقت علم ۽ دانش کي بہ ناڪافي سمجھو ھو. جيتوڻڪ ھن صوفي طريقي کي الله تائين رسائي جو ذريعو سمجھيو ٿي، پر ھر مُتبدي صوفيءَ کي ان خطري کان آگاھ ڪيو ھو جو ھُن لاءِ وجدان ۾ ھو ۽ ھن کي چتايو ھئائين تہ ھُن لاءِ شريعت جي پيروي ئي ھُن کي محفوظ ۽ بي خطري رکي سگھي ٿي. ( ان ڳالھ مان واضح ٿئي ٿو تہ ان وقت بہ مذھبي جنون جو عروج اوج تي ھو)

آئون شيخ اياز جي ان ڳالھ سان متفق آھيان تہ ” مون ڄاتو ٿي تہ سياسي اقتدار جڏھن عرب کان ترڪ ۽ بربر ( قديم زماني ۾ ھڪ عربي قبيلي کي بربر چوندا ھا، جو نيل درياھ جي ٻنھي پاسي آباد ھو. شايد اردو لفظ بربريت انھيءَ لفظ مان ٺاھيو ويو آھي) جي ھٿ آيو تڏھن انھن اسلام ۾ پنھنجون مذھبي روايتون ڄاڻي واڻي خلط ملط ڪري ڇڏيون.“

ويجھي ماضيءَ ۾ مذھبي ٺيڪيدارن جي فتوائن ھيٺ  ڪيترن ئي ماڻھن گھڻو ڪجھ ڀوڳيو آھي  پر  اُھو بہ سراسر سچ آھي تہ سنڌ جي ھر باشعور ۽ سيڪيولر ذھن رکندڙن ان مذھبي ڪٽرپڻيءَ جو ورود بہ ڪيو  آھي. انھن مٿان ھي الزام عائد ٿيندا رھيا آھن: ”اسلام، اردو ۽ پاڪستان دشمن“ جن الزامن کي مذھبي چادر ۾ ويڙھي پيش ڪيو ويو آھي. ڪو بہ  ديس ڌڻي حب الوطني، وطن پرستي، ۽ پنھنجي ديس جي ٻوليءَ، ثقافت، ۽ ريتن رسمن جي مالڪي تان ھٿ نہ کڻڻ پڄاڻان اھڙن الزامن ھيٺ رھيو آھي.اھڙا ڪيترائي الزام ھر دور جو مذھبي ٺيڪدار استعمال ڪندو آيو آھي ڀلي تہ اُھو پنڊت، پادري ۽ قاضي ئي ڇو نہ ھُجي!

 ڏٺو وڃي تہ ڪنھن بہ الھامي ڪتاب ۾  ڪنھن بہ خدا، اُھو اختيار ڪونہ ڏنو آھي تہ اوھين، ان جي گنھگار کي سزا ڏئي موت جي ننڊ سُمھاريو.

جيڪڏھن ڪنھن بہ خدا ڪنھن کي اھڙو اختيار ڏنو ھُجي ھا تہ پوءِ اُن جي عدالت ۾ ڪنھن بہ فيصلي، جي ڪھڙي ڪسوٽي باقي وڃي رھي ھا جنھن جي انصاف جا گُڻ ھر ڌرمي ڳائيندي نظر اچي ٿو! جي اُھو انصاف خدا پنھنجي اختيار ھيٺ رکڻ بجاءِ حضرت انسان جي سُپرد ڪري ھا تہ پوءِ خود ڌڻيءَ وٽ باقي ڪھڙا معياري پاسا وڃي بچندا، جو ھو انصاف جي عدالت روزِ محشر (قيامت جي ڏينھن) قائم ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جا قلم لاڳو ڪندو ۽ انصاف جي تارازي جو ڀرم انسان اڳيان ھوندو!؟

خدا تہ پنھنجي سخت کان سخت مخالف جا بہ دفتر مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جتي ھر ڏينھن اُن جي مخالفِ جا اعمال بہ گڏ ڪيا ٿا وڃن. (جيئن قيامت جي ڏينھن انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انصاف جي تارازيءَ ۾ توريا وڃن.)

پر ھيٺ ڌرتيءَ تي زميني خدا شايد آسماني افضل خدا کان وڌيڪ سگھارا آھن، جو بغير ڪنھن تفتيش ۽ مخالفِ راءِ کي ٻڌڻ جي ئي جنون ۽ جلال ۾ اچي ٿا وڃن ۽ پنھنجا فيصلا سادر ٿا ڪن.!

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button