چين جي شھر بائيسو ۾ سنڌين سان ملاقات
چار نوجوان هوٽل ۾ گهڙيا ۽ ڀر واري ٽيبل تي اچي ويٺا. ٿوري دير کان پوءِ ڪنن تي سنڌي ٻولي جا ٻول پيم. هڪدم ڪن کڙا ڪيم گهڙي کن ترسي انهن کي مخاطب ٿي چيم، ”نوجوانو لڳو ته سنڌي ٿا… سو سنڌين کي سنڌين سان ملڻ گهرجي.“ جنھن تي هو اٿيا ۽ هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتوسين.
انهن مان هڪ نوجوان چيو، ”اسان هوٽل ۾ گهڙياسين ته اوهان کي سنڌي ٽوپي سان ويٺل ڏٺوسين. پاڻ ۾ چيوسين ته همراهه آهي ته سنڌي.“
يوسف سنڌي
ٻين ڊسمبر چين جي هن سُھڻي من مُھڻي سرزمين تي اسان جو آخري ڏينھن هو. پر ٻہ ڏينھن وشال چيو ته ’اڄ بائيسو‘ هلنداسين، جيڪو نئننگ کان ٻن سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اهو کشين جو اباڻو ضلعو آهي، اتان کان وري ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي کشين جو ڳوٺ آهي، پرَ خواهش باوجود به اوڏانھن وڃڻ ٿي نه سگهيو. جڏهن وشال چيو ته سڀاڻي بائيسو هلنداسين ته چيم، ’پرينھن پاڪستان روانگي آهي، اهو سفر ته صفا ٿڪائي ڇڏيندو‘. بھرحال چين جو اهو پاسو ڏسڻ کان نه گُسائبو، ٿڪَ پيا ڀڃبا.‘
بائيسو ۾ منور جي چيني زال هوٽل هلائيندي آهي، منور جنھن وٽ ڪجهه ڏينھن اڳ اسان ’ايوو‘ ويا هئاسين. منور کيس بائيسو ۾ اها هوٽل ان ڪري کولي ڏني آهي، جيئن هوءَ مصروف رهي ۽ کيس ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ڊسٽرب نه ڪري، پر هاڻ جوڻھنس ضد لايو ويٺي آهي ته ٻنهي ٻارن سان تو وٽ ’ايوو‘ اچي رهڻ ٿي گهران. منور وٽس مھيني ٻي بائيسو ايندو آهي، ٻارڙن کي ڏسي هڪ ٻه راتيون رهي واپس ’ايوو‘ هليو ويندو آهي. منور ’ايوو‘ ۾ ’معظم بيري بيري‘ ريسٽورينٽ کولي هئي، جيڪا اسان ’ايوو‘ ۾ ڏسي آيا هئاسين. منور جي ان چينائڻ زال کي شڪ ٿيو آهي ته ’ڪٿي منور ٻي مائي ته ڪونه ويھاري آهي.‘ تنھنڪري منور هاڻ اها هوٽل وڪڻڻ ٿو گهري. منور جي اها چينائڻ زال ساڻس گڏ پنج سال پاڪستان ۾ به رهي آئي هئي ۽ ٿوري اردو سمجهي ۽ ڳالهائي به ٿي. منور وشال کي چيو ته، ڏس جيڪڏهن تون اها هوٽل هلائڻ ۾ انٽريسٽيڊ هُجين ته توکي مناسب پئسن تي ڏيندس. جڏهن ان هوٽل جو افتتاح ٿيو هو ته وشال به منور جي چوڻ تي ’بائيسو‘ ويو هو ۽ هوٽل جي سيٽنگ ۾ منور جي زال جي گهڻي مدد ڪئي هئائين. آءٌ ۽ وشال گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان نئننگ ۾ ’ذائقه‘ جي ٻي برانچ کولڻ يا ڪنھن ٻي شھر ۾ ڪا نئين هوٽل کولڻ جو سوچي پاڻ ۾ ڊسڪس ڪندا رهيا هئاسين. ’ايوو‘ وڃڻ جو هڪ مقصد اهو به هو.

هاڻ وشال، کشين، نسيم، کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ آءٌ ۽ مريم ڪار ۾ بائيسو وڃي رهيا هئاسين. ڪار کشين هلائي رهي هئي. آءٌ پنھنجي عادت موجب روڊ جي ٻنهي پاسن جو جائزو وٺندو ويس. جبل ئي جبل، اهي جبل وڻن ۽ ساوڪ سان جنجهيل هئا. آباد ٻنيون، خوبصورت گهر، سُھڻا ڳوٺ ڏسندي اکيون ئي نه پيون ڍاپن. بائيسو ويندڙ رستو ويڪرو ۽ ٽو وي هو ۽ رستن جي ٻنهي پاسن بيٺل وڻ رستي جي سونھن وڌائي رهيا هئا.
ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو کان پوءِ کشين هڪ ننڍي اسٽاپ تي ڪار جهلي، جيئن ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ وٺڻ سان گڏ واش روم به استعمال ڪري سگهجي، چينيءَ ۾ ليڊيز واش روم کي ’نيوشنگ‘ ۽ جينٽس واش روم کي ’نانشنگ‘ چون. اهو هڪ ننڍو، پر خوبصورت اسپاٽ هو. جنھن ۾ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ ڪجهه گفٽ شاپس به هئا. واش روم مان واندو ٿي، هڪ گفٽ شاپ ۾ گهڙي ويس. جنھن ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت شيون ۽ مورتيون، مَٽ، دلا، شينھن ۽ ڪنفيوشس جا مجسما رکيا هئا. جيڪي بي حد جاذب نظر ۽ من موهيندڙ هئا. آءٌ انهن کي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لڳس. دڪاندار به منھنجي پويان لڳو ۽ مون کي شين جي اهميت ۽ قيمت بابت ٻڌائڻ لڳو. پر ’زبان يار من چيني، من چيني نمي دانم‘ واري ڪار هئي. سندس ڳالهين تي مُرڪي مون ها ٿي ڪئي، ڄڻ سڀ ڪجهه سمجهيم پي. پوءِ ساڻس گڏ هڪ سيلفي ڪڍائي ’شي شا‘ چئي ٻاهر نڪري آيس. پويان دڙيو ته ضرور هوندائين ته هيتري مٿا ماري ڪيم، پر همراهه نه ڦاٿو. ٿورو اڳيان ويس ته هڪ ٻيو شاپ نظر آيو، جيڪو به گفٽ شاپ هو، ان ۾ ڪائونٽر تي هڪ ڇوڪري ڪه الائجي مائي ويٺي هئي. ڇوڪري يا مائي اُن ڪري ته چينين جي عمر جي خبر ئي نه ٿي پوي. لڳيون صفا جواڻ جماڻ پيون هونديون آهن، پر خبر پوندي ته ويھن سالن جي لڳندڙ هيءَ ڇوڪري چاليھن سالن واري اولادي اوڪادي مائي آهي. ان شاپ ۾ چين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا جهنڊا پڻ وڪري لاءِ رکيل هئا. سامھون ڏٺم ته چيئرمين مائوزي تنگ جي هڪ خوبصورت سونھري ڪلر واري جاذب نظر مورتي رکي هئي. کڻي ڏٺم، ڏاڍي وڻيم. قيمت پڇيم، ڇوڪري 78 يوان ٻڌايو. مون کي وٺڻو ته نه هو، تنھنڪري ايئن ئي چيم ’ويھه يوان‘ ڇوڪريءَ ٻُوٿ ڦٽائي انڪار ڪيو. مون وري کلندي اگهه وڌائي ٽيھه يوان ڪيو، بس ايئن ئي دل لڳيءَ خاطر، هڪدم چيائين ڏي. ٻين لفظن ۾ ڦاسائي وڌائين. ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو، تنھنڪري زبان کي پاڻي ڏيندي ٽيھه يوان ڪڍي ڏنامانس ۽ ڪامريڊ مائو کي کڻي مُٺ ۾ قابو ڪيم ۽ جڏهن مون اشارن سان مائو بابت پنھنجي پسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو، ته اشارن سان چيائين، ’ايڏو سُٺو به نه هو.‘ بھرحال مائو کيس سُٺو لڳي نه لڳي، پر مائوءَ جا مجسما وڪڻي هوءَ روزي ضرور ڪمائي رهي هئي. کيس ’شي شا‘ چئي ٻاهر نڪري آيس. کشين ۽ وشال ڏٺو ته کين ٻڌايم ته هيتري ۾ ورتو اٿم. وشال کيس ترجمو ڪري ٻڌايو، جنھن تي کشين هلڪو ٽھڪ ڏنو ۽ چينيءَ ۾ چيو، ”ابو ٽيھن يوانن ۾ مائوزي تونگ کي خريد ڪري ورتو!“
جواب ۾ وشال چيس، ”اوهان چينين ته ڪڏهوڪو مائوزي تنگ کي وساري منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن، پر ابو ۽ سندس ڪامريڊ دوست اڃا به مائوزي تنگ کي چُھٽيا پيا آهن.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ مائوزي تنگ جي اسٽيچو کي زور سان جهليم ته متان اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي هو ناراض ٿي پويان پير نه ڪري.
ڪار ۾ ويٺي مون سوچيو، ”چين جي هاڻوڪي ترقيءَ جو بنياد مائوزي تنگ وارو آندل انقلاب ئي آهي، جنھن جو ڦل اڄ چين جا ماڻهو کائي رهيا آهن. غلطيون مائوءَ کان به ٿيون ۽ انهن غلطين جي باوجود به مائوزي تنگ جي عظمت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.“
اسان جي ڪار ’بائيسو‘ ڏانھن روان دوان هئي. ڪلاڪ سوا جي ڊرائيونگ کان پوءِ ڪار ’بائيسو‘ جي حدن ۾ داخل ٿي. اهو سڄو عرصو آءٌ ڪار جي شيشي مان ٻاهر ڏسندو رهيس ۽ چين جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ جا عڪس پنھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ڪندو رهيس. ٽول پلازا ڪراس ڪندي هڪ موڙ تي چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ ۽ ٻين اڳواڻن جو پتل مان ٺھيل هڪ خوبصورت مونومينٽ نظر آيو، جن کي ڏسي کشين مون کي چيو، ”ابو، ڊينگ زيائو پينگ، برادر مائوسي تونگ.“ هيستائين لڳ ڀڳ ٻن مھينن جي عرصي ۾ اهو پھريون موقعو هو جو مون ڪنھن چوڪ تي چيني اڳواڻن جو اهڙو مونيومينٽ ٺھيل ڏٺو ۽ منھنجي دلچسپي سبب کشين اشارو ڪري مون کي ڏيکاريو، نه ته کشين سميت چينين جي گهڻائي غير سياسي ۽ ملڪي معاملن کان لاتعلق نظر آئي، بس هو پنھنجي مستيءَ ۾ مست ٿي رهيا. جيتوڻيڪ مون کيس گهر ۾ ڪڏهن به ڪو ڪتاب پڙهندي نه ڏٺو، پر سندس ڪمري ۾ ويھارو کن چيني ڪتاب موجود ڏٺا، جن مان هڪ اڌ کي ڇڏي، جيڪي مزاحيه ڪھاڻين جا هئا، باقي سڀ وزڊم، ٻارن جي پالنا ۽ صحت بابت هئا.
گوگل ميپ جي ذريعي اسان بائيسو جا رستا لتاڙيندي اچي Batai Restaurant جي اڳيان بيٺاسين، ڀر ۾ ٻيا دڪان ۽ هڪ ٻه چيني هوٽلون به هيون. اهو اولڊ بائيسو هو، ڀرسان ئي هڪ ’ميڊيڪل يونيورسٽي‘ به آهي، جتي چين سان گڏ سڄي دنيا مان شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا آهن، ان علائقي کي جيڪو ڪراچي، پنڊي، لاهور، يا اسلام آباد جي ڪنھن سٺي هنڌ جھڙو پي لڳو. جن جن دوستن سان ملاقات ٿي، اهي غريبن جو علائقو سڏي رهيا هئا.
ڪار پارڪ ڪري، هيٺ لھي هوٽل ۾ گهڙياسين، جتي منور جي زال اسان جو اوسيئڙو ڪري رهي هئي. ڏسڻ ۾ ٽيھارو سالن جي پي لڳي، پر عمر جي پنجين ڏاڪي ۾ هئي. هٿ ملائي هيلو هاءِ ڪري اچي ڪرسين تي ويٺاسين. هوٽل جو ظاهري ڏيک ويک سُٺو هو، ۽ ٻن حصن تي مشتمل هئي. واش روم به هئس، جيڪو هِتي اڪثر اهڙين هوٽلن ۾ نه هوندو آهي. سامھون هڪ رينڪ ۾ ڪجهه ڪتاب، ايراني زعفران ۽ پٿرن جا ڪجهه نمونا موجود هئا. منور بنيادي طور تي پٿر سپلاءِ ڪندو آهي، تنھنڪري نشانيءَ طور پٿر به رکيا هئائين. ان رينڪ جي مٿان عمران خان جي وڏي تصوير لڳل هئي، جنھن مان اندازو ٿيم ته منور ’عمران خان‘ جو حامي آهي. ڪجهه ڪتاب به رکيل هئا. جن ۾ چيني ٻوليءَ ۾ ڪتابن سان گڏ اردو ۾ ’حياة صحابه‘ ۽ ان قسم جا ٻيا ڪتاب هئا. انهن ۾ يھودين جو مذهبي ڪتاب ’تالمود‘ به هو، جيڪو چيني ٻوليءَ ۾ هو. ڪجهه ٻيا ڪتاب به هئا، چيني زبان سکڻ لاءِ. انهن ۾ هڪ ڪتاب Standard Course HSK-1 به هو، جيڪو مون نئننگ ۾ ڇائو يانگ جي وڏي بوڪ شاپ تان خريدڻ جو ارادو ڪيو، پر قيمت ڏسي ڇڏي ڏنو هئم. منھنجي دلچسپي ڏسي، منور جي زال اهو مون کي ڏيئي ڇڏيو.

منور جي زال هڪدم اسان جي اڳيان نارنگين جي ڇٻي آڻي رکي. چيني نارنگيون ننڍيون ٿين ۽ ٿوري دير کان پوءِ قھوو ٺاهي ان ۾ ايراني زعفران وجهي کڻي آئي. پوءِ وري پاڻ واري کير پتيءَ واري چانھه به پياريائين. کشين ۽ سندس ڀيڻ وانگ ين ڇنگ ڀرواري چيني هوٽل ۾ نوڊلس کائڻ هليون ويون. اسان منور جي زال سان ڪچھري ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ وشال جو هڪ دوست آيو، جيڪو اُتي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي ۽ وشال سان رابطي ۾ هو. جنھن کان اسان هوٽل جون خبرون چارون پُڇيون. هوٽل ۾ گراهڪن جي آمد نه هئڻ برابر هئي. هلائڻ جو به ڪو سسٽم نه هو، نه وري چيني طريقي موجب ڪاپبلسٽي هئي. شيف نه هئڻ سبب ماني جي ڪوالٽي به سٺي نه هئي. سراسري طور تي هر روز اٺ سؤ يوان جو ڌنڌو ٿيو ٿي، جيڪا ايتري ڪا سُٺي سيل نه هئي. وڏي ڳالهه ته چيني ماڻهن جي آمد نه هئڻ جي برابر هئي. وشال جي چوڻ موجب هوٽل رڳو فارينرس جي سھاري هلائي نه ٿي سگهجي. مقامي ماڻهن جي گراهڪي ضروري هئي. البت پلس پوائنٽ اها هئي ته هوٽل جو رينٽ صفا گهٽ يعني چار هزار يوان هو. وشال جي نئننگ واري هوٽل ’ذائقه‘ هن هوٽل جي اڌ جيتري هئي، پر ان جي مسواڙ سورهن هزار يوان هئي.
آءٌ اتان اٿي پريان هڪ ٻي ٽيبل تي وڃي ويٺس. تيسين ڏٺم ته چار نوجوان هوٽل ۾ گهڙيا. ڏسڻ ۾ پاڪستاني ٿي لڳا. هو ڀر واري ٽيبل تي اچي ويٺا. ٿوري دير کان پوءِ ڪنن تي سنڌي ٻولي جا ٻول پيم. هڪدم ڪن کڙا ڪيم گهڙي کن ترسي انهن کي مخاطب ٿي چيم، ”نوجوانو لڳو ته سنڌي ٿا… سو سنڌين کي سنڌين سان ملڻ گهرجي.“ جنھن تي هو اٿيا ۽ هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتوسين. انهن مان هڪ نوجوان چيو، ”اسان هوٽل ۾ گهڙياسين ته اوهان کي سنڌي ٽوپي سان ويٺل ڏٺوسين. پاڻ ۾ چيوسين ته همراهه آهي ته سنڌي.“
چيومانس سنڌي ماڻهو سڄي دنيا ۾ لکن ۾ پڌرا. انهن مان سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو ايندي آهي. اها خوشبو فقط سنڌ جي سڳوري مٽيءَ جي آهي. جيئن لطيف چيو آهي. آءٌ پري کان ئي ماروئڙن جي لوڏ ڏسي سمجهي ويس ته اهي منھنجا اباڻا آهن.
انهن مان هڪ نوجوان جو واسطو عمرڪوٽ ۽ ٻي جو سکر سان هو. باقي ٻه ٻيا نوجوان سندن ڪلاس ميٽ ۽ پنجاب جا هئا. سڀئي بائيسو ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا هئا.
ٻولي جو رشتو به عجيب رشتو آهي. ان ۾ ڪيڏي نه ڇڪ ۽ پنھنجائپ آهي. ڪيڏو نه ساءُ آهي، جيئن شيخ اياز چيو آهي.
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چوندين ماءُ،
اهڙو توکي ساءَ، ٻي ٻولي ڏيندي ڪٿي.

اسان ٿوري دير پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي. هو مانجهاندو ڪرڻ آيا هئا. وشال به ساڻن مليو، هڪٻئي سان نمبرن جي ڏي وٺ ڪيائون. گڏجي فوٽو ڪڍايوسين ۽ پوءِ هڪٻئي کان موڪلايوسين.
چين جي هن ڪنڊ ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي ڏسي، مون کي جيڪا خوشي ٿي، اها لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان.
هاڻ اسان جو واپسيءَ جو سفر هو. ان وچ ۾ کشين اڌ ڪلاڪ کن ڪار ۾ وڃي اک هڻي ورتي. مائي وڏي مڙس ماڻهو ۽ هڏ ڪاٺ جي هلڪي، پر سگهاري آهي. مريم کي به پنھنجي پويان ٻَڌي پئي هلندي آهي، جيڪا ماشاءَ الله صحت مند آهي، کيس آءٌ به گهڻي دير کڻي نه سگهندو آهيان ۽ سَھڪي پوندو آهيان.
بائيسو ۾ مون سان دلچسپ صورتحال تڏهن ٿي، جڏهن واش روم ۾ ويس ۽ وانڌو ٿيڻ کان پوءِ پينٽ جي زپ بند ڪيم ته اها ٽٽي پئي. هاڻ مسئلو ته هو، پر منھن ته ڏيڻون هو. ٻاهر نڪري وشال کي ٻڌايم پوءِ ٻئي ڄڻا ڏاڍو کلياسين. بھرحال نموني سان ڪم هلايم ۽ وڏي فنڪاري سان ٻيئي هٿ اڳيان ٻڌي پي ڪم ٽپايم. ان مھل مون کي هڪ صحافڻ ايماڊ نڪن جي ڪتاب ’بريڪنگ دي ڪرفيو‘ ۾ جنرل ضيا الحق جي باري ۾ لکيل جملا ياد آيا ته ”ضيا پنھنجا هٿ پرائيويٽ پارٽس تي رکي ٿو.“ بھرحال ڪم ته ٽپائڻون هو…
بائيسو به چين جي حساب سان ننڍو پر پنھنجي حساب سان ڪافي وڏو شھر آهي. ريلوي جنڪشن هئڻ ڪري هيستائين هاءِ اسپيڊ ٽرين به هلي ٿي. شھر جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ميڊيڪل يونيورسٽي به آهي، جنھن ۾ سڄي دنيا مان شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، جن ۾ سنڌ به شامل آهي.
واپسيءَ جو سفر جاري هو. ساڳئي ساوڪ، ساڳيا روڊ ۽ رستا، وچ ۾ ايندڙ وستيون ۽ واهڻ، جن جي خوبصورتي ۽ ترقي ڏسي اکيون ئي نه پي ڍاپيون. اڄ اسان جو چين جي سرزمين تي آخري ڏينھن، سڀاڻي صبح جو سوير نئننگ مان گوانچو وينداسين، جتان اسان جي پاڪستان ڏانھن روانگي ٿيندي. سڀاڻي اسان کي هيءَ سرزمين ڇڏڻي آهي، جنھن اسان کي ٻن مھينن تائين پنھنجي هنج ۾ ڪنھن ماءُ جي هنج جيان سڪون ۽ اطمينان ڏنو.سڀاڻي رات جو اسان پنھنجي ’سنڌ وطن‘ جي سرزمين تي هونداسين. جنھن لاءِ حافظ نظاماڻيءَ چيوآهي:
مڪو مدينو گهٽ ڪونهي
پر سنڌ جو ڪو مَٽ ڪونهي
مون جڏهن سوشل ميڊيا تي رکيو ته ’واپس وطن پيو اچان‘ ته منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق چيو، ”جھنم ۾ واپسيءَ تي خوش آمديد.“ ۽ ٻين به ڪيترن ئي دوستن لکيو، ”سائين واپس ڇو پيا اچو… هتي ڇا آهي… چين ۾ ئي رهي پئو.“
سڀئي دوست پنھنجي جاءِ تي صحيح هئا. اسان جي سَرڳ سمان ڌرتيءَ کي نَرڳ بنايو ويو آهي. ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، هر قسم جي بربادي اسان جي وطن جي نصيب ۾ لکي ويئي آهي، پر دوستن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي ڪونهي ته سُرڳ ڀلي نرڳ بنجي ويو هجي، پر پنھنجي ڌرتيءَ جي سڪ ۽ ڇڪَ جو احساس ٻاهر وڃي ٿئي ٿو. پرڏيھه، ڏيھه ٿي نه ٿو سگهي. گهوريو سو پرڏيھه، توڙي ڦلن ڇانئيو. لطيف سرڪار جو سر مارئي ته ڪير پڙهي ڏسي ته مارئي ڪيئن ٿي وطن جي ياد ۾ پل پل تڙپي:
سَنھي سُئيءَ سُبيو، مون ماروءَ سين ساهه
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه
هينئون منھنجون هِت ٿيو، هُت مِٽي ۽ ماهه
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
ڪار نئننگ ڏانھن روان دوان هئي. مون مريم کي سندس ماسيءَ جي هنج مان وٺي پنھنجي گود ۾ ويھاريو ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. هن پنھنجو ڪنڌ منھنجي سيني تي رکي ڇڏيو. مريم فاطمه، جيڪا ’سنڌي- چيني‘ دوستيءَ جي نشاني هئي، جنھن جي نسن ۾ سنڌي رت ڊوڙي رهيو هو. شايد مريم پھرين چيني نسل جي ٻارڙي آهي، جنھن جي رت ۾ سنڌي رت شامل آهي.
ڪار هلندي رهي، اُن ۾ کشين جي پسند جي موسيقي هلي رهي هئي، جنھن جي سُر سان کشين به سُر ملائي رهي هئي. مون ڏٺو ته مريم منھنجي ڀاڪرن ۾ سُمھي رهي هئي. مون جيڪي کيس پيار ڪيو ۽ چيم، ”مريم تون مون کي سدائين منھنجي ساهه کان به ويجهو هوندينءَ. تون منھنجي پشوءَ جي پيار جي نشاني آهين، پالڻھار توکي پنھنجي ماءُ ۽ پيءَ سميت ڪڏهن به ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندو.“
______________
سنڌ جو ناميارو ليکڪ يوسف سنڌي ھن وقت چين ۾ آھي