Editor's pickMain Slideدنياڪالم

سيڪيولرازم ڇا آهي؟

لغوي اعتبار کان سيڪيولرازم جي سادي معني آهي سياست کي مذهب کان الڳ ڪرڻ.

سيڪيولرازم جو اصطلاح جديد يورپ ۾ سڀ کان پهرين جارج جيڪب هولي اوڪ پيش ڪيو، جنهن جو مقصد، رياست جي اندر ڪليسائيت جي ڪردار کي گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ ۽ رياست کي ڪليسائيت جي اثر کان آزاد ڪرائڻ هو

رشيد احمد خاصخيلي

سيڪيولر خيال ته تمام گهڻا پراڻا آهن، پاڻ جيڪڏهن دنيا جي پراڻن مذهبن، فڪرن، نظرين، جا ئي ڪتاب اٿلائي ڏسنداسين ته انهن ڌرمي پستڪن، فڪرن ۽ نظرين ۾ به هن سوچ جا عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا. پري نه وڃجي قران شريف جي هن نقطن تي ئي ويچار ڪجي ته ” تنهنجو دين توسان،  منهنجو دين مون سان.“ يا ” اسان هر قوم کي پنهنجي دستورن آهر فيصلا ڪرڻ جو حق ڏنوسين.“

 سوال آهي ته سڪيولرازم ڇا آهي.؟ مير عالم مري پنهنجي ڪتاب ( نيشنلزم، سيڪيولرازم، جمهوريت) ۾ بهترين انداز ۾ لکيو آهي، ته ”سيڪيولرازم، بنيادي طرح ڪا مستقل فلاسافي ناهي پر پنهنجي جوهر ۾ هڪڙي تحريڪ آهي جنهن جا بنياد، تاريخ جي ڊگھي عمل مان ئي ملي سگھن ٿا. لغوي اعتبار کان سيڪيولرازم جي سادي معني آهي سياست کي مذهب کان الڳ ڪرڻ. سيڪيولرازم جو اصطلاح جديد يورپ ۾ سڀ کان پهرين جارج جيڪب هولي اوڪ پيش ڪيو، جنهن جو مقصد، رياست جي اندر ڪليسائيت جي ڪردار کي گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ ۽ رياست کي ڪليسائيت جي اثر کان آزاد ڪرائڻ هو. معاشري جي اندر ڪي به اصطلاح، سوچون يا نظريا، ان وقت ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا آهن جڏهن معاشري ۾ انهن جي لاءِ اڳواٽ جڳهه موجود هوندي آهي ۽ ماڻهو سماجي طرح بي چيني ۽ انتشار جو شڪار هوندا آهن.“

”اصل ۾ يورپي معاشري جي اندر ڪليسا جي حَد کان وڌيڪ رياستي ۽ سماجي ڪنٽرول جي خلاف، انتشار ۽ بي چيني موجود هئي. يورپي معاشري ڪليسائي ڪنٽرول کان ڪنهن به ڪنهن شڪل ۾ آجو ٿيڻ پئي چاهيو ان وقت ۾ اڀرندڙ اهڙيون تحريڪون ۽ اصطلاح ماڻهن جي توجه جا مرڪز بڻيا ۽ انهن کي عوامي حمايت حاصل ٿي.“

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هن سوچ جو جديد اصطلاح ارڙهين صديءَ (1851ع) ۾ جارج جيڪب ھولي اوڪ نالي ھڪ آزاد ويچار رکندڙ انگريز ڏنو هيو. هن جو چوڻ هيو ته : انسان جي سچي اڳواڻ سائنس آھي،  اخلاق، مذھب کان ڌار ۽ پُراڻي سچائي آھي. علم توڙي ادارڪ جي اڪيلي پرک، ڪَسوٽي ۽ سَند عقل آھي. ھر ماڻھوءَ کي فڪر ۽ تقرير جي آزادي ملڻ گُھرجي، اسان کي ھن دنيا کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھُرجي وغيره.

انسائيڪلوپيڊيا اميريڪانا ۾ پڻ ڄاڻايل آھي ته سيڪيولرازم اخلاقي سرشتو آھي. سيڪيولرازم جو پھريون تصور، فڪر جي آزادي آھي، يعني ھر شخص کي پنھنجي لاء ڪجھ سوچڻ جو حق سمورن فڪري ماملن بابت مختلف راءِ رکڻ جو حق. سمورن بنيادي مسئلن، جھڙوڪ: ڀڳوان، ﷲ يا آتما جي لافانيت وغيره تي بحث مباحثي جو پڻ حق.

سيڪيولرازم اُهو پڻ واضح ڪري ٿو ته  مذهبن، ڌرمن، عقيدن، فرقن، ۽ مسلڪن کي ذاتي ۽ شخصي قرار ڏنو وڃي (يعني اُهو انسان جو انفرادي معاملو هجڻ گهرجي) ۽ هر هڪ کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهب جي مطابق هلڻ جي آزادي هجي.

 پر اها آزادي نه هجي ته اهو پنهنجا عقيدا، ريتون ۽ رسمون ٻين تي مڙهي. باقي ٻيا رياستي، حڪومتي، سماجي، سياسي، قانوني، معاملا زندگي ۽ زماني جي گهرجن مطابق گذاريا وڃن. سيڪيولر ازم جو مطلب آهي، هر انسان جي هڪ جيتري عزت بنا ڪنهن مذهب، ڌرم، عقيدي، فرقي، رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، صنف، جنسي ورتاءَ ۽ بنا ڪنهن سياسي راءِ جي فرق جي عزت ۽ احترام، آزادي ۽ تحفظ ڏيڻ آهي.

سيڪيولرازم جو سادو ۽ سولو مطلب اھو به آھي ته  ھڪ اھڙو سماجي ۽ سياسي ورتاءُ، جنھن ۾ اھو مڃيو وڃي ته، عقيدي يا مذھب جو لاڳاپو هر انسان جي پنھنجي ذات سان آھي، يعني اھو ان جو ذاتي معامرو آھي ۽ ان ۾ ڪنھن ٻئي کي اعتراض يا مداخلت ڪرڻ جو حق ڪونھي. ان کانسواءِ رياست، قانون ۽ سماج کي به ڪنھن جي ذاتي مذھب ۽ عقيدي ۾ مداخلت جو حق ناھي ھوندو ۽ نه ئي عقيدي ۽ مذھب جي بنياد تي ان سان ٻين کان ڪو الڳ سلوڪ ڪيو ويندو آھي.

سيڪيولرازم بابت  ٻيون به ڪيتريون ئي معنائون آهن مثلا: سيڪيولرازم انساني معاشري جي اھڙي تنظيم ۽ ضابطي جو اھڙو نظام آھي، جيڪو ظاھري طور تي طئہ ٿيل جاگرفيائي حدن ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ رھندڙ سڀني انسانن کي بنا فرق، تحفظ ڀلائي ۽ ترقي جي ذميواري قبول ڪري ٿو.

اوائلي دور کان وٺي اڄ تائين انساني معاشرو نامياتي مظھر (تبديل ٿيندڙ ڏيک) رھيو آھي، ان کي منظم ڪرڻ جي لاءِ انسان الڳ، الڳ وقتن ۾ ڪيترائي نظريا ۽ حڪمت عمليون ڪُتب آنڌيون آھن، مثلا: ھڪ دور اھڙو بہ ھو جو محض ھڪ خاندان کي ئي حڪمرانيءَ جي مسند تي ويھڻ جو حق بخشيو ويندو ھو، (جيئن سعودي عرب ۾ اڄ بہ ٿي پيو ۽ ٻين ڪيترين جاين تي ٿئي ٿو) ڪڏھن تہ ڪنھن مخصوص نسل ۽ ٻوليءَ سان واسطو رکندڙن کي ئي افضل ۽ اعلي ڄاڻائي حڪمرانيءَ جون ڪُرسيون انھن لاءِ ئي وقف ڪيون وينديون ھيون. تہ وري ڪٿي ڪنھن مذھبي اڳواڻ کي ئي اقتدار اعلي لاءِ اھل سمجھيو ويندو ھو. پوءِ ٿيو ڇا جو رياست جون واڳون ڪجھ خاندانن، ڪجھ مخصوص نسل ۽ ٻوليءَ وارن ۽ ڪجھ مذھبي اڳواڻن جي ھٿن تائين محدود رھيون، انساني سماج جيئن تہ تبديل ٿيندڙ رھيو آھي پر مٿين عنصرن  انھن جي تبديليءَ کي پنھنجي اثر رسوخ سان اڳتي وڌڻ کان ڄڻ روڪڻ پئي گھريو، جيڪو اڻ ٿيڻو هو. ان ڏس ۾ ناميارو ترقي پسند دانشور خاڪي جويو اسان جي رهنمائي ڪجهه هن ريت ڪري ٿو ته تاريخ جون پنهنجون تقاضائون آهن. انسان چاهي يا نه چاهي، انساني ارادا ۽ خواهشون تاريخي عمل کي روڪي نه ٿيون سگهن ۽ نه وري تاريخ جي ترقي پسند قوتن جا رستا روڪي سگهن ٿا، جڏهن به تاريخي عمل جي آڏو اهڙيون روڪاٽون کڙيون ڪندا ته انهن اهڙو عمل رجعت پرستيءَ ۽ قدامت پرستيءَ جي ور چڙهي ويندو. ڏٺو وڃي ته  انسان جو ذھن خود ارتقا جي عمل ۾ ڏينھون ڏينھن سفر ڪندو رھيو آھي، سو انسان پنھنجي ذھن جي سگھ سان ۽ ھزارن سالن جي تجربي سان آخر ڪار اُن ڌڳ تي اچي پھتو جتي ھن عقليت پسنديءَ کي اڳيان رکندي عقل جي ڪسوٽيءَ تي اُھا پرکَ ڪئي تہ جيڪي چند عناصر رياست جا دعويدار بڻايا ٿا وڃن سي درصل رياستي بندوبست ۾ رڪاوٽ آھن. جيڪي پنھنجي چالاڪين سان معاشري ۾ انصاف ۽ ترقي جي راھ ۾ روڪاوٽ جون ديوارون اُڀيون ٿا ڪن. انھن چند عناصرن جي سوچ جي برعڪس عقليت پسندن وٽ سگھارو نظريو ھي ھيو ( جنهن کي پاڻ سيڪيولرازم چئون ٿا) ته  انسانن جي لاءِ امن، تحفظ ۽ انصاف ۽ زندگيءَ جي معيار ۾ بھتري حاصلات جو بھترين طريقو ھي آھي تہ رياست مان حڪمران ۽ رعيت جو فرق ختم ڪري سڀني شهرين کي رياست جو برابر رُڪن مڃيو وڃي ۽ مختلف الاهي يا نظرياتي مقصدن بجاءِ رياست کي انسانن جي دنياوي زندگي بهتر بنائڻ جو ذريعو قرار ڏنو وڃي رياست کي صرف اهڙن معاملن ۾ دخل اندازي جي اجازت هجڻ گهرجي جنهن کي غير جانبدار ۽ عرضداري جي سطح تي پرکيو ۽ جاچيو وڃي. ( نڪي مذهبي عقيدن، نظرين ۽ قانونن جي بنياد تي) سيڪيولرازم جيئن ته خود هڪ نظريو آهي، پر هن کي جيڪڏهن ڪا شئي وڌيڪ وسعت ۽ انسانيت جي ويجهو آڻي بيهاري ٿي ته سا آهي اخلاقي بصيرت جيڪا ڏاڌ ۽ انياءُ (ظلم) جو رستو روڪي ٿي. اخلاق جي روشنيءَ کان سواءِ ڪو به نظريو انسان جي ويجهو نه ٿو رهي سگهي. سائين جي ايم سيد، گهڻو اڳ ان ڳالهه ڏانهن هن ريت ڌيان ڇڪايو هيو ته “ نظرين جي صحيح تبليغ تاليف (يعني گڏ ڪرڻ) قلوب ۽ حسن اخلاق جي آڌار تي ٿيڻ گهرجي نه ته اهي نظريا ذهني سامراج ٿي پون ٿا ۽ تشدد ۽ تعصب جو سبب ٿين ٿا.

اسان کي هي ڳالهه به ذهن نشين رکڻ گهرجي ته ڪيترا ذهن اُهو تصور ڪندا رهيا آهن ته، سيڪيلولرازم مذهبن کي رد ڪندڙ نظريو آهي، جيڪا ڳالهه غلط آهي. سيڪيولرازم ڪنهن به عقيدي کي مڪمل رد ناهي ڪندو پر انهن عناصرن کي رد ضرور ڪندو آهي، جيڪي ان عقيدن جي غلط پرچار، ۽ تشريح ڪري پنهنجا ذاتي مفاد پورا ڪرڻ گهرندا آهن. 

نه رڳو اھو پر سيڪيولرازم جو مطلب “ لادينت”  به ناھي پر سيڪيولرازم جو مطلب ھر ڪنھن جي عقيدي ۽ مذھب جو احترام آھي. “ تنھنجو ڌرم تو لاءِ ۽ منھنجو دين منھنجي لاءِ” ئي اصل ۾ سيڪيولرازم جو صحيح ۽ ٺيڪ ترجمو آھي، مير عالم مري لکيو آهي ته: سيڪيولرازم کي اڪثر طور مذهب مخالف تحريڪ جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ڪافي ماڻهن جي راءِ موجب، مذهب جو مڪمل انڪار ۽ انساني معاشري مان مذهب کي بي دخل ڪرڻ ئي سيڪيولرازم جو مقصد آهي. پنهنجي جوهر ۾ ڪفر، الحاد ۽ دهريت الڳ تحريڪون آهن جڏهن ته سيڪيولر معاشري، سماج مان ڪٿي به مذهب کي مڪمل طرح بي دخل ناهي ڪيو. يورپي معاشرو، جيڪو سيڪيولر تحريڪ جو سڀ کان وڏو چئمپين رهيو آهي، ان جي اندر به مذهب جو ڪردار انسان جي نِجي زندگي ۾ اڄ به باقي آهي.. سيڪيولر تحريڪ جو مقصد اهو آهي ته مذهب کي، سياست ۽ معاشري جي سمورن پهلوئن تي زبردستي لاڳو نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي معاشري کي مجبور ڪيو وڃي ته هُو مذهب جي ٻڌايل طريقن تي زندگي گذاري ۽ نه ئي رياست کي تابع ڪيو وڃي ته اُها فيصلن ڪرڻ وقت مذهب جي ماتحت يا ان جي آڏو مجبور هُجي.

سبط حسن پنهنجي ڪتاب ( Battle of Ideas in Pakistan )  ۾ لکيو آهي ته : سيڪيولرازم ڪنهن گندي ذهن جي ڪنهن اهڙي گندي منصوبي جو نالو نه آهي، جيڪو اسان جي سماجي ۽ اخلاقي زندگيءَ جون پاڙون پٽڻ جو مقصد رکندو هجي يا جيڪو ملڪ اندر ڪنهن خلفشار ۽ ابتري پيدا ڪرڻ جي سازش ڪندو هجي، بلڪ ان جي ابتڙ هي هڪ ترقي ۽ آزاديءَ جهڙن انساني آدرشن جو اتساهه رکندڙ روشن خيال سماجي فلسفو آهي. اهو ڪائنات ۽ ان جي ارتقائي قانونن کي سمجهڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش جو نالو آهي. هن کي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن ۽ عقيدن ڏانهن عقلي اپروچ سمجهڻ گهرجي.

سبط حسن پنهنجي مذڪوره انگريزي ڪتاب ۾ سيڪيولرازم جي وڌيڪ تشريح ڪندي لکي ٿو ته:سيڪيولرازم انساني ذهن کي هر قسم جي بندشن ۽ ٻنڌڻن کان آزادي عطا ڪري ٿو. اهو هڪ فرد جي ان حق کي برقرار رکي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ سچ جي تلاش ڪري ۽ ڪنهن به ڳالهه جي تصديق يا ترديد هو پنهنجي ذاتي روشنيءَ سان ڪري ۽ بغير ڪنهن دٻاءَ يا ڌؤنس جي ڪري. سيڪيولرازم نه رڳو سائنسي قانونن ۽ دريافتن ڏانهن زبردست جهڪاءُ رکي ٿو، پر زندگيءَ جي سڀني مسئلن ڏانهن سائنسي رويو اختيار ڪرڻ تي وڏو زور ڏئي ٿو تنهن ڪري هي ڪو ماٺيڻو متو يا نظريو (Passive Doctrine) نه آهي، پر فڪر ۽ عمل جو هڪ متحرڪ نظام آهي، جنهن جو مکيه مقصد انسان کي مدي خارج عقيدن ۽ اعمالن جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ آهي.

ھَلو ھَلو ڪَاڪِ تَڙي،  جِتي نِينھن اڇل،

نہ ڪا جھل، نہ پل،  سَڀ ڪا پَسِي پِرينءَ کي.

(شاهه لطيف)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. Setting budhayiuo ta mon vat Sindhi Alf Bee je App., Ahe ,Mager avhan je Box mn sindhi type karn waqat ubata lafz type tha thiyan.
    وسڏ Diso khy vasd kary likhyo athas .
    Avhan je system mn maslo ahe yan muhijee system mn masalo ahe? .
    Iho check kare w.w.w. mn complain type kayo ta shayad thek thi’ye.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button