چين ’سائيڪلن جي سلطنت‘
توانائيءَ جي کوٽ ۽ ٻاهرين ملڪن پاران انقلابي حڪومت کي ناڪام بنائڻ جي سازشن کي نظر ۾ رکندي مائوزيتنگ حڪم ڪيو ھو ته چيني ماڻهو سائيڪلون استعمال ڪن. اسان بنا ٻارڻ جي به پنھنجو ڪم جاري رکي سگهون ٿا.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ڪو دور هو جڏهن چين کي ’ڪنگڊم آف بائيسڪلس‘ (Kingdom of bicycles) چيو ويندو هو. انقلاب کان پوءِ توانائيءَ جي کوٽ ۽ ٻاهرين ملڪن پاران انقلابي حڪومت کي ناڪام بنائڻ جي سازشن کي نظر ۾ رکندي مائوزيتنگ حڪم ڪيو ته چيني ماڻهو سائيڪلون استعمال ڪن. اسان بنا ٻارڻ جي به پنھنجو ڪم جاري رکي سگهون ٿا.
چين ۾ سائيڪلن جي لاءِ ڌار رستا ٺاهيا ويا ۽ اڃا به آهن. هاڻ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون اچي وڃڻ سبب سائيڪل گهٽ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ هر ڪو بائيڪ وٺيو پيو ڪم هلائي ۽ اهي رستا جيڪي سائيڪلن لاءِ ٺاهيا ويا هئا، انهن تي سائيڪلن سان گڏ موٽرسائيڪلون به هلن ٿيون. پر چين ۾ سائيڪل جي تاريخ ۽ ان جي شروعات جي ڪھاڻي به دلچسپ آهي. چين ۾ پھريون ڀيرو سائيڪل جو ذڪر 1860ع ۾ ملي ٿو. ان زماني ۾ هڪ اعليٰ چيني سفارتي عملدار ’بن چن‘ فرانس، جرمني ۽ برطانيا جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد اتي جي صنعتي ترقي، انتظامي سڌارن ۽ فوجي ٽيڪنالاجيءَ جو جائزو وٺڻ هو. جڏهن هو دوري تان واپس موٽيو ته هن پنھنجي دوري جي رپورٽ ۾ هڪ ٽيڪنالوجيڪل ترقي جو ذڪر ڪيو، جيڪا هن فرانس ۾ ڏٺي. سندس چواڻي ته هن فرانس ۾ ماڻهن کي هڪ عجيب ۽ غريب سواري استعمال ڪندي ڏٺي. ان سواريءَ جا ٻه ڦيٿا هئا، جيڪي هڪ ڏنڊي ۾ جڙيل هوندا آهن ۽ ڏنڊي جي مٿان هڪ سيٽ هوندي آهي، ماڻهو سيٽ تي ويھي پنھنجن پيرن وسيلي اڳيان ڌڪيندا آهن. ان دور ۾ هن ان کي Veloupedc جو نالو ڏنو. اها سائيڪل هئي، جيڪا فرانس ۾ استعمال ٿي رهي هئي. چين ۾ سائيڪل جو اهو پھريون تعارف هو. شروع ۾ چين ۾ سائيڪل کي پذيرائي نه ملي، ڇو ته ماڻهو اها هلائڻ جي دوران پگهر ۾ شم ٿيڻ، هلائڻ لاءِ جسماني طاقت لڳائڻ ۽ ان جي غير محفوظ هئڻ جي ڪري ان کان پري رهيا. ان دور ۾ چيني رڪشا جي سواري کي اهميت ڏيندا هئا. هوريان هوريان جڏهن چين جي حڪمرانن ۾ ترقي ڪرڻ جو احساس اُڀرڻ لڳو ته هنن سائيڪل جي عملي فائدن بابت سوچڻ شروع ڪيو. 1886ع جي آخر ۾ شنگهائيءَ جي اخبارن ۾ سائيڪل بابت رپورٽون ۽ خبرون ڇپجڻ شروع ٿيون. 80-1870ع جي آخر ۾ شنگهائي، تيانجن ۽ بيجنگ ۾ رهندڙ غير ملڪي سائيڪلون پيا هلائيندا هئا. 1890ع ۾ فوج جي لاءِ سائيڪل جي افاديت ثابت ٿي چڪي هئي، ايستائين جو ان دور جي چيني اخبارن ۾ اولھائين ملڪن ۾ گهوڙي ۽ سائيڪل جي وچ ۾ ڊوڙ جو ذڪر ٿيڻ لڳو.

1897ع ۾ 25 هين يو ايس انفٽري بٽالين جي موٽاٽا سان سينٽ لوئس ۽ ميسوري تائين ڊوڙ جو ذڪر هڪ رسالي ‘Shixebao’ ۾ ملي ٿو ته جيئن شاهي آرميءَ ۾ سائيڪل کي متعارف ڪرائي سگهجي. چين ۾ سائيڪل عيسائي مشنريز، ڪاروباري ماڻهن ۽ ان دور جي بيٺڪي اعليٰ عملدارن جي ذريعي متعارف ٿي. شروع ۾ ساحلي شھرن ۾ اها آئي. چينين پھريون ڀيرو 1890ع ۾ سائيڪل هلائڻ شروع ڪئي. انهن شھرين ۾ يورپ مان پڙهي ايندڙ شاگرد، ڪاروباري ماڻهو ۽ صحافي هئا، جيڪي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جا خواهشمند هئا. 1896ع ۾ اخبارن سائيڪلنگ کي ڀرپور ڪوريج ڏني. ان وقت برطانوي سائيڪلسٽن، ڪرسمس کان اڳ شنگهائي آيا ته ساڻن شھر جي دوري ۾ مقامي سائيڪل سوار به شريڪ ٿيا. ان دور ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ برطانوي، جرمن ۽ آمريڪي سائيڪلن جي وڪري لاءِ اشتھار ڇپجڻ شروع ٿيا. 98/1897 ۾ شنگهائي ۽ تيانجن جي اخبارن ۾ سائيڪلن جا شروعاتي ڪمرشل اشتھار ڇپيا. 1899ع ۾ شنگهائيءَ کان ٿوري فاصلي تي موجود شھر Suzhou ۾ مقامي انتظاميه ’تنگ لينز‘ ۾ حفاظتي قدمن تحت سائيڪل هلائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. 1902ع ۾ برطانوي سائيڪلن جي پھرين نمائش ٿي، هوريان هوريان شنگهائي، تيانجن ۽ گوانچو مان سائيڪلون چين جي ٻين شھرن ۾ وڃڻ لڳيون. چين جي هاڻوڪي دور جي هڪ صنعتي ۽ ڪاروباري شھر چنگدو ۾ 1904ع ۾ ست سائيڪلون هيون، جڏهن ته ان وقت ان شھر جي آبادي هڪ ڏهائي پنج ملين هئي. انهن ستن سائيڪلن مان ٽي مختلف چيني حڪومتي ادارن، ٽي غير ملڪين ۽ هڪ سائيڪل چيني شھريءَ جي ملڪيت هئي. 1910ع ۾ شنگهائي ۽ تيانجن جي درآمد ڪندڙن سائيڪلن کي وڌيڪ شھرن ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ پکيڙڻ شروع ڪيو. شروع ۾ اها ٻاهران گهرائڻ سبب ان جي قيمت گهڻي هئي. ان وقت فقط امير ماڻهو ئي اها خريد ڪندا هئا. عام ماڻهوءَ وٽ سائيڪل نه هئي.
1920ع ۾ جڏهن چين ۾ هفتي ۾ ڇھه ڏينھن ڪم ڪرڻ معمولي بنجي ويو ته ماڻهن ۾ سائيڪلنگ جو رجحان وڌي ويو. 1925ع ۾ شنگهائي جي آبادي ٻه ملين هئي، پر سائيڪلن جو تعداد نوَ هزار اٺ سؤ هو. 1930ع ۾ اهو تعداد وڌي ويھه هزار ٿيو. ان کان پوءِ چين جي مختلف ادارن ۾ سائيڪلن جو استعمال وڌڻ لڳو. ٽپال کاتي جي ٽپالين، فوجي سپاهين ۽ ماڊرن پوليس اسڪواڊرن سائيڪلون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. سائيڪلن جي عام شھرين تائين پھچ 1930ع ۽ 40 جي ڏاڪن ۾ ٿي. 1930ع ۾ چين ۾ ٽن وڏن ڪاروباري ادارن مقامي سطح تي سائيڪلن جي تياري شروع ڪئي، جنھن سان ان جون قيمتون گهٽيون ۽ چين ۾ تيزيءَ سان سائيڪلن جو استعمال وڌڻ لڳو. 42-1941ع ۾ چين ۾ چانورن جي راشن بنديءَ جي دوران سائيڪل هڪ سولي ۽ تيز رفتار ٽرانسپورٽ طور مقبوليت ماڻي. 1949ع ۾ ’عوامي جمھوريه چين‘ جي قيام سان سائيڪل جي صنعت کي گهڻو واڌارو مليو. ڪميونسٽ پارٽيءَ سائيڪل کي ٽرانسپورٽ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان جي وڏي پئماني تي پيداوار شروع ڪئي. ان جي پيداوار تي حڪومت پاران رعايت به ڏني ويئي. چين جي پھرين پنجن سالن واري رٿا ۾ سائيڪل جي ترقيءَ جو هدف سٺ سيڪڙو رکيو ويو. 1958ع تائين چين هڪ بلين کان به وڌيڪ سائيڪلون پروڊيوس ڪري رهيو هو. 70-1960ع واري ڏاڪي ۾ چين ۾ سائيڪل پنھنجي عروج تي هئي. چين جي سڀني وڏن شھرن جي رستن تي سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون.ان ئي دور ۾ چين کي ’سائيڪلن جي سلطنت‘ (Kingdom of Bicycles) به چيو ويندو هو.
سائيڪل چين جي سماجي زندگيءَ ۾ ايتري ته اهميت حاصل ڪري ويئي جو هڪ چوڻي مشھور ٿي ته چين ۾ شادي جي لاءِ چئن شين مان هڪ سائيڪل (ان دور جي هڪ مشھور برينڊ جي) به شامل هئي. گويا شاديءَ جو ٿيڻ سائيڪل سان مشروط هو. هونئن چئن شين مان هڪ ريڊيو به هوندو هو. شادي جي لاءِ لازمي وٿ هئڻ کان سواءِ ان دور ۾ دوست يار ۽ مٽ مائٽ شاديءَ جي موقعي تي سائيڪل تحفي طور ڏيندا هئا. ان کان وڌيڪ چين ۾ سائيڪل جي مقبوليت جو ٻيو ڪو پئمانو ٿي نه ٿو سگهي. چيو وڃي ٿو ته اڳوڻو آمريڪي صدر بش جڏهن 75-1974ع ۾ بيجنگ ۾ آمريڪي سفير طور مقرر هو ته کيس به ٻه سائيڪلون سوکڙي طور ڏنيون ويون، هو به پنھنجي زال سان گڏ چين ۾ ان دور جي هڪ مشھور سائيڪل برانڊ بيجنگ جي رستن تي هلائيندو هو. ان دور ۾ چين جي رستن تي ٽي يا چار ڪارلينز جيتري ويڪري سائيڪل لينز هوندي هئي.
اسي واري ڏاڪي ۾ جڏهن چين ۾ سرڪاري سان گڏ نجي ملڪيت جي دور جي شروعات ٿي ۽ چين ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿي ته ان ترقيءَ جا اثر سماج تي به ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ نوي واري ڏاڪي ۾ موٽر گاڏين ۽ ڪار ڪلچر جي شروعات ٿي. 2000ع کان سائيڪلن جي جاءِ ڪارن والاري ۽ ائين سائيڪلن جي مقبوليت جو گراف ڪرڻ لڳو. پوءِ جتي چين مختلف شعبن ۾ ترقي ڪئي، اتي چين سائيڪلنگ ۾ نواڻ ۽ ٽيڪنالاجي سان اهڙو ته هم آهنگ ڪيو. جيئن ڪنھن زماني ۾ شاديءَ جي لاءِ ان دور جي هڪ مشھور برانڊ واري سائيڪل جو هئڻ ضروري هو، تيئن اڄوڪي چين جي وڏن وڏن شھرن ۾ رهندڙ شھرين جي سمارٽ فونز ۾ شيئرڊ سائيڪلنگ جي ايپ ۽ ان جو اڪائونٽ هولڊر هئڻ شھري زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهيو وڃي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته چين روايت کي بدلائي نواڻ سان ان تسلسل کي جاري رکيو آهي.
هاڻوڪي دور جي تحقيقي انگ اکرن موجب چين ۾ 37.2% ماڻهو سائيڪل استعمال ڪن ٿا. چين بابت چيو وڃي ٿو ته هتي جا ماڻهو ڌنڌو ڪري ڄاڻن. هنن پنھنجو ذهن استعمال ڪيو ۽ ختم ٿيندڙ سائيڪل کي نئين زندگي ڏني ۽ ان سان گڏ ڪيترن ماڻهن جي روزگار جو بندوبست به ٿي ويو. چين ۾ شيئرڊ سائيڪل تمام گهڻي مقبول آهي. انگن اکرن موجب سڄي چين ۾ سورهن ملين شيئرڊ سائيڪلون آهن ۽ چين جي سڀني شھرن ۾ عوامي هنڌن تي شيئرڊ سائيڪل موجود آهي.
شيئرڊ سائيڪل استعمال ڪرڻ لاءِ به ڪي شرط آهن. ارڙهن کان وٺي پنجھٺ سالن جي عمر وارو ڪوبه فرد اهي استعمال ڪري سگهي ٿو. اڪائونٽ بنائڻ جي لاءِ هڪ سمارٽ فون، انٽرنيٽ جو هئڻ ۽ دستاويزي سڃاڻپ لازمي آهي. پرڏيھي پنھنجي پاسپورٽ جي پھرين صفحي جي ڪاپي سان سيلفي وٺي ايپ جي ذريعي استعمال ڪري سگهن ٿا. ايپ تي اڪائونٽ ٺاهڻ جو طريقو موجود آهي. ان ۾ ڏنل هدايتن جي پيروي ڪري اڪائونٽ ٺاهي سگهجي ٿو. جڏهن اڪائونٽ ٺھي وڃي ته سمجهو هاڻ ڪمپني جون سڀئي سائيڪلون اوهان استعمال ڪري سگهو ٿا. هر سائيڪل تي هڪ ڪيو آرڪوڊ هوندو آهي، جيڪو اسڪين ڪرڻ سان سائيڪل جو لاڪ کلي ويندو آهي، پوءِ سائيڪل کڻو ۽ جتي وڻوَ گهمندا وتو. انهن سائيڪلن ۾ هڪ جي. پي. ايس سسٽم لڳل هوندو آهي، جنھن سان ڪمپني ان جي چرپر کي سولائي سان ڄاڻي سگهي ٿي. جتي به ٿڪجو، سائيڪل تان لھو ۽ پنھنجي اڪائونٽ مان لاگ آئوٽ ڪري، سائيڪل کي اتي ئي بيھاري ڇڏيو ۽ اوهان پنھنجي ماڳ ڏانھن روانا ٿي وڃو. سائيڪل جو خيال واسطيدار ڪمپني پاڻ ئي ڪندي، ان جو ڀاڙو به صفا گهٽ آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪرايو هڪ يوان، جيڪو وي چيٽ جي ذريعي ادا ڪري سگهجي ٿو.
___________
سنڌ جو ناميارو ليکڪ يوسف سنڌي ھن وقت چين ۾ رھيل آھي