Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

انقلابي تنظيمن لاءِ تنقيد ۽ خود تنقيد جي اھميت

ڪا بہ تنظيم ان وقتَ  تائين زندھ رهي نہ سگھندي، جيستائين اُها پاڻ کي سمجهي، پنهنجن عملن تي غور ڪري، ۽ پاڻ کان سوال ڪرڻ جي سگھ رکي. خود تنقيد، جيئن فرد لاءِ شعور جو معراج آهي، تيئن ئي تنظيم لاءِ بہ عقلي سڃاڻپ جو مھا معراج

رشيد احمد خاصخيلي 

سائين خاڪي جويو پنھنجي ڪتاب ( تنظيم ڪاريءَ جا اصول) ۾ لکي ٿو تہ ” ڪا بہ قومي ۽ انقلابي پارٽي تنقيد کان نہ گھٻرائيدي آھي“ انقلابي نہ تنقيد کان ڇرڪندا آھن، ۽ نہ منشورن کان ڪنَ لاٽار ڪندا آھن.“ انقلابين وٽ تنقيد ۽ خود تنقيد جو سائنسي ھٿيار موجود ھوندو آھي، جنھن کي اُھي ڪتب آڻي خراب عمل کان ڇوٽڪارو ۽ سٺي عمل کي پنھنجو ڪندا آھن. ديانتدار تنقيد ھڪ اھڙو عمل آھي جيڪو انقلابي پارٽيءَ کي ٻين پارٽين کان بلند ڪندو آھي.“

پوءِ آخر ڪھڙا سبب آھن جو گھڻي ڀاڱي پارٽيون/ تنظيمون اھڙي مثبت واٽَ کان  خائف رھنديون آھن.؟ جو، تنقيد خود تنقيد کي پارٽيءَ خلاف سازش، اختلاف کي ڌاري ايجنڊا، ۽ سوال کي غداري جي نقطي نظر سان ڏٺو ويندو آھي.؟

 جيتري تائين مون پنھنجي عقلَ کان سوال ڪيو آھي تہ مون اڳيان اُھو دريافت ٿيو آھي تہ ” اُھا روشَ خاص ڪري اُن وقت پيدا ٿيندي آھي، جڏھن ڪو نظريو مقدس بنياد پرستيءَ جي شڪلَ اختيار ڪري، ۽ خود احتسابيءَ کي اُن عقيدي سان ٽڪر کائيندڙ ڪا شئي سمجھيو وڃي_ پارٽي/ تنظيم جڏھن  قيادتَ ڪندڙن جي چوڌاري گول دائري ۾ ڦرڻ لڳي، ۽ قيات کي سوالن کان مٿاھون سمجھيو وڃي، قيادتَ جا فيصلا مقدس اعلانَ بڻجن.! غلطين کي ”ضرورتَ“ يا ”حڪمت“ جو نانءُ ڏنو وڃي_ اھڙي ماحول ۾ قيادت جي ويجھو / ڀرسان تنقيد ڪرڻ گويا، تنظيم جي بنيادن کي لوڏڻ برابر سمجھيو ويندو آھي_ ھڪَ تہ تنقيدي کوٽ، نظرياتي تجزيي جي صلاحيت نالي ماتر خود احتسابيءَ جو ادارتي نظامَ دوستيءَ جي نالن ۾ غرقَ_ نتيجو، تنظيم جي نالي تي تابعداريءَ جو نظامَ رائج، ۽ تنقيد کي ڌاري مخلوقَ جي ٻولي قرار ڏنو وڃي_ ناڪامين جو خوفَ پارٽين/ تنظيمن پاران پنھنجا گُذريل فيصلا، ناڪام حڪمت عمليون، يا نظرياتي پُٺتي پيلَ رويا قبولڻ کان خوف کائڻ_  انھيءَ سان سندن قيادت جي حيثيت آزمائش جي طوفان جي ورَ چڙھي سگھي ٿي. جُڙتو ھٿرادو تيار ٿيلَ نظرياتي بنياد پاڙئون پٽجي سگھي ٿو. ٻيو تہ ائين ڪرڻ سان قومَ ۾ اعتماد جي کوٽ جو ڏُڪار پئجي سگھي ٿو. اھڙي فضا ۾ پارٽي/ تنظيمَ تنقيد يا  تنقيد خود تنقيد کي جمھوري قدر بدران خطري جي گھنٽي سمجھڻ لڳندي آھي_ جڏھن بہ انقلابي پارٽي / تنظيم پنھنجي عوام جي حالتن کان ڪٽجي ويندي آھي تہ فڪري جاڳرتا جي جاءِ تي رسمون، انقلابي نعرن بدران شور، ۽ نظريي جڳھ تي ذاتي مفادن جو اثر  اڻٽر ٿي ويندو آھي _ اھڙيءَ حالتن ھيٺ تنقيد ھنن جي خودفريبيءَ جي کنيل ديوار ۾ شگافَ برابر آھي جنھن کان ھو سدائين پيون خوفَ کائينديون آھن ۽ تنقيد کي ڪنھن بہ حالت ۾ ويجھو ڏسڻ ھنن لاءِ ناقابلِ برداشت ھوندو آھي_

انقلابي تنظيم ڪا بيٺل، بي حس وجود نہ  آهي.  نہ ئي رڳو نظرياتي ڪتابن جي ورقن ۾ بند ڪو خواب، نہ ئي رڳو نعريبازي يا جلسن ۾ گونجندڙ آواز. هڪ انقلابي تنظيم دراصل هڪ جيئرو، ترقي پذير نظام (evolving system) آهي، جيڪو مسلسل تبديلي، تجزيي، ۽ فڪري تجديد جو طلبگار هوندو آهي. پر هر جيئري نظام جي بقا لاءِ جيڪا شيءَ سڀ کان لازمي آهي، سا آهي — تنقيد ۽ خود تنقيد. انقلابي تنظيمون رڳو بيانن، نعرن يا منشور سان زندھ  نہ ٿيون رھي سگھن. تاريخ، سماج، ۽ نفسيات جي مشاهدي ۽ مطالعي مان ثابت ٿيو آهي تہ ڪا بہ تنظيم ان وقتَ  تائين زندھ رهي نہ سگھندي، جيستائين اُها پاڻ کي سمجهي، پنهنجن عملن تي غور ڪري، ۽ پاڻ کان سوال ڪرڻ جي سگھ رکي. خود تنقيد، جيئن فرد لاءِ شعور جو معراج آهي، تيئن ئي تنظيم لاءِ بہ عقلي سڃاڻپ جو مھا معراج، نفسيات ۾ هن رجحان کي “ميٽا- ڪاگنشن” (meta-cognition) جي روپ ۾ ڏٺو وڃي ٿو، يعني پنهنجي سوچ جو جائزو وٺڻ، پنهنجن فيصلن تي سوال اُٿارڻ، ۽ غلطين کي شعوري طور قبول ڪري بهتريءَ ڏانهن قدم وڌائڻ. هڪ اهڙي تنظيم جيڪا پاڻ کي مقدس، مڪمل ۽ سوال کان بالاتر سمجهي، اُها اڳئي پوءِ آخرڪار هڪ بُت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ بُت اڳيان عقيدو ئي رائج ٿي سگھي ٿو_ اهو عمل، جيڪو تنظيم جي ارتقا لاءِ حياتياتي طور ضروري آهي، اُهو اِھو آهي تہ “خود تنقيد” هڪ اهڙو اندروني ميڪينزم، جيڪو انساني شعور جي ارتقا جيان ئي پيچيدگيءَ، تڪليف ۽ امڪاني واڌاري جو حصو آهي. اڄ جو انسان ۽ اڄ جي تنظيم ٻنهي لاءِ تنقيد صرف لفظن تائين محدود ناھي، پر اُھا وجودي ضرورت بہ آهي. سائنس نقطي نظر سان ڏسجي تہ هر مستحڪم نظام — چاھي اُهو خُليو (سيل) هجي يا سماج —  پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ھن کي اندروني تبديلي ۽ ٻاهريان تجزيا قبول ڪرڻا پون ٿا. ھن اصول کي حياتياتي ماحوليات (ecological biology) ۾ “فيڊ بيڪ لوپ” چيو ويندو آهي — جتي نظام پنهنجي پيدا ڪيل معلومات کي واپس جذب ڪري ٿو ۽ پنهنجي روش کي اُن مطابق بدلائي ٿو. ياد رکڻ گھرجي تہ جڏهن ڪا تنظيم پنهنجن اندرين تضادن، غلطين ۽ فڪري جمود کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ٿي، تڏهن اُها پنهنجي موت جا جراثيم پاڻ ۾ پالڻ لڳي ٿي. هڪ انقلابي تنظيم لاءِ تنقيد اُهو فيڊ بيڪ آهي، جنھن مان اُها سکندي آهي، پنهنجا زخم سڃاڻندي آهي، ۽ پاڻ کي ٻيهر زندھ رکڻ جي صلاحيت پيدا ڪندي آهي. جيڪا تنظيم تنقيد کي دشمني سمجهي ٿي، سا حقيقت ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي خاتمي ڏانهن وڌي ٿي. فزڪس جو ٻيو قانون، جنهن کي اينٽروپي (Entropy) چيو وڃي ٿو، ان اصولَ تحت بہ جيڪڏھن ڪو نظام يا ڪا تنظيمَ وغيره پنھنجا دروازا بند ڪري ڇڏي تہ اُھا  آهستي آهستي بگاڙ ڏانهن ئي وکون کڻندي،جيڪڏھن ڪنھن  تنظيم جا در بند ٿي وڃن، سوالن کان خالي هجي، ۽ پاڻپسنديءَ ۾ مبتلا هجي تہ اُها فڪري طور تي  ناڪارا ۽ بيڪار ٿي وڃي ٿي. جيستائين اُها ٻاهران کان توانائي(خود تنقيد ذريعي مسلسل نئين سر تجديد ۽ سُڌارو آڻڻ). حاصل نہ ٿي ڪري سگھي تيسين تائين بگاڙ کان بچڻ ناممڪن آھي.

نفسياتدان ڪارل يُنگ، جو اُھو چوڻ تہ “سچائي فرد جي ڇانوَ ۾ لڪل هوندي آهي.” يعني هر فرد يا اجتماعي ادارو پنهنجي شعوري تصوير کان وڌيڪ پنهنجي لاشعور، ناڪامين، ۽ اندرين تڪرارن مان سکي ٿو. تنظيم به هڪ اجتماعي نفسياتي وجود آهي، جنهن جي اندر تڪرار، غلطيون، ۽ ناڪامي جا تجربا موجود هوندا آهن. ڪارلَ يُنگ وٽ  ڇانوَ ( (Shadow) لاشعور جي علامتَ آھي، مثال ڪي خيال، جذبا، خواهشون يا عمل، جن کي انسانَ غلط، خطرناڪ، يا سماجي طور نامنظور سمجھندو آھي، سي پنھنجي لاشعور ۾ دفنَ ڪري ڇڏيندو آھي پر اھڙي تدفين پڄاڻان بہ اُھي خيال، جذبا خواھشون ۽ عمل جيئرا رھندا آھن جيڪي  انسان جي لاشعور (unconscious) ۾ رهجي ويندا آهن، ۽ سندس شخصيت جي ”ڇانوَ“  بڻجي ويندا آهن، ۽ سچَ ان لاشعوري ڇانوءَ ۾ ئي لڪيل ھوندو آھي جنھن کي اسين ڏسڻ کان خوف پيا کائيندا آھيون_

انقلابي تنظيم جو پهريون فرض سماج کي تبديل ڪرڻ نہ، پرَ  پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ آهي. جيڪا تنظيم پاڻ تي سوال نه ٿي اُٿاري، سگھي يا اھڙي جرعتَ کان خوف ٿي کائي تہ اُها ڪڏهن بہ سماج کانَ سوالَ  ڪرڻ جي اخلاقي واٽَ جي اھل نہ ٿي بڻجي سگھي. تنقيد اهو آئينو آهي، جنهن ۾ تنظيم کي ھرَ گھڙي پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ــ تہ جيئن اها ڄاڻي سگهي تہ هوءَ ڇا آهي، ڇا بڻجي چڪي آهي، ۽ ڇا بڻجڻ ٿي چاهي.؟ جيڪڏھن ڪا تنظيم پاڻ تي تنقيد کان ڊڄي ٿي، تہ پوءِ اُھو گمان واضح ۽ چٽو آھي تہ اُھا تنظيمَ ايندڙ روشن صبح (مستقبل) کان ڊڄي ٿي.

_______________

رشيد احمد خاصخيلي ھڪ فريلانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button