Editor's pickMain Slideڪالم

کيرٿر جي پٿرن تي سنڌُو لکت: هندستاني ماهر جي تصديق

سنڌُو لکت مُهين جي دڙي کان علاوه سنڌُو ماٿريءَ جي ڪافي ماڳن تان ملي آهي پر  سنڌُو لکت پٿرن ۽ جبلن تي بہ اڪريل دريافت ڪئي وئي آهي جنهن تي ڪتابن سان گڏ ڪيترائي مقالا لکيا ويا آهن. ھڪ هندستاني ماهر ياجنا ديوَم بہ راءِ ڏني آهي تہ کيرٿر مان لڌل پٿر جي ڇِپ تي اڪريل اهي 50 نشانيون سنڌُو لکت جون علامتون آهن.

عزيز ڪنگراڻي

سنڌ قديم ملڪ آهي. سنڌ ملڪ جو خالق سنڌُو درياھ آهي جنهن سمنڊ سان جهيڙيندڙ سنڌ صفحه هستي تي نمودا ڪئي. سنڌُو ماٿري جي تهذيب نه صرف شاندار پر دنيا جي قديم ۽ شاندار تهذيبن مان هڪ آهي جنهن جو مرڪزي ماڳ مُهينَ جو دڙو آهي. مُهينَ جي دڙي کان علاوه به سنڌُو سڀيتا جا ماڳ آهن. سنڌُو ماٿريءَ جي اهم دريافت سنڌُو لکت آهي جيڪا اڄ سوڌو ڳجهارت بڻيل آهي. سنڌُو لکت مُهين جي دڙي کان علاوه سنڌُو ماٿريءَ جي ڪافي ماڳن تان ملي آهي پر  سنڌُو لکت پٿرن ۽ جبلن تي اڪريل دريافت ڪئي وئي آهي جنهن تي ڪتابن سان گڏ ڪيترائي مقالا لکيا ويا آهن. سنڌُو تهذيب جي ماڳن کان سنڌ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ پٿرن تي قديم چٽسالي(Rock Carving) ۾ پڻ اُڪريل ملي آهي جنهن تي سنڌ جي محققن  ڏهاڪن کان ڪم پئي ڪيو آهي. پٿرن تي چٽساليءَ ۾ ٻُڌمت، هندومت ۽ زرتشتي مذهبن جي مذهبي عنصرن، جانرون، سنسڪرت، پالي ۽ ٻين ٻولين جي لکتن سان گڏو گڏ برهمي ۽ سنڌُو لکت جي علامتن جي تلاش ڪئي وئي آهي ۽ جنهن کي محققن تحقيق جاري رکي آهي ۽ انهن بابت پنهنجو نقطہءِ پيش ڪندا رهيا آهن. سنڌ جي محققن برهمي لکتون پڙهڻ، انهن جي قدامت جي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ سنڌُو لکت جي علامتن جي تصديق لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي مختلف ماهرن سان برقي خطن وسيلي رابطا بب پئي ڪيا آهن. انهن ۾  پهريون رابطو برهمي لِپيءَ جي ماهر، سُنيل شوئران (Sunil Sheoran) سان ڪيو ويو. بعد ۾ دنيا جي جن ماهرن سان رابطا ڪيا ويا انهن ۾ مائڪل وٽزل (Michael Witzel )، جوناٿن مارڪ ڪينائر (Jonathan Mark Kenoyer)، آسڪو پارپولا (Asko Parpola) شامل آهن.

انهي کانسواءِ هندستان جي سنڌُو لکت جي ماهر ياجنا ديوَم (Yajna Devam) سان تعلق هجڻ سبب ان جي نظرن منجهان جڏهن هن مضمون ۾ بحث هيٺ پٿر گذريو ته پٿر تي اُڪريل سنڌُو لکت بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، “مان اهو دليل ڏئي سگهان ٿو ته هن لکت (پٿر تي)  ۾ سنڌو ماٿريءَ جون 50 گرافيمز (لکڻ جون نشانيون) موجود آهن، جيڪي ان نظريي کي رد ڪرڻ (غلط ثابت ڪرڻ) جي هڪ معيار تي پورو لهن ٿيون (ثابت ڪن ٿيون). اهو نظريو جيڪو فارمر ۽ سندس ساٿين (Farmer et al non script thesis) پيش ڪيو هو ته سنڌو ماٿريءَ جي لکت حقيقت ۾ هڪ باقاعده رسم الخط ناهي.”  سندس لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي سنڌُو لکت جون نشانيون آهن ۽ بيش ڪيل يا ڄاڻايل نظريئي کي غلط ثابت ڪن ٿيون. ياجنا ديوَم جي راءَ آهي ته:

(Dear! I could argue that this Indus inscription has 50 graphemes, thus meeting a criterion for falsifying the Farmer et al non script thesis.Yajna Devam).

فارمر ايٽ ايل لکت نه هجڻ وارو نظريو (Farmer et al, Non-Script Thesis)

سنڌو ماٿريءَ جي لکت واري نظام  يا سنڌُو لکت جي تحرير جي علامتن جي سلسلي ۾  فارمر ۽ سندس ساٿين  2004ع ۾ هڪ نظريو پيش ڪيو هو. هيءُ نظريو سنڌُو لکت جي نظام يا سنڌُو لکت جي علامتن کي ڪنهن ٻوليءَ جو لکت وارو نظام تسليم نه ٿو ڪري. سنڌُو ماٿريءَ جي لکت کي لکت نه هئڻ وارو فارمر ۽ سندس ساٿين جو سنڌُو لکت وارو نظريو (Farmer et al non-script thesis) جيڪو نظريو پيش ڪيو ويو هو جنهن خاص پذيرائي حاصل نه ڪئي هئي. هيءَ نظريو اسٽيوَ فارمر (Steve Farmer)، رچرڊ اسپروٽ (Richard Sproat) ۽ مائيڪل وِِٽزل (Michael Witzel) طرفان پيش ڪيو ويو هو.

هن نظريئي موجب، سنڌُو ماٿريءَ جي تهذيب سان تعلق رکندڙ مهرن، ٿانون، تختين ۽ ٻين قديم آثارن جي شين تي ملندڙ علامتون يا نشانيون حقيقت ۾ ڪو باقاعده لکت جو نظام نه هيون، پر اُهي نشانين جو هڪ غير لساني نظام هيو. يعني اهڙو نظام، جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ کي لکڻ لاءِ ڪم نه ايندو هو. ايئن کڻي چئجي ته هن نظريئي مطابق سنڌُو لکت جون سموريون علامتون ان وقت (2600 قبل مسيح کان 1900 قبل مسيح يا 1800 قبل مسيح دؤران) سنڌُو ماٿريءَ جي ڪنهن خاص ٻوليءَ جي ڪنهن خاص تحريري نظام جو جُز يا اکر نه هيون ۽ نه وري اِهي نشانيون ڪنهن ٻوليءَ جي لکڻ پڙهڻ لاءِ لسانيءَ حوالي سان لِپِيءَ جي اکرن يا آوازن جو نظام هيون. اُهي محض غير لساني علامتون هيون. مطلب ته فارمر ايٽ ايل – لکت نه هجڻ واري نظريئي تحت سنڌُو لکت جون علامتون سنڌُو ماٿريءَ جي ٻوليءَ جي رسم الخط جا اکر نه هيون.

هن مضمون ۾ ذڪر ڪيل پٿر  ۽ ان تي اُڪريل نشانين جي حوالي سان تازو ڪجھ ڏينهن اڳ پٿر تي اُڪريل نشانيون بحث هيٺ آيون. ڄاڻايل پٿر تي چٽيل سنڌُو لکت جي علامتن تي هندستاني ماهر ياجنا ديوَم (Yajna Devam)  راءِ ڏني آهي جنهن موجب پٿر جي ڇِپ تي اڪريل اهي 50 نشانيون سنڌُو لکت جون علامتون آهن جيڪي فارمر ۽ سندس ساٿين جي انهيءَ نظرئي کي رد ڪن ٿيون. سندس راءِ موجب پٿر تي چٽيل اِهي نشانيون لساني طور سنڌُو لکت جون ئي نشانيون آهن. جيڪي ڪنهن ٻوليءَ جي لکت جي نظام يا لِپِيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون.

سنڌُو لکت کي نه سمجهڻ يا پڙهي نه سگهڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته مهرن تي اڪريل علامتون ٿوريو آهن. مطلب ته گهٽ ۽ مختصر نشانيون آهن. هڪ مهر ملي آهي جنهن تي 35 علامتون آهن. جڏهن ته سميري لکتون طويل آهن. طويل ۽ تفصيل ۾ هجڻ ڪري انهن کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. مصر جي هيروگلفس پڙهجڻ ۾ روزيٽا پليٽ مددگار ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته روزيٽا پليٽ تي ٽہ ٻوليائي لکتون مليون هيون.

سنڌُو ماٿري ۾ هيءُ پهريون پٿر مليو آهي جنهن تي ياجنا ديوَم جي راءِ موجب سنڌُو لکت جي 50 علامتن جي اُڪر ٿيل آهي. هيءُ ڳالھ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ۽ تحقيق جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. کيرٿر جابلو سلسلي ۾ اهڙا ٻيا پٿر به پٿر ملي سگهن ٿا جن تي 50 کان وڌيڪ نشانين جي اُڪريل ٿيل هجي جيڪو سميري تحريرن وانگر سنڌُو لکت سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي. يا وري اهو پٿر روزيٽا ثابت ٿئي جنهن تي ممڪن طور سميري لکتون به هجن. ڇو ته سمير جا سنڌُو سڀيتا سان واپاري لاڳاپا رهيا آهن.

تنهنڪري هن سلسلي ۾ اسانجي ڏيهي ماهرن ۽ سنڌ جي نوادرات کاتي کي تحرڪ ۾ اچڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

_________

Aziz-Kingrani-TheAsiaN-1

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، محققق،مورخ ۽ ٻوليءَ ماهر آهي. سندس انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ 22 ڪتاب شايع ٿيل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو ۾ ڪيترائي ڊراما ۽ مقالا پڻ لکيل آهن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button