Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

سنڌ ۾ عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ھڪ خانگي تحقيقي اداري جي سهڪار سان پاڪستان جي پهرين عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عورت آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ، مقامي ۽ ناياب ٻجن جو تحفظ، زرعي جينياتي وسيلن جي بحالي ۽ پائيدار توڙي ماحول دوست زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي.

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام خانگي تحقيقي اداري 360 اي جي سرچ جي سهڪار سان پاڪستان جي پهرين عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عورت آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ، مقامي ۽ ناياب ٻجن جو تحفظ، زرعي جينياتي وسيلن جي بحالي ۽ پائيدار توڙي ماحول دوست زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي.

ان سلسلي ۾ ٻنهي ادارن وچ ۾ ٽن سالن جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. مفاهمتي يادداشت تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي تحقيق، جدت ۽ واپاري ترقيءَ واري آفيس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آسيا اڪبر پنھور ۽ 360 اي جي سرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حمود احمد صديقي صحيحون ڪيون.

معاهدي تحت عورتن جي سربراھي ۾ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪئي ويندي، جتي ديسي، موروثي ۽ ناياب ٻجن جي حفاظت، واڌاري، مٽاسٽا ۽ معياري ٻج جي پيداوار تي ڪم ڪيو ويندو. ان منصوبي ذريعي عورت آبادگارن کي ٻجن جي تحفظ، جديد زرعي طريقن ۽ فني تربيت جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ته جيئن اهي زرعي ترقيءَ جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ معاشي طور پڻ خودمختيار بڻجي سگهن.

مفاهمتي يادداشت ۾ ”ٻج کان ٻج“ ۽ ”نسل کان نسل“ جي تصورن کي خاص اهميت ڏني وئي آهي، جن تحت مقامي ۽ ناياب ٻجن جي زرعي ورثي کي محفوظ ڪري ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪيو ويندو. ان کان علاوه زرعي جينياتي وسيلن جي بحالي ۽ اهڙن فصلن جي قسمن کي هٿي ڏني ويندي، جيڪي ڏڪار، سخت گرمي، زمين جي کاراڻ ۽ ٻوڏ جهڙن موسمياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ته جيئن خوراڪ جي تحفظ ۽ زرعي تنوع کي هٿي ملي سگهي.

معاهدي تحت عورتن کي ڪڪڙ پالڻ، کير جي پيداوار ۽ مالونداريءَ جي شعبن ۾ پڻ فني سهڪار ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ عورتن لاءِ روزگار ۽ آمدنيءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا.

ان موقعي تي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته مقامي ٻجن ۽ زرعي جينياتي وسيلن جو تحفظ مستقبل ۾ خوراڪ جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته عورت آبادگارن کي ٻجن جي تحفظ، جديد زرعي طريقن ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي فراهم ڪرڻ سان نه رڳو سندن معاشي خودمختياري وڌندي، پر مجموعي زرعي نظام پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين ۽ خانگي زرعي تحقيقي ادارن وچ ۾ سهڪار سان تحقيقي نتيجن کي عملي ميدان تائين پهچائڻ ۽ آبادگارن کي جديد سائنسي ڄاڻ ۽ فني رهنمائي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان خطي ۾ پائيدار زراعت کي هٿي ملندي.

تقريب دوران حمود احمد صديقي وائيس چانسلر کي ناياب ٻجن جا نمونا پيش ڪيا، جيڪي زرعي جينياتي ورثي جي تحفظ جي علامت هئا، جڏهن ته وائيس چانسلر پاران 360 اي جي سرچ جي ٽيم کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ ۽ سارنگ رسالا پيش ڪيا ويا. معاهدي تحت سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر محمودا ٻرڙو، جڏهن ته 360 اي جي سرچ پاران حمود احمد صديقي کي گڏيل سرگرمين جي نگراني ۽ هم آهنگي لاءِ ذميوار مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻنهي ادارن وچ ۾ رابطي ۽ گڏيل منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندا. (پريس رليز)

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button