اختلاف کي فساد ۾ تبديل ڪرڻ انساني شعور جي ناڪامي آهي
تفرقا انسانن جي وچ ۾ اهڙيون ديوارون اڏين ٿا، جن جي ٻنهي پاسن تي بيٺل ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهڻ بدران شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳندا آهن. اختلاف فطري آهن، پر اختلاف کي فساد ۾ تبديل ڪرڻ انساني شعور جي ناڪامي آهي. ڪٽرپڻو دراصل سوچ جي ان بند دروازي جو نالو آهي، جنهن مان عقل، دليل، برداشت ۽ رواداريءَ جي روشني اندر داخل ٿيڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي.

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني سماج جي تباهيءَ جو آغاز هميشه ڪنهن وڏي جنگ، قدرتي آفت يا معاشي بحران سان نٿو ٿئي؛ ڪڏهن ڪڏهن ان جي شروعات هڪ اهڙي ننڍڙي سوچ کان ٿيندي آهي، جيڪا انسان کي انسان کان ڌار ڪرڻ لڳندي آهي. جڏهن ذهنن ۾ نفرت جا ٻج پوکيا وڃن، اختلافن کي دشمنيءَ جو نالو ڏنو وڃي ۽ پنهنجي عقيدي، نظريي يا سڃاڻپ کي ٻين کان برتر سمجهڻ جو مرض پيدا ٿئي، تڏهن معاشري جي گڏيل وجود ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويندا آهن.
تفرقا انسانن جي وچ ۾ اهڙيون ديوارون اڏين ٿا، جن جي ٻنهي پاسن تي بيٺل ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهڻ بدران شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳندا آهن. اختلاف فطري آهن، پر اختلاف کي فساد ۾ تبديل ڪرڻ انساني شعور جي ناڪامي آهي. دنيا جي هر مهذب سماج ۾ مختلف خيال، عقيدا، ٻوليون، ثقافتون ۽ روايتون موجود هونديون آهن. انهن رنگن جي موجودگي ئي ته انساني تهذيب جي خوبصورتي آهي. مسئلو تنوع نه، پر تنوع کي برداشت نه ڪرڻ واري ذهنيت آهي.
ڪٽرپڻو دراصل سوچ جي ان بند دروازي جو نالو آهي، جنهن مان عقل، دليل، برداشت ۽ رواداريءَ جي روشني اندر داخل ٿيڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي. ڪٽر ماڻهو پنهنجي راءِ کي آخري سچ سمجهي ٿو ۽ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو. کيس پنهنجي سوچ کان مختلف هر آواز خطرو محسوس ٿئي ٿو. اهڙي ذهنيت معاشري ۾ علمي گفتگوءَ بدران الزام، محبت بدران نفرت ۽ تعمير بدران تخريب کي هٿي ڏئي ٿي.
مذهبن جي بنيادي تعليم تي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته انهن جو مقصد انسان کي بهتر انسان بڻائڻ، اخلاق سنوارڻ، مظلوم جي مدد ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، انصاف ڪرڻ ۽ مخلوق سان محبت ڪرڻ آهي. مذهب انسان کي عاجزي سيکاري ٿو، جڏهن ته مذهبي نالي تي پيدا ڪيل ڪٽرپڻو کيس غرور، نفرت ۽ تعصب ڏانهن ڌڪي ٿو. مذهب ۽ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ انتهاپسنديءَ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ڪنهن به عقيدي جي عظمت ٻين جي توهين ڪرڻ ۾ نه، پر پنهنجي عمل سان انسانيت جو احترام ڪرائڻ ۾ آهي.
اسان جي معاشري جو هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ مذهب، مسلڪ، قوم، ٻولي ۽ برادريءَ جي نالي کي استعمال ڪن ٿا. ڪجهه مفادپرست ذهنن کي ورهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪن ٿا. ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ڏکيو، پر ورهائڻ تمام آسان آهي. نفرت جو هڪ جملو سالن جي محبت کي ختم ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن نسلون گهربل هونديون آهن.
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن انسان جي عزت سندس عقيدي، ذات، دولت، ٻولي يا خانداني پسمنظر سان نه، پر سندس ڪردار، عمل ۽ انساني روئي سان ماپي وڃڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ ٻين جي توهين ڪري ٿو، سو پنهنجي دليل جي ڪمزوري ظاهر ڪري ٿو. جيڪو پنهنجي عقيدي جي حفاظت جي نالي تي ٻين جي آزادي، عزت ۽ حقن کي لتاڙي ٿو، اهو دراصل پنهنجي ئي انساني قدرن کي نقصان پهچائي ٿو.
تعليم جو اصل مقصد صرف ڊگريون ورهائڻ نه، پر اهڙا ذهن پيدا ڪرڻ آهي، جيڪي سوال ڪرڻ، سوچڻ، اختلاف برداشت ڪرڻ ۽ سچ کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت رکن. اهڙي تعليم جيڪا انسان کي نفرت سيکاري، اها تعليم نه پر ذهني قيد آهي. اسان کي گهرن، تعليمي ادارن، مذهبي مرڪزن، ادبي محفلن ۽ سماجي پليٽ فارمن تي برداشت، دليل، محبت ۽ گڏيل احترام جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو.
اڄ دنيا کي وڌيڪ هٿيارن، وڌيڪ نفرتن ۽ وڌيڪ تعصبن جي ضرورت ناهي؛ دنيا کي اهڙن انسانن جي ضرورت آهي، جيڪي اختلاف باوجود گڏ ويهي سگهن، هڪ ٻئي جي ڏک کي محسوس ڪري سگهن ۽ انسانيت جي گڏيل مستقبل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اسان کي اهڙي سماج جي تعمير ڪرڻي آهي، جتي ڪنهن کي پنهنجي عقيدي سبب خوف نه هجي، ڪنهن جي ٻوليءَ سبب سندس حق نه کسيا وڃن ۽ ڪنهن انسان سان سندس سڃاڻپ جي بنياد تي نفرت نه ڪئي وڃي.
اچو ته پنهنجي سوچ جو احتساب ڪريون. پنهنجي اندر موجود تعصب کي سڃاڻون، نفرت پکيڙيندڙ لفظن کان پاسو ڪريون ۽ اختلاف کي دشمنيءَ بدران فڪري واڌاري جو ذريعو بڻايون. والدين پنهنجي اولاد کي انسانن سان محبت ڪرڻ سيکارين، استاد شاگردن ۾ برداشت پيدا ڪن، عالم ۽ دانشور اتحاد ۽ رواداريءَ جو پيغام ڏين ۽ سماج جا ذميوار ماڻهو نفرت جي هر صورت خلاف آواز بلند ڪن.
ياد رکڻ گهرجي ته تفرقا قومن کي ڪمزور، ڪٽرپڻو ذهنن کي تنگ ۽ فساد معاشرن کي تباهه ڪري ٿو. ان جي ابتڙ محبت دلين کي ڳنڍي ٿي، رواداري انسانن کي ويجهو آڻي ٿي ۽ انسانيت معاشري کي مضبوط بڻائي ٿي.
اسان جو اصل تعارف انسان هجڻ آهي؛ باقي سڀ سڃاڻپون ان کان پوءِ اچن ٿيون. اچو ته فرقن جي ديوارن کي ڊاهي، محبت جا پل اڏيون، ڇو ته انسانيت جي بقا اتحاد، احترام ۽ رواداريءَ ۾ ئي سمايل آهي.
_________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي ۽ ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو.



