ڪنس ۽ راوڻ جا ظالم ڪردار اڄ به موجود آهن!
صديون اڳ ڪنس ۽ راوڻ پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ طاقت، اقتدار، غرور ۽ خودغرضيءَ جي علامت بڻيل هئا، پر افسوس جو اڄ به دنيا جي مختلف ڪُنڊن ۾ انهن ڪردارن جا پاڇا انسانيت جو پيڇو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ به ڪو طاقتور پنهنجي اختيار جي نشي ۾ ڪمزور جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، ڪنهن معصوم جي حق تي ڌاڙو هڻي ٿو، ڪنهن نياڻيءَ جي عزت سان کيڏي ٿو، ڪنهن بي پهچ جي آواز کي دٻائي ٿو يا پنهنجي مفاد خاطر هزارين انسانن جي زندگين سان کيڏي ٿو ته پوءِ اهڙن ڪردارن کي ڪهڙي نالي سان سڏجي؟ ڇا انهن جي عملن ۾ ڪنس ۽ راوڻ جي سوچ زنده نظر نٿي اچي؟

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني تاريخ جو مطالعو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته ظالم ڪردار ڪڏهن به مڪمل طور ختم ناهن ٿيندا، رڳو سندن مُھانڊا، نالا، ويس ۽ ظلم ڪرڻ جا طريقا تبديل ٿيندا رهندا آهن. صديون اڳ ڪنس ۽ راوڻ پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ طاقت، اقتدار، غرور ۽ خودغرضيءَ جي علامت بڻيل هئا، پر افسوس جو اڄ به دنيا جي مختلف ڪُنڊن ۾ انهن ڪردارن جا پاڇا انسانيت جو پيڇو ڪري رهيا آهن.
هندو ڌرمي روايتن ۾ ڪنس کي ڪرشن جو مامو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. کيس پنهنجي ڀيڻ ديوڪيءَ جي اولاد مان خطرو محسوس ٿيو، تنهنڪري معصوم ٻارن جي قتل کان به نه ڪيٻايائين. آخرڪار ڪرشن جي هٿان سندس ظلم جو خاتمو ٿيو. ٻئي طرف رامائڻ جو راوڻ، جنهن سيتا ماتا کي اغوا ڪري پنهنجي طاقت ۽ انا جو مظاهرو ڪيو، آخرڪار رام سان جنگ ۾ ماريو ويو. انهن ٻنهي ڪردارن جي انجام ۾ هڪ وڏو اخلاقي سبق لڪل آهي ته طاقت ڪيتري به وڏي ڇو نه هجي، ظلم کي هميشه جي حڪمراني حاصل نٿي ٿي سگهي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪنس ۽ راوڻ واقعي ختم ٿي ويا آهن؟ جيڪڏهن اڄ به ڪو طاقتور پنهنجي اختيار جي نشي ۾ ڪمزور جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، ڪنهن معصوم جي حق تي ڌاڙو هڻي ٿو، ڪنهن نياڻيءَ جي عزت سان کيڏي ٿو، ڪنهن بي پهچ جي آواز کي دٻائي ٿو يا پنهنجي مفاد خاطر هزارين انسانن جي زندگين سان کيڏي ٿو ته پوءِ اهڙن ڪردارن کي ڪهڙي نالي سان سڏجي؟ ڇا انهن جي عملن ۾ ڪنس ۽ راوڻ جي سوچ زنده نظر نٿي اچي؟
ڪنس رڳو اهو شخص نه هو، جنهن ٻارن کي قتل ڪيو، پر اهو ظالماڻو ذهني رويو هو، جيڪو پنهنجي خوف ۽ مفاد لاءِ معصوميت جو ڳلو گهٽي ٿو. راوڻ رڳو اهو بادشاهه نه هو، جنهن سيتا کي اغوا ڪيو، پر اها مغرور ذهنيت هئي، جيڪا عورت جي عزت، آزادي ۽ مرضيءَ کي پنهنجي طاقت کان گهٽ سمجهي ٿي. اڄ به جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت، دولت، عهدي يا اثر رسوخ جي بنياد تي ڪنهن ٻئي جي عزت نفس کي لتاڙي ٿو، تڏهن تاريخ جا اهي پراڻا ڪردار نئين روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا.
ظلم جو سڀ کان خطرناڪ پاسو اهو آهي ته ظالم اڪثر پاڻ کي طاقتور، عقلمند ۽ حق تي سمجهندو آهي، جڏهن ته سندس چوڌاري خاموش رهندڙ ماڻهو به اڻ سڌيءَ طرح ظلم کي هٿي ڏيندا آهن. سماج ۾ جڏهن سچ ڳالهائڻ ڏوهه، انصاف گهرڻ بغاوت ۽ حق جي حمايت ڪرڻ خطرو بڻجي وڃي، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته مسئلو رڳو ظالمن جو ناهي، پر اجتماعي بي حسيءَ جو به آهي.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪنس ۽ راوڻ جي منفي ڪردارن جا مثال بيان ڪرڻ، ڪنهن مذهب، قوم يا نسل خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ نه، پر انساني ڪردار جي اصلاح لاءِ آهن. هر مذهب ۽ هر مهذب معاشري جو بنيادي پيغام به اهو ئي آهي ته انسان جي جان، عزت، آزادي ۽ حقن جو احترام ڪيو وڃي. ڪنهن جي عقيدي يا سڃاڻپ کان مٿانهون ٿي انسانيت کي اهميت ڏني وڃي.
دنيا کي اڄ وڌيڪ هٿيارن، وڏين عمارتن ۽ طاقتور حڪمرانن کان اڳ مضبوط ڪردار، جاڳيل ضمير ۽ انصاف پسند انسانن جي ضرورت آهي. ٻارن کي خوف بدران تحفظ، عورتن کي بي وسيءَ بدران عزت، غريبن کي خيرات بدران روزگار ۽ ڪمزور ماڻهن کي دٻاءَ بدران برابريءَ جا حق ملڻ گهرجن. قانون جي حڪمراني اهڙي هجي، جو طاقتور به جوابده هجي ۽ بي پهچ ماڻهوءَ کي به انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي در تي هٿ ٽنگڻو نه پوي.
اچو ته پنهنجي اندر جي ڪنس کي ختم ڪريون، پنهنجي سوچ مان راوڻ جي انا کي ٻاهر ڪڍون ۽ اهڙي سماج جي تعمير لاءِ عملي ڪردار ادا ڪريون، جتي ڪنهن جي معصوميت قتل نه ٿئي، ڪنهن جي عزت پامال نه ٿئي ۽ ڪنهن جي حق تي طاقت جي زور سان قبضو نه ڪيو وڃي. ڇو ته ظالم جي شڪست رڳو سندس موت سان نه، پر ظلم واري سوچ جي خاتمي سان ممڪن آهي. تاريخ جي ورقن ۾ عزت انهن ماڻهن کي ملي آهي، جن انسانن کي تڪليف ڏيڻ بدران سندن درد گهٽايو آهي.
هميشه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنس ۽ راوڻ کي مارڻ کان وڌيڪ ضروري آهي، سندن سوچ کي پنهنجي اندر ۽ سماج مان ختم ڪرڻ. جيستائين انسان جي اندر لالچ، غرور، جبر ۽ بي رحمي موجود رهندي، تيستائين اهي منفي ڪردار مختلف روپن ۾ موجود رهندا.
ڪنس ۽ راوڻ، اڃا به آهن، پيا جي خلق کي خوب ستائن۔
___________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي ۽ ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.



