Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ريگل چونڪ ڪراچيءَ جي مختصر تاريخ

هن علائقي جو نالو برطانوي حڪومت جي ڪنهن شاهي عمارت جي بجاءِ هتي موجود ريگل سينيما جي ڪري مشهور ٿيو. اها سينيما 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي صدر علائقي ۾ قائم ٿي هئي جنھن هن چؤواٽي کي هڪ سڃاڻپ ڏني. اهو علائقو سينيما جي شهرت کان اڳ به شهر جي نقشي تي موجود هو، البته ريگل نالي جي مقبوليت جو تعلق سينيما سان هو.

خاصخيلي لطيف راولاڻي

 ريگل چونڪ جو نالو ڪيئن پيو۔

ريگل چونڪ جي نالي جو سبب سمجھڻ لاءِ ان جي مشهور سينيما جي تاريخ ڄاڻڻ ضروري آهي. آرڪيٽيڪٽ عارف حسن جي حوالي سان ھڪ انگريزي اخبار ۾ شائع ٿيل هڪ رپورٽ موجب، هن علائقي جو نالو برطانوي حڪومت جي ڪنهن شاهي عمارت جي بجاءِ هتي موجود ريگل سينيما جي ڪري مشهور ٿيو. اها سينيما 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي صدر علائقي ۾ قائم ٿي هئي جنھن هن چؤواٽي کي هڪ سڃاڻپ ڏني.

هڪ اهم گالهه اها آهي ته ڪراچيءَ جي 1878ع جي نقشي ۾ به هن علائقي جو ذڪر ملي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو علائقو سينيما جي شهرت کان اڳ به شهر جي نقشي تي موجود هو، البته ريگل نالي جي مقبوليت جو تعلق سينيما سان هو.

برطانوي دور ۾ ريگل چونڪ ۽ صدر جو علائقو

برطانوي دور ۾ صدر ڪراچي جو هڪ اهم شهري، تجارتي ۽ رهائشي علائقو بڻجي چڪو هو. ريگل چونڪ جي آس پاس مختلف عمارتون تعمير ٿيون، جن ۾ رهائشي عمارتون، دڪان ۽ تجارتي مرڪز شامل هئا.

هن علائقي جي تاريخي اهميت کي سمجھڻ لاءِ ڪجھ عمارتن جو ذڪر ضروري آهي:

 ريوا مينشن (Rewa Mansion): ريگل چونڪ جي ويجھو هن عمارت جي تعمير جو سال 1940ع ٻڌايو وڃي ٿو.

شيام ڪٽيا (Shyam Kutya): اها عمارت 1942ع ۾ تعمير ٿي.

  پريڊي اسٽريٽ (Preedy Street): اهو روڊ صدر جي تاريخي حصي کي شهر جي ٻين اهم شاهراهن سان ملائي ٿو. اھو روڊ برطانوي دور جي آفيسر ايڇ. ڊبليو. پريڊي سان منسوب آهي.

اهي عمارتون ان دور جون يادگار آهن ته 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ ڪراچي جي هن حصي ۾ تعميراتي طرز ۽ شهري زندگي ڪهڙي طرح تبديل ٿي رهي هئي.

ريگل سينيما جي تاريخ

ريگل سينيما برصغير جي ورهاڱي کان اڳ به موجود هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان کي 24 مئي 1955ع تي ٻيھر کوليو ويو. هن سينيما ۾ پاڪستاني ۽ غير ملڪي فلمون ڏيکاربيون هيون. ڪراچي جي سينيما ڏسڻ وارن لاءِ اهو هڪ اهم تفريحي مقام هو. ريگل سينيما جي شهرت جو اندازو ان گالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ مشهور فلمون ڏسڻ لاءِ ماڻهو صدر جي سينيمائن جو رخ ڪندا هئا.

پاڪستاني فلمي تاريخ جي حوالي سان ريگل سينيما ۾ ڏيکاريون ويندڙ فلمن ۾ هڪ اهم نالو ‘جگنو’ (1947ع) جو به آهي، جنهن ۾ دليپ ڪمار ۽ نورجهان ڪم ڪيو هو. هن فلم هتي سلور جوبلي مڪمل ڪئي هئي. ٻين سينيمائن جيان ريگل سينما جي اهميت گھٽجي وئي تہ 1991ع ۾ ان کي بند ڪيو ۔

 ريگل چونڪ سياسي احتجاج جو مرڪز ڪيئن بڻيو

ريگل چونڪ جي تاريخ صرف ڪاروبار ۽ تفريح تائين محدود نه رهي. اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪراچي ۾ سياسي مظاهرن، شاگرد تحريڪن، مزدورن جي احتجاج ۽ شهري مطالبن جي اظهار جو هڪ نمايان مقام هو. مختلف سياسي جماعتن، شاگرد تنظيمن، مزدورن، وڪيلن ۽ سماجي ڪارڪنن هتي احتجاج ڪيا. 1977ع کان 1988ع دوران جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا خلاف سياسي سرگرمين ۾ ريگل چونڪ جي خاص اهميت رهي. جمھوريت  جي بحاليءَ واري تحريڪ  دوران به اهو احتجاجي سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز هو. ان زماني ۾ مظاهرين کي پوليس ڪاررواين، لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ گرفتارين جو منهن ڏسڻو پوندو هو. ريگل چونڪ تان شروع ٿيندڙ ڪجھہ ريليون صدر جي ٻين علائقن مان گذرندي بندر روڊ، جيڪو اڄ ايم. اي. جناح روڊ سڏجي ٿو، ڏانهن وينديون هيون. انھيءَ ريت ريگل چونڪ ڪراچي جي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪيو.

 ريگل چونڪ جي چئني پاسن اڄ به اهڙيون عمارتون موجود آهن جيڪي ڪراچي جي ماضيءَ جي جھلڪ ڏيکارين ٿيون. انھن ۾ ڪورونيشن بلڊنگ، ريوا مينشن ۽ شيام ڪٽيا قابلِ ذڪر آهن. علائقي ۾ پارسي برادري سان تعلق رکندڙ پراڻيون رهائشي عمارتون به موجود رهيون آهن. اهي عمارتون ان دور جي ياد ڏيارين ٿيون جڏهن ڪراچي جي شهري آبادي مختلف مذهبي ۽ ثقافتي برادرين تي مشتمل هئي. هتي جي تعميرات ۾ قديم طرزِ تعمير ۽ جديد طرز جا ابتدائي اثر هڪ ئي وقت ڏسي سگهجن ٿا.

 ريگل چونڪ جي آچر بازار ۽ ڪتابن جو وڪرو

ريگل چونڪ جي هڪ ٻي سڃاڻپ ڪتابن جي بازار آهي. هتي آچر جي ڏينهن پراڻا ۽ نوان ڪتاب وڪڻندڙ دڪاندار گڏ ٿيندا  آهن. شاگرد، استاد، ڪتابن جا شوقين ماڻهو ۽ عام شهري هتان ڪتاب خريد ڪندا آهن. هن بازار ۾ مختلف موضوعن جا ڪتاب ڳولي سگهجن ٿا، جن ۾ ادب، ناول، شاعري، تاريخ ۽ تعليمي ڪتاب شامل  ھوندا آهن. ريگل چونڪ جي ڪتاب بازار کي ڪراچي جي علمي ۽ ادبي زندگي جي هڪ اهم روايت سمجھيو وڃي ٿو.

 اڄ ريگل چونڪ ڪراچي جي صدر علائقي جو هڪ مصروف تجارتي مرڪز آهي. هتي موبائل فون، اليڪٽرانڪس ۽ مختلف ٻين شين جا دڪان موجود آهن. گاڏين، بسن، رڪشائن ۽ پيادل هلندڙن جي مسلسل اچ وڃ ان کي ڪراچي جي مصروف ترين جڳهن ۾ شامل ڪري ٿي.

پر ان جي موجوده سڃاڻپ پويان هڪ  تاريخ آهي. جتي ڪڏهن سينيمائن جي رونق هئي، اتي اڄ جديد اليڪٽرانڪس جا دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز نمايان آهن. جتي ڪڏهن سياسي ڪارڪن پنهنجن مطالبن لاءِ گڏ ٿيندا هئا، اتي اڄ به هن علائقي جون تاريخي يادون موجود آهن. ريگل چونڪ جي اهميت ان ڪري به آهي جو اهو ڪراچي جي مختلف دورن جن ۾  برطانوي دور، ورهاڱي کان پوءِ واري زماني ۽ جديد ڪراچي ٽنهي جي تاريخ کي پاڻ ۾ ڳانڍاپو ظاھر ڪري ٿي ۔

____________

Latif Rawlani-TheAsiaN

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button