Editor's pickMain Slideڪالم

ڪنھن شينھن جيان ننڊ مان بيدار ٿيو، زنجيرن کي ماڪ ڦُڙن جيان اُڇلائي ڇڏيو

اڻويھين صديءَ جي انگريزي ادب جو مشھور شاعر پَرسي بِشِ شيلي کي عام طور ھڪ رومانوي شاعر ڪري پرھايو ويندو آھي، پر حقيقت ۾ ھُو هارين، پورھيتن ۽ عام ماڻھن لاءِ بغاوت جو وڏو پيغامبر هو. سندس انھيءَ باغي ادبي ڪردار کي درسي ڪتابن ۾ ڪڏھن بہ پيش نہ ڪيو ويو آھي. ھتي پَرسي بِشِ شيليءَ جي حياتي، سندس باغي خيالن ۽ سوچ، ۽ ڪجھ باغي نظمن جو جائزو پيش آھي.

نصير اعجاز

پَرسِي بِشِ شيلِي (Percy Bysshe Shelley)اڻويھين صديءَ جي انگريزي ادب جو مشهور رومانوي شاعر سمجھيو ويندو آھي پر حقيقت ۾ ھُو هارين، پورھيتن ۽ عام ماڻھن لاءِ بغاوت جو وڏو پيغامبر هو. سندس انھيءَ باغي ادبي ڪردار کي درسي ڪتابن ۾ ڪڏھن بہ پيش نہ ڪيو ويو آھي. ھتي مان پَرسي بِشِ شيليءَ جي حياتي، سندس باغي خيالن ۽ سوچ، ۽ ڪجھ اھڙن نظمن جو جائزو پيش ڪندس.

سندس ھڪ نظم ”دي ماسڪ آف انارڪي“گھڻو مشھور آھي جنھن ۾ ھُو بغاوت جو سڏ ڏيندي چئي ٿو:

Rise like Lions after slumber

In unvanquishable number—

Shake your chains to earth like dew

Which in sleep had fallen on you—

Ye are many—they are few.

”اٿو! ننڊ مان بيدار ٿيندڙ شينهن وانگر، زنجيرن کي ماڪ جي ڦُڙي وانگر جهٽڪي اڇلايو، توهان تمام گھڻا آهيو ۽ ھُو ٿورا آهن!“

دي ماسڪ آف انارڪي The Masque (Mask) of Anarchy هڪ ڊگھو سياسي نظم آهي، جنهن کي پرسي بِش شيلي  سال 1819۾ پيٽرلُو قتل عام (Peterloo Massacre) کان پوءِ لکيو هو. انھيءَ نظم ۾ ئي ھُو عدم تشدد جو سڏ ڏيندي چوي ٿو تہ ظلم خلاف ثابت قدم ٿي بيٺا رھو. غلاميءَ کان ڇوٽڪاري لاءِ اهو شايد عدم تشدد واري مزاحمت جي اصول جو پهريون  سڏ آهي، جنھن عالمي مزاحمتي ادب جي نئين تاريخ لکي.

پيٽرلُو قتل عام  انگلينڊ جي شهر مانچسٽر جي سينٽ پيٽرز فيلڊ ۾ 16 آگسٽ 1819ع تي پيش آيو جڏهن فوج لڳ ڀڳ 60,000 ماڻهن جي ميڙ تي حملو ڪيو، جيڪي پارلياماني نمائندگيءَ جي سڌاري جو مطالبو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. ان حملي ۾ اڻويھ ماڻهو مارجي ويا ۽ 400 کان 700 جي وچ ۾ زخمي ٿيا.

1815ع ۾ نپولين جون جنگيون ختم ٿيڻ کان پوءِ، انگلينڊ ۾ سخت معاشي بحران پيدا ٿيو ھو، جنهن ۾ بي روزگاري ۽ فصلن جي تباهي، ۽ ڪجھ ٻين سخت قانونن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي، جن روٽيءَ جا اگھه وڌائي ڇڏيا هئا. ان وقت، صرف 11 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ بالغ مردن کي ووٽ جو حق حاصل هو، جن مان تمام ٿورا صنعتي اتر انگلينڊ سان تعلق رکندا ھئا، جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو هو. باغي تحريڪ جي اڳواڻن  پارلياماني سڌاري کي ان مسئلي جو حل قرار ڏنو، ۽ پارليامينٽ کي سمورن مردن جي راءِ جي حق لاءِ درخواست ڏيڻ جي هڪ وڏي مهم 1817ع ۾ ھلائي ۽ ساڍا ست لک صحيحون حاصل ڪيون، پر هائوس آف ڪامنز ان کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو. جڏهن 1819ع جي شروعات ۾ ٻيو معاشي زوال آيو، ته باغي اڳواڻن حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ  لاءِ وڏن ميڙن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها تحريڪ خاص طور تي اتر-اولهه ۾ تمام گهڻي سگھاري هئي، جتي مانچسٽر پئٽرياٽڪ يونين (Manchester Patriotic Union) آگسٽ 1819ع ۾ هڪ وڏي جلسي جو بندوبست ڪيو، جنهن کي مشهور باغي اڳواڻ هينري هنٽ (Henry Hunt) خطاب ڪيو.

جلسو شروع ٿيڻ کان ٿورو پوءِ، مقامي مئجسٽريٽن فوج کي حڪم ڏنو ته اهي هنٽ ۽ پليٽ فارم تي موجود ٻين ماڻهن کي گرفتار ڪن. فوج ميڙ مٿان چڙھائي ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار مارجي ويا، ۽ هنٽ گرفتار ٿي ويو. مئجسٽريٽن ميڙ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ  وڌيڪ فوجي گهرايا، جن پنهنجون تلوارون ڪڍي حملو ڪيو، جنھن ۾ سترهن ماڻهو مارجي ۽ 400 کان 700 ماڻهو زخمي ٿيا. هن واقعي کي سڀ کان پهرين باغي اخبار مانچسٽر آبزرور واٽرلُو جي جنگ (Battle of Waterloo) سان ڀيٽيندي پيٽرلُو قتل عام جو نالو ڏنو.

شيلي هيءُ نظم 1819ع ۾ اٽليءَ ۾ رهندي، پيٽرلو قتل عام  جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ لکيو هو.هيءُ نظم شيلي جي حياتيءَ ۾ شايع نه ٿيو پر سندس وفات کانپوءِ 1832ع ۾ ڇپائيءَ لاءِ ظاھر ٿيو. شيلي اهو مسودو 1819ع ۾ دي ايگزامينر (The Examiner) ۾ ڇپائڻ لاءِ موڪليو هوپر ان کي شايع ٿيڻ کان روڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ايڊيٽر جو خيال هو ته عام ماڻهو ان سچائي ۽ خيرخواھيءَ واري جذبي سان انصاف ڪرڻ لاءِ سُجاڳ نه ٿيا آهن.

پرسي بِشِ شيلي عدم تشدد جو حامي ھو، پر سندس سياسي ويچار انتهاپسند هئا، جيڪي آزادي، تخيل ۽ انساني صلاحيتن بابت سندس رومانوي نظريات سان تمام گهرا جڙيل هئا. هُو شاعريءَ کي رڳو فن نه پر سماجي تبديليءَ جو هڪ طاقتور اوزار سمجهندو هو. شيلي 1812ع ۾ پنهنجي طور شائع ڪيل پمفليٽس ”اين ايڊريس ٽو دي آئرش پيپل“ ۽ ”پروپوزلز فار اين ايسوسيئيشن آف فلانٿراپسٽس“ ۾ سڀ کان پهرين عدم تشدد ۽ سول نافرمانيءَ جي پنهنجن تصورن کي واضح ڪيو هو.

شيلي ادارتي اختيارن جي هر صورت کي رد ڪيو. سندس ايمان هو ته حڪومتون، بادشاهتون ۽ منظم مذهب عوام تي ظلم ڪرڻ جا هاڃيڪار هٿيار آهن. آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ دوران کيس الحاد جي ضرورت (The Necessity of Atheism) نالي هڪ پمفليٽ لکڻ تي يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي. هن دليل ڏنو ته هڪ آمراڻي خدا تي يقين رکڻ، آمر بادشاهن جي طاقت کي مضبوط ڪري ٿو.

مهاتما گانڌي يا مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر کان گھڻو اڳ، شيلي وڏي پيماني تي پُرامن عدم تعاون جي حمايت ڪئي هئي. پنهنجي نظم “دي ماسڪ آف انارڪي ۾، هن احتجاج ڪندڙن تي زور ڀريو ته اهي رياست جي اخلاقي زوال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تشدد جي مقابلي ۾ پُرامن طور پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهن.

هُو اڀرندڙ سرمائيداري صنعتي نظام جو سخت مخالف هو، جنهن کي هُو غريبن جو استحصال ڪندڙ هڪ مشين سمجهندو هو. هن پورهيت طبقي جي حقن جي حمايت ڪئي ۽ دولت جي برابر ورڇ جي پرچار ڪئي.

پنهنجي سس، فيمينسٽ اڳواڻ ميري وولسٽونڪرافٽ (Mary Wollstonecraft) کان متاثر ٿي، شيلي شاديءَ جي روايتي قانونن کي رد ڪيو، ۽ انهن کي عورتن مٿان ظلم ۽ ملڪيت جي هڪ شڪل سمجهيو. هن قانوني يا مذهبي ٻنڌڻن بدران باهمي محبت جي بنياد تي آزاد محبت جي حمايت ڪئي.

پرسي بِشِ شيلي انگلنڊ جي علائقي سسڪس (Sussex) جو رهاڪو هو ۽ 1792ع ۾ هڪ سياسي خاندان ۾ پيدا ٿيو هو پر 1818ع ۾ پنهنجي وطن انگلينڊ کي هميشه لاءِ ڇڏي اٽليءَ هليو ويو. ان جي اٽليءَ وڃڻ جا ڪي سبب هئا. شيلي کي ڦڦڙن جي تڪليف هئي، ۽ ڊاڪٽرن کيس مشورو ڏنو هو ته هُو انگلينڊ جي سرد ۽ خشڪ موسم جي بجاءِ اٽليءَ جي گرم ۽ خوشگوار موسم ۾ رهي. هُو انگلينڊ ۾ سخت مالي بحران ۽ قرضن جي ڪري بہ پريشان هو، تنهنڪري مالي دٻاءُ کان بچڻ لاءِ هن ملڪ ڇڏڻ بهتر سمجهيو. شيلي جي انتهاپسند سياسي نظرين، الحاد جي پرچار، ۽ روايتي سماجي اصولن سان بغاوت جي ڪري برطانوي سماج ۾ سندس سخت مخالفت بہ ٿي رهي هئي. سندس پهرين گهر واريءَ خودڪشي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ هن ميري شيلي سان شادي ڪئي. هُو پنهنجي خاندان سان گڏ لنڊن جي تڪليف ڏيندڙ يادن ۽ سماجي طعنن کان پري هڪ پرامن زندگي گذارڻ چاهيندو هو.اٽليءَ ۾ ان وقت مشهور شاعر لارڊ بائرن (Lord Byron) پڻ رهندو هو، جنهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ اتي هڪ ادبي ماحول قائم ڪرڻ پڻ سندس مقصد هو. اٽليءَ ۾ رهڻ دوران ئي، جڏهن کيس مانچسٽر ۾ پيٽرلو قتل عام جي خبر پئي، ته هن اتي ئي پنهنجو تاريخي سياسي نظم دي ماسڪ آف انارڪي  لکيو.

ننڍي کنڊ ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ پرسي بشي شيلي کي ھڪ رومانوي انگريزي شاعر طور پڙھايو ويندو آھي. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي انگريزي نصاب ۾ پرسي بشي شيلي کي گهڻو ڪري صرف هڪ رومانوي، فطرت جي عاشق ۽ خيال پرست شاعر طور پيش ڪيو ويندو آهي. سندس باغي ۽ انقلابي سياسي نظرين کي نصاب ۾ يا ته مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا تمام گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي.

نصاب مان باغي نظرين کي خارج ڪرڻ جا سياسي ۽ تاريخي سبب آھن. اسان وٽ اڄ به جيڪو انگريزي ادب پڙهايو وڃي ٿو، ان جو وڏو حصو برطانوي بيٺڪي دور جي نصاب تان ورتل آهي. انگريز حڪومت ڪڏهن به نه چاهيندي هئي ته ننڍي کنڊ جا شاگرد شيلي جو اهو روپ پڙهن جيڪو ظلم، رياستي تشدد ۽ بادشاهت خلاف بغاوت جو درس ڏئي ٿو. تنهنڪري هنن رڳو سندس خوبصورت ۽ رومانوي نظريا نصاب ۾ شامل ڪيا.

اسان جي تعليمي نظام ۾ رومانويت جي معنيٰ رڳو فطرت، حسن، محبت ۽ گلن بلبلن جي ساراھ تائين محدود ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اصل ۾ رومانوي تحريڪ پاڻ فرينچ انقلاب کان متاثر هڪ وڏي سياسي ۽ سماجي بغاوت هئي، جنهن جو مقصد هر قسم جي ظلم خلاف آواز اٿارڻ هو.

پاڪستان ۾ عام طور تي تعليمي نصاب کي سياسي بحثن ۽ انقلابي خيالن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن شاگردن ۾ موجوده نظام يا اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪا بہ باغي سوچ پيدا نه ٿئي.

شيلي جا نظريا جهڙوڪ الحاد، مذهب ۽ رياست جي گڏجڻ جي مخالفت، ۽ سرمائيداري نظام تي سخت تنقيد، اسان جي سماجي ۽ سياسي ماحول لاءِ حساس سمجهيا ويندڙ موضوع آهن.

نصاب ۾ سندس رومانوي روپ ڏيکارڻ لاءِ To a Skylark ۽    Ode to the West Wind جھڙا نظم پڙھايا ويندا آھن جن ۾ فطرت جي خوبصورتي ۽ اُميد جو ذڪر آھي. کيس هڪ اهڙو خواب ڏسندڙ شاعر ڏيکاريو ويندو آهي جيڪو خيالن جي دنيا ۾ رهي ٿو.

سندس انقلابي روپ لڪائڻ لاءِ نصاب مان سندس جيڪي نظم غائب  آھن انھن ۾ دي ماسڪ آف انارڪي (The Mask of Anarchy)جھڙو نظم شامل آھي. سندس پمفليٽ ”دي نيسيسٽي آف اٿيزم (The Necessity of Atheism) بہ ذڪر جوڳو آھي جنهن جي ڪري کيس آڪسفورڊ مان ڪڍيو ويو. سندس ڪتاب ڪُئين ميب Queen Mab تہ مزدورن جي حقن جو بائيبل بڻيو.

شيلي کي سندس سياسي پسمنظر کان سواءِ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي شاعري ۽ تاريخ سان هڪ وڏي ناانصافي آهي. هُو رڳو خوابن جو شاعر نه پر عمل جو انسان هو، جنهن قلم کي هٿيار بڻائي پنهنجي وقت جي وڏي ۾ وڏي طاقت  برطانوي سلطنت کي للڪاريو.

پرسي بِشءِ شيلي جو نظم اوڊ ٽو دي ويسٽ وِنڊ (Ode to the West Wind) اسان جي نصابن ۾ رڳو سرءُ جي موسم، پن ڇڻ ۽ گجگوڙ ڪندڙ هوائن جي هڪ خوبصورت منظر طور پڙهايو ويندو آهي. پر جيڪڏهن اسان هن نظم جي پسمنظر ۽ ان جي لفظن جي سياسي معنيٰ کي ڏسنداسين، ته معلوم ٿيندو ته اھو رڳو هڪ فطرت جو نظم ناهي، پر برطانوي تاريخ جو هڪ انقلابي ۽ سياسي پڌرنامو آهي.

هيءُ نظم بہ شيلي 1819ع ۾ اٽليءَ ۾ ان وقت لکيو هو. هُو پنهنجي ملڪ ۾ سياسي تبديلي نه اچڻ جي ڪري سخت مايوس هو، ۽ ان مايوسيءَ مان ئي هي نظم پيدا ٿيو.

هن نظم جي سياسي ۽ باغيانه رخ جا اهم پهلو هي آهن:

مغربي هوا (West Wind) رڳو هوا ناهي، پر “انقلاب جي طاقت” آهي. نظم جي شروعات ۾ شيلي هوا کي تباهه ڪندڙ ۽ بچائيندڙ (Destroyer and Preserver) ڪوٺي ٿو. هُو چئي ٿو ته اها هوا پراڻن، سڙيل ۽ بيمار پنن کي وڻن مان ڇاڻي ڦٽو ڪري ٿي. هتي پراڻا پن اصل ۾ انگلينڊ جا ظالم، ڪرپٽ ۽ پوڙھا سياستدان ۽ بادشاهه آهن، جن کي انقلاب جي هوا اڇلائي ڦٽو ڪندي. پر اها هوا نوان ٻج پڻ پوکي ٿي، جيڪي مستقبل ۾ آزاديءَ جا گل بڻجي ٽڙندا. مردہ پن ۽ قبرون سياسي غلاميءَ جي نشاني آهن.

شيلي لکي ٿو ته هوا هلي ٿي ته پن ايئن ڀڄن ٿا، جهڙوڪ ڪو جادوگر جادو ڪري ۽ ڀوت ڀڄي وڃن. هُو ٻجن کي چئي ٿو ته اهي زمين اندر ايئن پيا آهن، جهڙوڪ پنهنجي قبرن ۾ لاش . هتي قبرن ۾ پيل لاش اصل ۾ انگلينڊ جا اهي مظلوم ۽ غريب عوام آهن، جيڪي حڪومت جي ظلم هيٺ دٻجي بيوس بڻجي چڪا آهن. شيلي اميد ٿو ڪري ته انقلاب جي هوا انهن مئل لاشن (عوام) ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيندي ۽ اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهندا.

شاعر پاڻ کي انقلاب جو گيت بنائڻ چاهي ٿو. نظم جي آخري حصي ۾ شيلي هوا کي چوي ٿو: “Make me thy lyre, even as the forest is” (مونکي جھنگ جيان پنهنجو ساز بنائي ڇڏ). ھُو ھوا کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته جيئن هوءَ جهنگ جي وڻن کي پنهنجو ساز بڻائي انهن مان مڌر آواز ڪڍندي آهي، تيئن ئي سندس دل کي به پنهنجو ساز بڻائي. هُو هوا کي عرض ڪري ٿو ته هوءَ سندس خيالن کي سڄي دنيا ۾ ايئن پکيڙي، جيئن هڪ وسامندڙ مچ مان چڻنگون ۽ رک اڏامي ويندي آهي. (Scatter, as from an unextinguished hearth / Ashes and sparks, my words among mankind!)

شيلي پنهنجي شاعريءَ کي رڳو تفريح جو ذريعو نٿو رکڻ چاهي. هو پنهنجي لفظن کي چڻنگون سڏي ٿو، جيڪي سڄي دنيا جي عوام جي دلين ۾ ظلم خلاف بغاوت جي باهه ٻاري سگهن. هُو چاهي ٿو ته سندس شاعري عوام کي جاڳائڻ جو هٿيار بڻجي.

نظم جي سڀ کان مشهور آخري سٽ آهي:

“If Winter comes, can spring be far behind?”

جيڪڏهن سيارو آيو آهي، ته ڇا بھار ڪو گهڻو پري ٿي سگهي ٿو؟

اسان کي پڙهايو ويندو آهي ته هيءُ هڪ عام اميد جو شعر آهي. پر سياسي پسمنظر ۾”سيارو“ جو مطلب آهي رياست جو ظلم، سياسي جمود ۽ ڪاري رات. جڏهن ته بھار جو مطلب آهي انقلاب، آزادي ۽ عوام جي حڪومت. شيلي پنهنجي هم وطنن کي تسلي ڏئي رهيو هو ته پيٽرلو قتل عام ۾ جيڪو رت وهايو ويو آهي، اهو ضايع نه ٿيندو؛ ظلم جي هيءَ سخت موسم جلد ختم ٿيندي ۽ آزاديءَ جي بهار جي مُند ضرور ايندي.

انھيءَ مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تہ جنهن نظم کي اسان جي نصاب ۾ رڳو “هوا جي گجگوڙ ۽ موسم جي تبديلي” چئي پڙهايو وڃي ٿو، اهو اصل ۾ برطانوي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي سياسي دٻاءَ واري دور ۾ لکيل هڪ انقلابي ترانو آهي.

پرسي بش شيلي، لارڊ بائرن (Lord Byron)، ۽ جان ڪيٽس (John Keats) انگريزي ادب ۾ رومانوي شاعريءَ جي ٻي پيڙھيءَ جا مکيه ٿنڀا آهن. اهي ٽئي همعصر هئا، پر سياست، سماج ۽ فن  بابت سندن نظرين ۾ وڏا اختلاف هئا. شيلي هڪ نظرياتي باغي هو. بائرن عملي جنگجو ھو. ڪيٽس حُسن جو پوڄاري هو.

اهي ٽئي پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي مختلف نظرين سان ڏسندا ھئا. پرسي بش شيلي سماج کي مڪمل تبديل ڪري برابري قائم ڪرڻ چاهيندو هو. هُو پرامن عوامي بغاوت جو حامي هو ته جيئن بادشاهت ۽ مذهب جي گرفت ختم ٿئي. بائرن عملي باغي، اسٽيبلشمينٽ جو سخت دشمن ۽ عملي جنگ تي يقين رکندو هو. هُو ايترو باغي هو جو يونان جي آزاديءَ جي جنگ ۾ عثماني سلطنت خلاف عملي طور وڙهندي فوت ٿيو. جان ڪيٽس حسن ۽ فن جو شاعر هو ۽ سياسي بحثن کان پري، انساني جذبن ۽ فطرت جي حُسن ۾ پناهه ڳوليندو هو. کيس لڳندو هو ته سياست انساني روح کي گندو ڪري ٿي.

پرسي بش شيلي جو فلسفو ھو تہ انسان کي مڪمل آزاد ۽ خود مختيار هجڻ گهرجي. بائرن جو چوڻ ھو تہ سماج منافق آهي، ان ڪري ان جي اصولن کي ٽوڙڻ گهرجي. جان ڪيٽس جو قول ھو تہ حسن ئي سچ آهي، سچ ئي حسن آهي.

لارڊ بائرن، شيلي جو تمام ويجهو دوست هو، پر سندس انداز شيلي کان مختلف هو. شيلي خيالن ۽ نظرياتي شاعريءَ ذريعي تبديلي چاهيندو هو، جڏھن تہ بائرن هڪ سرگرم، عملي ۽ ڪاوڙ سان ڀريل انسان هو.بائرن برطانوي پارليامينٽ ھائوس آف لارڊس جو ميمبر هو، پر هن اتي به غريب مزدورن جي حقن ۾ تقريرون ڪيون. هُو برطانوي سماج جي منافقت کان ايترو بيزار هو جو ملڪ ڇڏي هليو ويو. هُو صرف شاعريءَ تائين محدود نه رهيو، پر جڏهن يونان جي عوام عثماني سلطنت خلاف آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي، ته بائرن پنهنجو پئسو ۽ طاقت کڻي عملي طور جنگ جي ميدان ۾ لٿو ۽ اتي ئي بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو.

جان ڪيٽس انهن ٻنهي کان بلڪل مختلف هو. هو هڪ غريب خاندان مان هو ۽ کيس زندگي ۾ سخت ذاتي صدما (بيماري، غربت ۽ پيار ۾ ناڪامي) ڏسڻا پيا. ان ڪري سندس شاعريءَ جو رخ سياست جي بجاءِ جماليات ڏانهن وڌيڪ هو. ڪيٽس پنهنجي دور جي سياسي ظلمن ۽ پيٽرلو قتل عام کان واقف ۽ ڏکويل ضرور هو، پر سندس خيال هو ته سياست جي دنيا عارضي ۽ بدصورت آهي. ڪيٽس جي بغاوت اها هئي ته هن سرمائيدارانه ۽ صنعتي دور جي بدصورتي ۽ مشينن واري زندگيءَ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي قديم يوناني فن، گلن، محبت ۽ حسن جي هڪ اهڙي دائمي دنيا تخليق ڪئي، جتي دنيا جو ڪو به ظالم حڪمران پهچي نٿي سگهيو. تنهنڪري، اسان جي نصابن ۾ ڪيٽس کي پڙهائڻ سولو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ مان حڪومتن کي ڪو سياسي خطرو محسوس ناهي ٿيندو.

ننڍي کنڊ جي نصابن ۾ شيلي ۽ بائرن جي سياسي خيالن کي دٻائي، رڳو ڪيٽس جي حسن واري فلسفي کي رومانوي تحريڪ تي مڙهيو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته شيلي ۽ بائرن پنهنجي دور جا سڀ کان وڏا سياسي هيرو هئا، جن قلم ۽ تلوار ٻنهي سان برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي لوڏي ڇڏيو هو.

ان دور جي پهرين نسل جي رومانوي شاعرن، جهڙوڪ ورڊزورٿ (Wordsworth) شروع ۾ فرينچ انقلاب جي حمايت ڪئي پر پوءِ اهي پنهنجي نظرين تان ڦري ويا، جنهن ڪري شيلي انهن کان سخت نفرت ڪندو هو.

رومانوي شاعرن جي پهرين پيڙھي جنهن ۾ وليم ورڊزورٿ (William Wordsworth) ۽ سيموئل ٽيلر ڪولرج (Samuel Taylor Coleridge) شامل هئا، ۽ ٻي پيڙھيءَ جي شاعر (خاص ڪري شيلي) جي وچ ۾ نظرياتي اختلاف انگريزي ادب جي تاريخ جو هڪ تمام دلچسپ ۽ تلخ باب آهي.

شيلي ورڊزورٿ کي پنهنجو استاد ۽ روحاني رهبر سمجهندو هو، پر جڏهن ورڊزورٿ پنهنجا انقلابي نظريا ڇڏي برطانوي اسٽيبلشمينٽ جو حصو بڻيو، ته شيليءَ کي سخت صدمو پهتو ۽ هو کيس “سياسي غدار” سمجهڻ لڳو. 1789ع ۾ جڏهن فرينچ انقلاب آيو، جنهن جو نعرو “آزادي، برابري ۽ ڀائيچارو” هو، ته نوجوان ورڊزورٿ ۽ ڪولرج ان مان بيحد متاثر ٿيا. ورڊزورٿ ان وقت فرانس جو سفر به ڪيو ۽ پنهنجي مشهور سٽ لکيائين:

“Bliss was it in that dawn to be alive, but to be young was very heaven!”

(ان انقلاب جي پرهه ڦٽيءَ جو حصو هجڻ هڪ نعمت هئي، پر ان دور ۾ نوجوان هجڻ ڄڻ جنت ۾ هجڻ برابر هو!)

شروعات ۾ اهي ٻئي شاعر بادشاهت جي خلاف هئا ۽ عوامي راڄ جا حامي هئا.

وقت گذرڻ سان گڏ، فرانس ۾ انقلاب کٽڻ کانپوءِ خوف جو دور شروع ٿيو، هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا، ۽ نيپولين بوناپارٽ پاڻ کي ڊڪٽيٽر بڻائي ڇڏيو. اھو سڀ ڪجھ ڏسي ورڊزورٿ ۽ ڪولرج سخت مايوس ٿيا. هُو نہ رڳو انقلاب کان  پاسيرا ٿي ويا پر اهي مڪمل طور تي پنهنجي نظرين تان ڦري ويا. ورڊزورٿ برطانوي حڪومت جو وفادار بڻجي ويو. کيس سرڪاري نوڪري ڏني وئي. جيڪو ورڊزورٿ اڳي عوام جي آزاديءَ جا گيت ڳائيندو هو، اهو هاڻي برطانوي بادشاهت، چرچ ۽ پراڻي قدامت پسند نظام جو محافظ بڻجي ويو. 1843ع ۾ کيس سرڪاري طور تي ملڪ جو وڏو شاعر يعني Poet Laureate پڻ بڻايو ويو.

جڏهن شيلي ۽ لارڊ بائرن جو نسل جوان ٿيو، تنهن وقت برطانوي حڪومت پنهنجي عوام تي سخت ظلم ڪري رهي هئي (جيئن پيٽرلو قتل عام). شيلي ڏٺو ته سندس پسنديده شاعر، ورڊزورٿ، ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي بجاءِ ظالم حڪومت کان پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيو آهي. شيليءَ ورڊزورٿ جي انھيءَ تباھيءَ تي هڪ مشهور سانيٽ  لکيو، جنهن جو عنوان هوTo Wordsworth ان ۾ هو لکي ٿو:

“In honored poverty thy voice did weave Songs consecrate to truth and liberty, — deserting these, thou leavest me to grieve, thus having been, that thou shouldst cease to be.”

(تون جڏهن غريب هئين، ته تنهنجي آواز سچ ۽ آزاديءَ جا گيت اڻيا هئا… پر انهن کي ڇڏي تون مونکي ڏک ۾ وجهي ويو آهين. افسوس ته تون اڳي جيڪو هئين، هاڻي اهو نه رهيو آهين.)

شيلي جو خيال هو ته ورڊزورٿ پنهنجو روح ۽ پنهنجو فن برطانوي اشرافيه کي وڪڻي ڇڏيو آهي. بائرن پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ورڊزورٿ ۽ ڪولرج تي سخت چٿرون ڪيون.

هن سياسي ڦيري جو اثر ٻنهي پيڙھين جي شاعريءَ تي واضح نظر اچي ٿو.

ورڊزورٿ سياست کان پري ڀڄي رڳو فطرت جي خاموشي، مذهب، ۽ روحانيت ۾ پناهه ڳولڻ لڳو. سندس پوئين دور جي شاعريءَ ۾ اهو باغي جوش ختم ٿي چڪو هو. شيلي اهو عزم ڪيو ته هُو ورڊزورٿ وانگر ڪڏهن به حڪومت اڳيان نه جهڪندو. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ فطرت رڳو پرامن ناهي ، پر هڪ متحرڪ، گجگوڙ ڪندڙ ۽ انقلابي طاقت آهي. اسان جي نصاب ۾ جڏهن ورڊزورٿ ۽ شيلي کي گڏ پڙهايو ويندو آهي، ته اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته اهي ٻئي هڪ ئي رستي جا مسافر هئا. پر حقيقت ۾، شيلي، ورڊزورٿ کي پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو سياسي منافق ۽ غدار سمجهندو هو.

___________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button