Editor's pickMain Slideڪالم

سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ ترجمن جي اھميت ۽ مٿن ھٿرادو ڏاھپ جا مثبت ۽ منفي اثر

ترجمي توڙي تحقيقي حوالي سان آرٽيفيشل انٽليجنس جا منفي خطرا لکڻين ۾ ھر وقت موجود رھن ٿا. جيتوڻيڪ آرٽيفيشل انٽليجنس جا فائدا اهم آهن، پر جيڪڏهن ان کي بنا ڪنھن جاچ جي استعمال ڪيو ويندو ته، ڪنھن به ٻوليءَ کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

حميد منگي

ادب ڇاھي، ڇاکي چئبو آھي، اچو ته اڳ ۾ ان ڳالھه جي ڳجھارت کي ڀڃون. اصل ۾ انساني ڪٽنبن، نسلن، ٻولين، مختلف ملڪن ۽ تهذيبن ۾ پيدا ٿيل سياڻن ۽ سيبتن ماڻھن جي ڪيل عملي ڪمن جي موٽ ۾ حاصل ڪيل تجربن، عقلي ۽ علمي بنيادن تي گڏ ڪيل يا لکيل مواد واري خزاني کي، ادب ڪوٺي سگھجي ٿو. جنهن ۾ انساني زندگين جي اھنجن، خوشين، خوابن، خيالن، احساسن، جدوجهدن، سماجي حالتن، محبتن، نفرتن، امن ۽ آزاديءَ جي خواهشن جو اظهار ٿيندو رھيو آهي. ادب رڳو شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڊرامن توڙي فلمن جي مڪالمن جو نالو ناهي، پر اهو گڏيل انساني يادگيرين، تاريخي تجربن، فڪري ارتقائن جو به اهم ذريعو آهي. دنيا جا ڪجهه ڏاھا، ان کي انسان جي شعور جو آئينو به چون ٿا، ڇاڪاڻ ته انسان مختلف زمانن ۾ فطرت، پنهنجن توڙي پراون وجودن، سماجن، اقتدارن، انصافن، ماضي، حال ۽ مستقبل بابت جيڪي سوال اٿاريا، تن جا آثار به ملن ٿا. شروعاتي دورن جي ادبي داستانن ۾ سماجي روايتن، تضادن ۽ انساني ڪردارن کي پيش ڪيو ويو. اڳتي ھلي، اھڙين لکڻين ۾ زندگيءَ جي مقصدن بابت به ڪيئي سوال اٿاريا ويا.

دنيا جون تاريخون اھو به ٻڌائن ٿيون، وقت به وقت مختلف طبقن، ملڪن ۽ علائقن جي ماڻھن وچ ۾ جڏھن اختلاف وڌيا ۽ تڪرارن جي شڪل اختيار ڪئي، تڏھن انقلابي ادب به تخليق ٿيا، انھن مان جيڪي اثرائتا ادب ھئا ۽ اھي خطي جي ماڻھن جي جدوجھدن سان ٺهڪي پيا، تڏھن انھن ظلمن، استحصالن ۽ غلامين خلاف آواز اٿاريو، نتيجي ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن آزاديون ماڻيون. تاريخ ان ڳالھه جي به شاھدي ڏئي ٿي تہ دنيا جا اڪثر نسل اڃا به غلامين جي ڌٻڻين ۾ ڦاٿل آھن، جيتوڻيڪ اھي پنھنجي آزاديءَ لاءِ اڃان به ھٿ پير هڻي رھيا ۽ جدوجھدون ڪري رھيا آھن، پر کين ڪاميابيون ناھن ملي سگھيون. انھيءَ حوالي سان اھو ضروري به ناھي ته، اتان جي ادب ۾ کوٽون، خاميون ھونديون پر اتان جي سياسي قيادتن ۽ انھن جي حڪمت عملين جي ڦودني ۾ ڦير يا فرق به ٿي سگھن ٿا. ڇو ته انقلاب رڳو ۽ رڳو ادب جا محتاج ناهن ھوندا، ان لاءِ قومن جون ڪوششون به اھميت رکنديون آھن.

ادب کي سياسي طور پروڙڻ کانپوءِ پاڻکي اھا به ڄاڻ ملي ٿي ته ادب رڳو دنيا جي سياسي تبديلين ۾ پنھنجو حصو پتي ناھي ڳنڍيو، پر مختلف وقتن تي ان جو تعلق سماجي تبديلين سان به رھيو آھي. ادبي تاريخون پڙھڻ سان هڪ اهم سوال اهو به اٿي ٿو ته، ادب سماج کي ڪيترو تبديل ڪري سگهي ٿو. ھتي ادب جو به اھو ساڳيو انقلابي قانون لاڳو ٿئي ٿو، جيئن ادب انقلاب جو اڪيلو سبب ناهي ھوندو، تيئن سندس سماج لاءِ به اهو صرف ۽ صرف ماڻهن جي احساسن، سوچن ۽ اخلاقي ڪردارن تي اثر وجهي ٿو، ان کان وڌيڪ ھو ڪو به ڪردار ادا نٿو ڪري. ھا البته ڪڏهن ڪڏھن ادب سماج ۾ موجود اڳ ئي پيدا ٿيل تبديليءَ جو اظهار ضرور ڪندو آهي، ڪڏهن وري اوسي پاسي جي نئين صورتحال موجب نڪور خيالن کي اڳتي آڻيندو آهي. پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته، هر ادبي لکڻي ترقي پسند يا انسان دوست ناهي هوندي.

اصل ۾ ادب کي، اڄوڪي تاريخ تائين، ڪٿي فرد جي اڪيلائي، ان جي ذهني پيچيدگين ۾ ڦاٿل ڏٺو ويو آھي، ڪڏھن ٻن ٽن ماڻھن يا ڪٽنبن جي نفرتن ۽ محبتن جو محور بڻايو ويو آھي، ڪڏھن ڪڏھن طاقتور حڪمرانن جي ساراهن مان به ھو نڪري ناھي سگھيو، ڪٿي ذات پرستي، قومپرستي، نسل پرستي يا ٻين گروهن خلاف نفرتن لاءِ به استعمال ڪيو ويو آھي. تنهن ڪري ادب جو جائزو ان جي فني معيار سان گڏ تاريخي پس منظر، ان جي دليلن ۽ انساني اثرن جي بنياد تي وٺڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح ادب کي سمجهڻ معني حقيقت ۾ انسان جي ذهني، اخلاقي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ کي سمجهڻ جي به هڪ راهه آهي. ھتي اھو به لکڻ ضروري ٿي پوي ٿو ته، جيئن جيئن انسان ترقي ڪري پيو، تيئن تيئن مختلف وقتن تي ادبي ليکڪ به پنھنجا رويا ۽ زاويا تبديل ڪندا رھيا آھن، پڻ انھيءَ سان لاڳاپيل تفريحون، تعريفون، تنقيدون به تبديل ٿينديون رھيون آھن.

سنڌي ادب ۽ ان جي تاريخ به عالمي ادب جي وسيع مطالعي جو هڪ اهم حصو رھيو آهي. ڪو وقت ھئو جو سنڌي ٻوليءَ ۾ سگھڙن جو وڏو ڪردار ھئو، جن جا ذھن سالن کان ياد ڪيل لوڪ داستان، ڏاھپ جا ڏس، سينگار، شاعريون ۽ صوفياڻن رمزن سان ٽمٽار ھوندا ھئا ۽ ڪن خاص موقعن تي انھن جي زباني ادائيگين ۽ روايتن جا ورجاءَ به وڏي اھميت وارا ھئا. ھاڻي به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان محبتن، جدوجهدن، وفادارين، انساني همٿن جا فطرتي ۽ روحاني موضوع ڳولھيا وڃن ٿا. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪردار انساني تجربن جي علامت به بڻجن ٿا. اھڙيءَ ريت سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ موجود عشق، خودشناسي، روحاني آزادي ۽ روايتي فڪري حدن کان اڳتي وڌڻ جي موضوعن تي بحث ٿين ٿا.

سنڌ جا ڪيترائي ليکڪ غربتن، جاگيرداري جبرن، طبقاتي اڻ برابرين، عورتن جي مسئلن، قومي سڃاڻپن، آزادين ۽ انساني حقن جهڙن موضوعن تي لکي چڪا آهن. ھن جديد دور ۾ به انھيءَ موضوع تي ناول، افسانا، ڪهاڻيون، شاعريون لکجي رھيون آھن ۽ تنقيدي ۽ ترقي پسند لکڻين جي صورت ۾ سنڌ جي سماجي، سياسي، انقلابي، تاريخي ۽ فڪري ليکن جا ڪيئي مثبت پهلو موجود آهن. بھرحال اڳ به ۽ ھاڻي به سنڌي ليکڪ پنھنجا خيال پنهنجي پنهنجي فني اندازن ۾ پيش ڪندا رھيا آھن ۽ ڪري به رھيا آهن پر، نه ته ماضيءَ ۾ نه ئي حال جي حالتن ۾ ڪو وڏو ڦيرو اچي سگھيو آھي. جڏھن ته ان جا سبب جاچڻ جي به سخت ضرورت آھي ته، اسان جو ادب ماڻھن جي معيار تي پورو ڇو نه ٿو لھي.

ھاڻي پاڻ اچون ٿا، سنڌي ادب عالمي ليول تي ڪيتري جاءِ والاري آھي يا سنڌ جي اوسي پاسي وارين ٻولين ۾ ڪٿي بيٺل نظر اچي ٿو. ان حوالي سان جيڪڏھن ايمانداراڻو تجزيو ڪبو ته ڪو وقت ھئو، جڏھن دنيا جا ڏاھا، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ نه رڳو پري پري کان سنڌ ۾ ايندا ھئا پر، ان سان گڏ سنڌي سکي پوءِ ريسرچ ڪندا ھئا ۽ پنھنجين ٻولين ۾ ان جي شاعريءَ کي ترجمو به ڪندا ھئا، ايئن ئي ھاڻي شيخ اياز جي قلمي پورهئي تي، ڪجهه اردو دان ڪم ڪري رھيا آھن، شايد ان جي لکڻين تي انگريزيءَ ۾ به ڪجهه ڪم ٿي رھيو آھي، ان جي مون کي ڪا وڌيڪ ڄاڻ ناھي. اھڙيءَ طرح سنڌ جي ڪجھه اديبن ۽ سنڌي مترجمن پنھنجي پر ۾ پوريون ڪوششون ڪري پرڏيھي ادب جي لکڻين جا ترجما ڪري، انھن کي سنڌي ويس پارايو آھي. ھاڻي به ڪجهه اديب ان ڏس ۾ ڪم ڪري رھيا آھن پر، اھو عمل جنھن رفتار سان ٿي رھيو آھي، اھا رفتار تمام سست ۽ مخصوص موضوعن بابت رھي آھي. بھرحال عالمي ادب کي سنڌي ويس ۽ سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمن کي عالمي ادب سان ڳنڍڻ لاءِ ترجمو انتهائي اهم ڪم ضرور آهي.

ھتي ھڪ افسوسناڪ پهلوءَ جي نشاندھي ڪرڻ به ضروري آھي ته، شاهه لطيف تي ٻين ٻولين وارن ڪم ڪري ثابت ڪيو ته ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سواءِ شيخ اياز جي اسان جا اڪثر وڏا وڏا سنڌي اديب انھيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائي نه سگھيا آھن. جن سنڌي اديبن پنھنجي ليکي ڀٽائيءَ سميت ٻين اديبن جي پورھين تي ريسرچ ڪئي، اھا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي دنيا جي مارڪيٽن ۾ پھچڻ گھربي ھئي، جيڪا نه ٿي سگھي. جڏھن ته ان سان گڏ سچل سرمست، سامي ۽ ٻين جديد سنڌي اديبن جي چونڊيل تخليقن جا معياري ترجما به ٻين ٻولين ۾ پهچن ھا ته عالمي ادب پڙهندڙ سنڌ جي فڪر، ثقافت ۽ ادبي تجربن کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان سمجهي سگهن ھا. ان سان اسان جو ادب به ڪي قدر دنيا ۾ مناسب سڃاڻپ قائم ڪري چڪو ھجي ھا، پر اسان جي باشعور طبقي سان گڏ، سنڌي اديب به جيئي جيئي جا نعرا هڻندي، جيئري دفن ٿي ويا. ھتي ڪھڙن جا نالا لکي، ڪنھن جا لکجن.

ترجمي نگاريءَ مان مراد هڪ ٻوليءَ ۾ لکيل خيالن، علمن، احساسن ۽ تجربن کي ٻي ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ طرح منتقل ڪرڻ آهي، جو انھيءَ لکڻيءَ جو مطلب، روح ۽ مقصد ممڪن حد تائين برقرار رهي. ترجمو رڳو لفظن کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ بدلائڻ جو نالو ناهي، پر اهو ٻن ٻولين، ثقافتن، سماجن ۽ فڪري روايتن جي وچ ۾ هڪ پُل به آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن انگريزي ڪتاب ۾ انسانيت، جمهوريت يا سائنس بابت اهم خيال بيان ٿيل آهن، ته انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان سنڌي پڙهندڙ به انھيءَ علم مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ترجمي نگاريءَ جون ٻه اهم صورتون آهن، ھڪ انجو لفظي ترجمو، جنھن سان اھا ٻوليءَ پنھنجي اصل لفظن ۽ جملن جي بناوت کي ممڪن حد تائين برقرار رکي. ٻيو ان جو مفهومي ترجمو جنھن سان ان جي اصل لکڻي پنھنجي مفهوم، احساس، فني خوبصورتي ۽ مقصد سان برقرار رھي. ادبي ترجمي ۾ ٻئي صورتون اهم ھونديون آهن، پر شاعري، افسانن، ناولن ۽ فلسفي جي ترجمي ۾ صرف لفظن جي درست لفظن جي معني ڪافي ناھي هوندي، اتي ليکڪ جي فڪر ۽ اظهار جي روح کي به سمجهڻ ضروري هجي ٿو.

جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ اھڙا دور ايندا رھيا آھن، جنھن سان ان جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ٿيو آھي پر، ڪڏھن ڪڏھن اھڙي به ماٺار ڇائنجي ويندي آھي، ڄڻ ته سنڌي ادب پنھنجا آخري پساهه کڻي رھيو ھجي. جيئن موجوده وقت ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ اچڻ سان چڱيون ڀليون لکڻيون رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ٿيندي محسوس ٿي رھيون آھن. بھرحال ڏور توڙي ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ ترجمي جو اهم ڪردار نظر آيو آهي. جڏھن ته مختلف زمانن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رابطو به عربي، فارسي، سنسڪرت، اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين سان رهيو آهي. انهن رابطن ذريعي سنڌي ادب ۾ نوان موضوع، اصطلاح، فڪر لاڙا ۽ ادبي صنفون داخل ٿيون. سنڌيءَ ادب ۾ روحاني، اخلاقي ۽ فڪري موضوعن جي منتقليءَ سان ماڻهن کي ٻين ٻولين ۾ موجود خيالن تائين رسائي ملي. ترجمي ۽ تشريح جي روايت علم کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.

ٻيو ھن جديد دور ۾ انگريزي توڙي ٻين ٻولين مان فلسفي، سائنس، سياست، سماجيات، معاشيات ۽ عالمي ادب جا خيال سنڌيءَ ۾ منتقل ٿيڻ لڳا آھن. ان سان سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي مختلف فڪري تحريڪن ۽ علمي بحثن جا دروازا کليا. ٽيون ترجمي ذريعي نثر جي مختلف صورتن، جهڙوڪ ناول، افسانو، مضمون، تنقيد ۽ سوانح عمريءَ کي هٿي ملي. انهن صنفن جي ترقيءَ ۾ سنڌي ليکڪن جي پنهنجي تخليقي محنت، سماجي حالتن ۽ تعليمي ادارن جو پڻ وڏو حصو رهيو آهي پر سرڪاري ادارن جي سھڪار نه ھجڻ برابر رھي. ترجمي نگاريءَ جو بنيادي فائدو اھو به آھي ته، ترجمو هڪ ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي علمي توڙي ادبي سرمائي سان ڳنڍيندو آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ دنيا جي جديد سائنس، فلسفي، تاريخ، ادب جو معياري ترجمو وڌندو ته، سنڌي پڙهندڙن کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ٻولين تي ڀاڙڻو نه پوندو.

موجوده دور ۾ مصنوعي ذهانت وڏي اوج تي بيٺل نظر اچي پئي ۽ اھا ترجمي جي دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديليون به آڻي رهي آهي. اڳتي هلي سنڌي ادب جي ترجمي، تحقيق ۽ اشاعت ۾ انجو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي سگهي ٿو. ترجمي جي حوالي سان اڳ ۾ هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ لاءِ ترجمو ڪندڙ کي مهينا بلڪ ڪڏهن ڪڏھن ته سال به لڳي ويندا هئا. هاڻي آرٽيفيشل انٽليجنس جي مدد سان ڊگهي لکڻيءَ جو ابتدائي ترجمو ٿوري وقت ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو. ان جو ھرگز مطلب اهو ناهي ته، هر ڪتاب جو درست ۽ مڪمل ترجمو، چند گھڙين ۾ ٿي ويندو، پر شروعاتي مسودي جي تياريءَ ۾ وقت ۽ محنت ضرور بچي سگهي ٿي. جڏھن ته دنيا جي علم تائين سنڌي ماڻهن جي رسائي به جلد ٿي سگهي ٿي. دنيا ۾ سائنس، فلسفي، طب، ماحوليات، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي علمن بابت روزانو وڏي مقدار ۾ مواد شايع ٿئي ٿو. ان مان گهڻو مواد سنڌي پڙهندڙن جي پهچ کان ٻاهر رهي ٿو. آرٽيفيشل انٽليجنس جي مدد سان اهڙي مواد کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ آسان ٿي سگهي ٿو. مثال طور، ڪو شاگرد ڪائنات، ارتقا، معاشيات يا انساني حقن بابت انگريزي مضمون پڙهڻ چاهي ٿو، پر کيس انگريزيءَ يا ٻي ٻولي ۾ کيس ڏکيائي ٿئي ٿي ته آرٽيفيشل انٽليجنس ان مضمون کي سمجهڻ يا سنڌيءَ ۾ ان جو ابتدائي ترجمو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.

جڏھن ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ننڍين ٻولين لاءِ نوان موقعا به کڻي آيو آهي، خاص ڪري سنڌيءَ جهڙين ننڍين ننڍين ٻولين لاءِ هڪ وڏو مسئلو معياري ڊجيٽل مواد، لغتن، فني اصطلاحن ۽ تربيت يافته ترجمي جي محدود دستيابي آهي. پر آرٽيفيشل انٽليجنس جي مدد سان سنڌي، انگريزي يا ٻين ٻولين جي ترجمي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحن جون نيون لغتون تيار ڪري سگهجن ٿيون. جڏھن ته سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو. سنڌيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي عالمي پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي ٿو. پر اهو ڪم تڏهن وڌيڪ ڪامياب ٿيندو، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ رکندڙ ماهر به انھيءَ عمل ۾ شامل هوندا.

آرٽيفيشل انٽليجنس ترجمو ڪندڙ کي ڪنهن ڏکئي لفظ، محاوري يا جملي جا متبادل ڏئي سگهي ٿي. مثال طور، جيڪڏهن انگريزي يا ڪنھن ٻي ٻوليءَ جي لفظ جو سنڌيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ مطلب هجي، ته آرٽيفيشل انٽليجنس مختلف معنائن ۽ استعمالن بابت وضاحت ڪري سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح ترجمو  ڪندڙ ڪنهن به جملي کي وڌيڪ آسان، سادو ادبي انداز ۾ لکڻ لاءِ به ان کان تجويزون حاصل ڪري سگهي ٿو. بهرحال، پوءِ به ادبي انداز جي چونڊ ۽ آخري فيصلو ترجمو ڪندڙ جي ذميواري ئي رهندو. ٻيو ته آرٽيفيشل انٽليجنس تحقيقن ۽ حوالن کي هيٺين ڪمن ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي جنھن ۾ ڏکين تصورن جون تشريحون، فني اصطلاحن جون معنائون اچي وڃن ٿيون. جڏھن ته ڪتاب جي بابن ۽ موضوعن جي ترتيب ۾ به  مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. ھتي اھو به ياد رکڻ گھرجي ته آرٽيفيشل انٽليجنس، غلط معلومات يا غير موجود حوالا به ٻڌائي سگهي ٿي.

اھا ڳالھه به ياد رکڻ گھرجي ته، ترجمي توڙي تحقيقي حوالي سان آرٽيفيشل انٽليجنس جا منفي خطرا لکڻين ۾ ھر وقت موجود رھن ٿا. جيتوڻيڪ آرٽيفيشل انٽليجنس جا فائدا اهم آهن، پر جيڪڏهن ان کي بنا ڪنھن جاچ جي استعمال ڪيو ويندو ته، ڪنھن به ٻوليءَ کي نقصان پهچي سگهي ٿو. جيئن ته ھر ٻوليءَ ۾ علائقائي لهجا، محاورا، ثقافتي اصطلاح وڏي اهميت رکندڙ ھوندا آھن. جيڪڏهن آرٽيفيشل انٽليجنس انهن کي درست نموني نه سمجهي، ته تحقيقن ۽ ترجمن ۾ اهڙا جملا اچي سگهن ٿا جيڪي ساڳي ٻوليءَ جا ته هجن، پر فطري بلڪل به نه لڳن. اهڙين تحقيقن ء ترجمن ۾ ھڪڙين ٻولين ۾ ٻين ٻولين جي جملن جي بناوٽ جو اثر وڌي ٿو ۽ ڌاريا لفظ استعمال ٿين ٿا، جنھن سان ڪنھن به ٻوليءَ جي پنهنجي ادبي سڃاڻپ ڪمزور ٿي سگھي ٿي.

______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم ميمبر آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ م رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button