سرمائيداري نظام ۽ طبقاتي اڻبرابري: انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ معاشي انصاف لازمي آهي
معاشيات رڳو پئسي ڪمائڻ جو نالو ناهي، پر انساني ضرورتن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، ۽ تاريخي طبقاتي جدوجهد کي سمجهڻ جو بنيادي علم آهي. قديم شڪاري دور کان وٺي جديد صنعتي توڙي سياسي نظامن تائين، انسان ذات جي فلاح لاءِ معاشي انصاف جو قيام لازمي آهي.

مارڪس جي معاشيات کي سمجهڻ لاءِ، سڀ کان اڳ سندس اھو بنيادي سوال سمجهڻ گهرجي ته جڏهن دولت مزدورن جي محنت سان پيدا ٿئي ٿي، ته ان جو وڏو حصو سرمائيدارن وٽ ڇو ٿو گڏ ٿئي، جڏهن ته پيداوار جي تياريءَ ۾ اھم ڌر يعني “مزدور” معاشي تڪليفن ۾ زندگي گذارين ٿا.
حميد منگي
موجوده دور ۾ معاشيات زندگيء جو اھم شعبو ٿي پيو آھي ۽ ڪنھن به انساني ڪاميابيءَ توڙي ناڪاميءَ جو دارومدار به ان سان ڳنڍجي چڪو آھي، ان ڪري ان کي سمجهڻ ۽ ان جي مدد سان زندگي گذارڻ ھر ماڻھوءَ لاءِ ضرورت ٿيندو پيو وڃي. اسان کي گھرجي ته، معاشيات جي علم توڙي عملي ذريعن مان فائدا وٺي، حياتيءَ کي آسان بڻائڻ سان گڏ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ ھلون. ان ۾ ئي پنھنجي ۽ سموري انسانذات جي ڀلائي آھي.
انھيءَ سلسلي ۾ پاڻ لاءِ سڀ کان پھريان اهو سمجهڻ ضروري ھوندو ته، انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت پوي ٿي، شيون ڪيئن پيدا ٿين ٿيون، اھي ڪٿان ڪٿان ٿينديون مارڪيٽن ۾ پهچن ٿيون، مختلف ملڪن جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ انهن جي ورهاست ڪيئن ٿئي ٿي. انهن ۽ اھڙن ئي ٻين سوالن جي مطالعي کي معاشيات سڏجي ٿو. معاشيات اهڙو علم آهي، جيڪو انسان جي پيداواري، فني، مالي ۽ واپاري سرگرمين سان گڏ ڪمن، ڌنڌن ذريعي وسيلن جي حاصلات، استعمال ۽ ورهاست سان به تعلق رکي ٿو. مثال طور تي انسان کي عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ کاڌخوراڪ، لٽي ڪپڙي، گهر گھاٽ، تعليم، علاج، فني سکيا ۽ ٻين ڪيترين ئي سهوليتن جي ضرورت پوي ٿي. اهي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ انسان کي وسيلن يعني پاڻي، ٻج، زمينن، مشينن، اوزارن، ڌنڌن، انساني محنتن، پئسن ۽ وقت جي ضرورت پوي ٿي. پر انهن سمورن وسيلن جي هڪ حد ھجي ٿي، جڏھن ته انسان جون ضرورتون ۽ خواھشون ھر دور ۾ وسيلن کان گھڻو وڌيڪ رھيون آهن.
معاشيات جو بنيادي سوال اهو آهي ته، اھڙو ڇا ڪجي، ڪيترو ڪجي يا ڪيئن ڪجي جو زندگيءَ جو گاڏو آرام سان ھلندو رھي، گھر به قائم رھي، ٻار پلجندا ۽ پڙھندا به رھن، علاج جون سھوليتون به ملنديون رھن ۽ ڪمايل دولت يا پيدا ڪيل وسيلا ڪھڙي نموني خرچ ڪجن، جو ڀلي ڪو وڏو مسئلو به پيدا ٿئي ته، آسانيءَ سان حل ٿي وڃي. اهڙا سوال رڳو ڪمن ۽ ڌنڌن سان لاڳاپيل ماڻھن، واپارين يا حڪومتن لاءِ نه، پر سماج جي ھر ماڻھو لاءِ اهم ھوندا آهن. فرض ڪيو هڪ ڳوٺ ۾ 100 خاندان رهن ٿا. ڳوٺ وارن وٽ زرعي زمين، ٻج، پاڻي ۽ ھاري ته موجود هجن پر، آدمشماريءَ جي ڀيٽ ۾ اپت محدود هجي ته، اهڙي موقعي تي ڳوٺ وارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪيتري زمين تي اناج پوکجن؟ ڪيتري زمين تي ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل اپائجن؟ پاڻيءَ جي ورڇ به آبادگارن کي برابر ٿئي، فصلن ۽ اناجن جي آمدنيءَ مان آبادگارن، ھارين ۽ واپارين کي ڪيترو ڪيترو حصو ملي؟
جيڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن گھر ۽ خاندان وٽ کاڌ خوراڪ واريون شيون حاصل ڪرڻ توڙي خريدڻ لاءِ پئسا نه هجن، يتيمن، بيواھن ۽ بيمارن جو ڪيئن ۽ ڪيترو خيال ڪجي انھن جي مدد ڪھڙي طريقي سان ڪجي؟ اپت واري آمدنيءَ مان ڪنھن کي ڪيترو ڪيترو حصو ملي؟ انهن سمورن فيصلن ۽ عملن جو تعلق معاشيات سان آهي. ٻيو ته جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ھارين جي ھمٿن سان، ڪافي فصل به پيدا ٿين ٿا پر، ڪجهه ماڻهو سموري اپت تي قبضو ڪري ويهن ۽ باقي خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿين ته، اھو مسئلو ڪيئن ۽ ڪير حل ڪري. انھيءَ سڄيءَ مٿا ڪٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھتي مسئلو رڳو پيداوار جو ناهي، مال متاع جي ورهاست ۽ معاشي انصاف جو به آهي. تنهنڪري معاشيات رڳو پئسا ڪمائڻ، گھرن ۽ گھرڀاتين جي خرچن جي پورائو ڪرڻ جو علم ۽ طريقيڪار جو نالو ناهي پر، وسيلن جي ورڇ، روزگار، پيداوار، واپار، پئسن جي منصفاڻي ورهاست ۽ انساني ضرورتن کي سمجهڻ جو علم به آهي.
معاشي حوالي سان موجوده دور انسان جو مضبوط کان مضبوط دور ليکيو وڃي ٿو پر، سوال اھو به آھي ته ان جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ٿي انھيءَ بابت انساني تاريخون ڦھلاربيون ۽ عملي صورتون ڳولھبيون ته، ان جون ڪڙيون قديم انساني زندگين سان وڃي ملنديون. اڀريون سڀريون تاريخون ٻڌائن ٿيون ته، معاشيات جو پهريون دور، ماڻھن پاران گڏجي شڪار ڪرڻ ۽ وسيلن جو اڪثر گڏيل استعمال ئي ھئو، ان کان به آڳاٽي دئور جو انسان وڻن مان ميوا پٽي کائيندو ھئو پوءِ ھو شڪار ڪرڻ سکيو، بعد ۾ کاڌ ۽ خوراڪ جون شيون گڏ ڪندو، پاڻيءَ جي ڳولا ڪندو هئو. ان وقت ماڻھن جون معاشي سرگرميون، اڄوڪي دور جي ڀيٽ ۾ تمام ساديون هيون، ۽ پڻ کاڌ خوراڪ توڙي وسيلن جي حاصلات واري صورتحال به پيچيده هئي.
معاشيات جي ٻئي وڏي دور ۾ انسان جو لاڙو زراعت وارا ڪم ڪار ڪرڻ ۽ مستقل آبادين ۾ گڏجي رھڻ ڏانھن وڌيو. انسان جڏھن زراعت شروع ڪئي، ته ان لاءِ ٻجن، زمينن، اوزارن، پاڻيءَ، فصلن، ملڪيتن ۽ انساني محنتن جي ورهاست به اهم ٿي وئي. ان سان گڏ مستقل بنيادن تي ڳوٺ ۽ شهر به وجود ۾ آيا، ماڻھو ھڪ ٻئي سان گڏ رھڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا ھئا. انھيءَ دور ۾ انسان کي اھا به ڄاڻ پئي ته انسان، انسان لاءِ ڪيترو ضروري ۽ اھم آھي. منھنجو ذاتي خيال آھي ته، انساني حياتيءَ ۾ شايد ھيء پھريون دئور ھئو، جنھن ۾ ماڻھو جھنگن، بيابانن ۽ غارن وارن دئورن کان گھڻي قدر بھتر انداز ۾، محفوظ طريقن ۽ جھنگلي جانورن جي خوف بغير پنھنجون زندگيون گذارڻ لڳا. جڏھن ته کاڌ خوراڪ وارين شين جي حاصلات لاءِ کين لڏپلاڻ ۽ پري پري جا سفر به ڪرڻا نه پوندا ھئا.
اھڙيءَ طرح معاشيات جي ٽئين دور ۾ ماڻھن ننڍا وڏا ھنر سکيا، مختلف ڪمن جا ڪاريگر ٿيا ۽ گڏيل انساني ضرورت واريون شيون ٺاھي، انھن جو واپار وڙو به ڪندا ھئا. ڇو ته ماڻهن کان پنهنجين ضرورتن کان وڌيڪ پيدا ڪيل يا ٺاھيل شيون وڌي وينديون ھيون ته، ھو ٻين سان انھن جي مٽا سٽا يا ڏي وٺ ڪري پنھنجي آسانيءَ واريون شيون حاصل ڪندا ھئا يا وقتي ضرورت مطابق ڀرپاسي، ويجھن ھنڌن يا ڏورانهن علائقن ڏانھن وڃي وڪرو به ڪندا ھئا. جنھن کان پوءِ مختلف سماجن ۾ جڏھن سڪن يا ڏوڪڙن جو استعمال وڌيو ته، ان سان انسان ۾ پئسي گڏ ڪرڻ جو رواج به پيو، جنھن جي مدد سان واپار، ڪم ۽ ڌنڌا به وڌيڪ آسان ٿي پيا.
معاشيات جو چوٿون وڏو دئور صنعتي دور ليکيو وڃي ٿو. اھو تقريبن سترھين، ارڙهين صديءَ جو قصو آھي، جڏھن ڪجھه ترقي يافتہ يورپي ملڪن، ٻين کنڊن جي ماڻھن ۽ آمريڪا ۾ دولت مندن پاران گڏ ڪيل پئسي جي بنياد تي ھٿ جون مشينون تيار ڪري، تڪڙن بنيادن تي شين جي تياري شروع ڪئي جو ان وقت انھن شين جي گھرج وڌي رھي ھئي ۽ ھٿن سان پورھيو ڪندڙ ڪاريگر شين جي کوٽ جو پورائو نه ڪري سگھندا ھئا. جنھن ترت کان پوءِ ڌڙاڌڙ اليڪٽرڪ ۽ آٽوميٽڪ صنعتي ڪارخانا ۽ ملون لڳڻ شروع ٿيون. اھڙي تبديليءَ کانپوءِ مزدورن جي اجرتن، سرمائي ۽ منافعي بابت سوال وڌيا ۽ معاشيات هڪ باقاعده علمي مضمون طور به ترقي ڪئي ته عملي طريقي سان ھڪ نظام جي شڪل به اختيار ورتي.
انھن چئني دورن مان خاص ڪري پوئين ٽن دورن ۾ ته، ھڪ خاص ڳالهه اھا نظر اچي ٿي جيئن جيئن معاشيات، مضبوط شعبي جو روپ اختيار ڪندي رھي، تيئن تيئن انسانن ۾ طبقا به پيدا ٿيا ۽ مختلف سماجن اندر انسانن وچ ۾ طبقاتي فرق وڌڻ ۽ گھرا ٿيڻ لڳا ھڪڙا زميندار ۽ جاگيردار ٿيا ته ٻيا ھاري، ڪجھه بادشاھ، وزير، مشير ته ڪي رعيت بڻيا، ڪي ڪمانڊر سڏرائڻ لڳا ته ڪي سپاھي ٿي حڪم جا غلام ٿيا، جتي سرمائيدارن جو راڄ قائم ٿيو، اتي مزدورن سان ناانصافيون عام ٿيڻ لڳيون. ايئن معيشت جي واڌ ته ٿي پر، انسان طبقن ۾ ورھائبو رھيو، جيڪو سلسلو اڃان تائين ھلندڙ آھي، نتيجي طور حقن ۽ ناحقن جي نالي ۾ مختلف طبقن وچ ۾ لڙايون به جاري رھيون، جن ۾ انساني جاني نقصان به ٿيندا رھيا، ھڪ ڪاٿي مطابق دنيا جو شايد ڪو اهڙو خطو رھجي ويو ھجي جتي انسان جو رت نه وهيو ھجي.
انھيءَ سلسلي ۾ ڪجهه مفڪرن ۽ ڏاھن جو چوڻ آهي ته، طبقن جي ورھاست ۽ جھيڙن ۾ رڳو معيشت جي ترقيء جو ھٿ نه ھو، پر آڳاٽن دورن کان انسان جيڪو پنھنجي جسماني ۽ ذھني طاقت جو وقت به وقت مظاھرو ڪندا ھئا، ان جو به عمل دخل رھيو. پر پوءِ به معاشيات جي ترقيءَ جي ڪردار کي مڪمل نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. بھرحال پاڻ جيئن جيئن ان جي گھرائيء ۾ وينداسين تيئن تيئن پنھنجو موضوع به مٽبو ويندو. جيتوڻيڪ انسان جي معاشي زندگي قديم آهي، پر جديد معاشيات جي بنيادي علمي شڪل ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ واضح ٿي. دنيا جي معاشي مفڪرن ان موضوع تي مضمون ۽ ڪتاب لکيا. اھي لکڻيون ۽ ڪتاب انھيءَ وقت جديد معاشيات جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکندڙ ھئا. انھن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ معاشيات کي سمجهڻ لاءِ ڪيئي اهم نقطا ڄاڻايا ويا.
انھن نقطن مان ھڪ نقطو ماڻھن جي انفرادي يعني ننڍڙن پيمانن واري معاشيات جيڪا رڳو ماڻھن، خاندانن يا دڪاندارن جي معلومات ڏئي ٿي. مثال طور تي هڪ دڪاندار ڏھاڙي يا ماھوار ڪيترو منافعو ڪمائي ٿو؟ مزدور جي ڏھاڙي ڪيئن ۽ ڪھڙا ماڻھو طعي ڪن ٿا؟ عام خلق اڳ ۾ ڪهڙيءَ شئي خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي؟ ٻيو نقطو وري مجموعي يا وڏي پيماني واري معاشيات جو ھئو. اها وڏي پيماني واري معاشيات سڄي ملڪ يا وڏي معاشي نظام جو مطالعو ڪندڙ ھئي يعني ملڪن يا دنيا ۾ مهانگائي ڇو ٿي وڌي؟ بيروزگاريءَ جي وڌڻ ۽ گھٽجڻ جا سبب ڪهڙا ھجن ٿا؟ ڪنھن به ملڪ جي مجموعي پيداوار ڪٿي بيٺل آهي؟ حڪومتون قرض ڇو کڻنديون آھن؟ ملڪ ۽ دنيا جي معيشتي ترقيءَ جا ڪھڙا راز ھجن ٿا؟ وغيره وغيره.
تفصيلي جملن سان موضوع جي ڳر ڪڍبي ته، پهريون نقطو هڪڙي خاندان، دڪان يا ڪارخاني جي معاشي ڪمن يا فيصلن کي ڏسي ٿو. ٻيو سڄي رياست يا دنيا جي معاشي صورتحال کي سمجهي ٿو. ھتي معاشيات جا ڪجھه ٻيا رھجي ويل اهم نقطا ۽ تصور به ھيٺ ڏجن ٿا. جيئن، جن پڙھندڙن لاءِ معاشيات خشڪ موضوع ھجي ٿو، اھي به آسانيءَ سان ان کي سمجھي سگھن. ھڪ ته پيداوار جي معني شين کي تيار ڪري مارڪيٽن تائين رسائيءَ کي پيداوار چئبو آهي. يعني مختلف قسمن جي فصلن جي پوک، ڪپڙا، جتيون، ٿانو ۽ ڪي ٻيون انساني ضرورت واريون شيون ٺاهڻ. ٻيو ته انھن شين جو واھپو، جيڪي ضرورتن جي پوراء لاءِ استعمال ٿين ٿا. جن ۾ پيٽرول، بجلي ۽ گئس جو استعمال شامل آھن.
ٽيون نقطو انساني محنتن بابت آھي، جنهن سان شيون پيدا ڪيون يا ٺاھيون وينديون رھن ٿيون. ڇو ته انساني محنتن کانسواءِ کوڙ شيون ذري گھٽ ناممڪن ھونديون آھن، انساني رٿائون تڏھن نتيجا ڏيڻ لڳنديون آھن، جڏھن انھن ۾ انسان جا ئي ٺھيل اوزار استعمال ٿيڻ سميت ان جون جسماني ۽ ذھني محنتون به شامل ٿينديون آھن. ھونئن به تاريخ جا پنا ٻڌائن ٿا، جڏھن به انسان تحرڪ ۾ آيو آھي تڏھن ماحولن ۽ سماجن ۾ وڏيون تبديليون ڏسڻ لاءِ مليون ۽ نيون شيون ايجاد ٿيون آھن.
چوٿون نقطو انسان جو گڏ ڪيل سرمايو (جيڪو پيداوار ۾ ڪم ايندڙ مشينن، اوزارن، عمارتن ۽ ٻين ٺاهيل وسيلن جي خريداريءَ ۾ ڪم ايندو آھي) جنھن کي عام ماڻھو پئسو چوندا آهن. پنجون طلب ۽ رسد. طلب مان مراد ڪنهن ملھ تي خريد ڪرڻ جي خواهش ۽ سگهه آهي ۽ رسد مان مراد وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪيترو مقدار موجود آهي. ٻنهي جي لاڳاپن سان مارڪيٽ جي قيمتن تي اثر پوي ٿو. ڇھون ناڻي جي ورهاست (جنھن سان سماج ۾ آمدني، ملڪيت ۽ معاشي موقعا مختلف ماڻهن ۽ طبقن تائين پهچن ٿا) جيڪو به ورهاست جو اهم سوال آهي. ھتي واضع ڪندا ھلون ته پئسي، ناڻي ۽ آمدنيءَ وارن لفظن ۾ به فرق آھي، اهي ٽئي لفظ عام طور هڪ ٻئي جي جاءِ تي استعمال ٿيندا آهن، پر انهن جي معنيٰ مختلف جاين تي الڳ الڳ ئي ھوندي آهي.
معاشيات جو سياست، سرڪار يا سرڪاري ادارن سان به سڌو اڻ سڌو واسطو رھندو آيو آھي. اھي وقت به وقت هڪٻئي تي گهرا اثر وجهن ٿا. سياست ذريعي حڪومت ٺهڻ، قانون ٺاهڻ ۽ عوامي وسيلن جي استعمال جا فيصلا ٿين ٿا. معاشيات ٻڌائي ٿي ته، انهن فيصلن جا پيداوار، روزگار، قيمتن، غربت ۽ دولت جي ورهاست تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. مثال طور، حڪومت وٽ ٽيڪس مان گڏ ٿيل رقم موجود آهي ۽ حڪومت فيصلو ڪري ٿي ته، اها رقم اسڪولن، روڊن يا اسپتالن جي سھوليتن تي خرچ ڪري، اھڙيءَ طرح جتي اسڪول ٺھندا آھن، اتي ڪتاب، قلم، ڪاپيون، رٻڙ يا ٻيون اھڙيون شيون ڪثرت سان وڪامنديون. جتي اسپتالون ٺھنديون، اتي ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي کي روزگار ملندو ۽ دوائن جو کاپو به ٿيندو آهي. مطلب ته سياسي ۽ سرڪاري ادارن جي کنيل قدمن سان به مارڪيٽ ترقي ڪندي آھي. ان ڪري سٺي معاشي پاليسي ٺاهڻ لاءِ رڳو پئسي جو هجڻ ڪافي ناهي، ايمانداراڻن انتظامن، شفافيت، درست ۽ مضبوط رٿابندي ۽ عوامي ضرورتن جي سمجھه به ضروري آهي.
معاشيات بابت دنيا جي مختلف مفڪرن ۽ ڏاھن ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھن سڀني جو مقصد يا انھن جا حل قطعي طور هڪ جهڙا ناهن. اسڪاٽش معاشي ماھر ايڊم سمٿ پنھنجي لکڻين ۾ آزاد مارڪيٽ ۽ محنت جي ورهاست تي زور ڏنو آھي. سمٿ وضاحت ڪئي آھي ته محنت جي ورهاست ۽ ماڻهن جي معاشي سرگرمين سان پيداوار وڌي ٿي. سندس خيال سرمائيدار ملڪن جي جديد مارڪيٽن ۽ معيشتن جي ترقيءَ تي وڏو اثر وڌو. جڏھن ته ھڪ ٻئي معاشي ماھر جان مينارڊ ڪينز جي خيال موجب معاشي بحران، بيروزگاريءَ جي حالتن ۾ حڪومت خرچن ۽ ٻين پاليسين ذريعي طلب ۽ روزگار کي سهارو ڏئي سگهي ٿي. پر ان جي ڀيٽ ۾ مارڪس ۽ اينگلس سرمائيداري نظام ۾ سرمائي جي مالڪن ۽ مزدورن جي لاڳاپن، استحصالن، طبقاتي تضادن ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورهاست جو تجزيو ڪري، دليلن سان ثابت ڪيو آھي ته، جيسيتائين معيشت جون واڳون، اڻ ڌري سياست ڪندڙ رياستن جي ھٿ ۾ ڏئي، ناڻي جي برابر ورھاست نه ڪئي ويندي، تيسيتائين معاشيات حقيقي ترقيءَ کان پري رھندي.
انھن جي لکڻين مطابق، جيسيتائين سڀني طبقن کي ساڻ کڻي نه ھلبو تيسيتائين انسان ذات به ترقي نه ڪري سگھندي. انھن ٻنھي پيداوار جي اهم وسيلن تي سماجي يا عوامي ملڪيت ۽ وڌيڪ برابريءَ تي زور ڏنو. ڪارل مارڪس سرمائيداري نظام، مزدورن جي زندگي، طبقاتي فرقن ۽ دولت جي ورهاست بابت اهم نظريا پيش ڪيا. سندس مشهور ڪتاب (داس ڪيپيٽل) سرمائيداري معيشت جي تجزئي بابت اهم تصنيف آهي. مارڪس جي معاشيات کي سمجهڻ لاءِ، سڀ کان اڳ سندس اھو بنيادي سوال سمجهڻ گهرجي ته جڏهن دولت مزدورن جي محنت سان پيدا ٿئي ٿي، ته ان جو وڏو حصو سرمائيدارن وٽ ڇو ٿو گڏ ٿئي، جڏهن ته پيداوار جي تياريءَ ۾ اھم ڌر يعني “مزدور” معاشي تڪليفن ۾ زندگي گذارين ٿا.
مارڪس جي معاشي فڪر جو مرڪز اهو سوال هو ته، هن سرمائيداريءَ کي رڳو واپار يا پئسي جو نظام نه، پر اهڙو سماجي نظام سمجهيو، جنهن ۾ ملڪيت، محنت، پيداواري وسيلن تي اختيار سڀني ماڻهن جي طبقن جي لاڳاپن کي طئہ ڪري ٿو. مارڪس جي دور ۾ يورپ ۾ صنعتي انقلاب تيزيءَ سان پکڙجي رهيو هو. ڪارخانا وڌي رهيا هئا، ڳوٺن مان ماڻهو شهرن ڏانهن اچي رهيا هئا وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندا هئا، جيئن ھاڻي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ٿي رھيو آھي. مارڪس ڏٺو ته ڪارخانن، مشينن ۽ سرمائي جي ملڪيت اڪثر ڪارخانيدارن وٽ هئي. مزدورن کي انھن جي محنت جي بدلي معمولي اجرت ملندي هئي، ڪارخانيدار مزدورن جي ٺاھيل شين کي مهانگي اگھ تي وڪرو ڪري وڏو منافعو ڪمائي پنھنجي عياشين تي خرچ ڪندا هئا، جيئن ھاڻي پنھنجي پياري ملڪ ۾ ٿي رھيو آھي.
مارڪس جي خيال ۾ سرمائيداري نظام جو بنيادي تضاد اهو هئو ته، پيداوار گهڻن ماڻهن جي گڏيل محنتن سان ٿيندي آهي، پر پيداوار جي وسيلن جي ملڪيت ۽ منافعي تي اختيار محدود وڏن ماڻهن وٽ هوندو آهي. جنهن جو مطلب اهو ناهي ته، هر ڪاروباري ماڻهو لازم طور مزدورن سان ناانصافي ڪري، مارڪس جو تجزيو انفراديت کان وڌيڪ معاشي نظام جي جوڙجڪ بابت هئو. ڪارل مارڪس جي معاشي فڪر جو هڪ اهم اصول، طبقاتي جدوجهد به آهي. هن جي مشهور تصنيف (ڪميونسٽ مينيفيسٽو) طور شايع ٿي جنھن ۾ تاريخ کي مختلف سماجي طبقن جي تضادن جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ تي زور ڏنو ويو. سرمائيدار طبقو ھڪ ڌر آھي اھو ڪارخانن، مشينن ۽ پيداوار جي ٻين اهم وسيلن جي خريداريءَ ۾ سرمايو لڳائيندو آهي ۽ ٻئي ڌر يعني مزدور طبقو پنهنجي حصي جي محنت ڪندو آهي ته ٻنھي ۾ فرق ڪھڙو رھيو؟ مارڪس جو خيال هئو ته، اهڙا تضاد رڳو فردن جي اختلافن جو سبب ناهن، پر ملڪيتن ۽ معاشي طاقتن جي ورهاست مان پيدا ٿين ٿا.
__________

حميد منگي اجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگتم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



