Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

شڪارپور جي مها شڪتي ماتا مندر مان چوري: ھاڻ عبادتگاھون بہ محفوظ نہ رھيون

هڪ مذهبي عبادت گاهه مان قيمتي سامان ۽ نقد رقم چوري ٿيڻ جو واقعو پيش اچي چڪو آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهي ۽ پوليس جا عملدار واقعي واري هنڌ جو دورو به ڪري چڪا آهن ته پوءِ  باقاعده جاچ شروع ڪرڻ ۾ دير ڇو؟ اهڙا واقعا مذهبي اقليتن جي تحفظ، مذهبي آزاديءَ ۽ شهر جي امن امان بابت اهم سوال اٿارين ٿا.

مندر ۾ ماتا جي ڳچيءَ ۾ پاتل سونو هار، چندي واري پيتيءَ جا تالا ٽوڙي ان مان لکين رپين جي لڳ ڀڳ نقد رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو آهي. واردات کان پوءِ مندر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي فوٽيج به حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي ٿيلهي ۾ سامان کڻي مندر مان ٻاهر ويندي ڏسي سگهجي ٿو.

نسيم بخاري

شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي واقعن شهرين جي سڪون ۽ سلامتيءَ کي اڳ ئي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، پر هاڻي جڏهن مذهبي عبادت گاهون به چوريءَ جي وارداتن کان محفوظ نه رهيون آهن ته ان صورتحال جي سنگيني اڃا به وڌي وئي آهي. اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾، سُڪپل ڀرسان ٽنڊي واري علائقي ۾ قائم مها شڪتي ماتا مندر مان سون جا زيور، نقد رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ واري واقعي هندو برادريءَ کي ڏک، ڪاوڙ ۽ بي وسيءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. متاثر برادريءَ جو چوڻ آهي ته هي معاملو رڳو چوريءَ جي واردات تائين محدود ناهي، پر عبادت گاهه جي تقدس سان لاڳاپيل هئڻ ڪري ان جي حساسيت اڃان وڌي وڃي ٿي.

شڪارپور هندو پنچائت جي صدر گوپال داس جو چوڻ آهي ته سندن عبادت گاهه مان چوري ٿيڻ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه ان جي تقدس جي پائمالي آهي، جنهن برادريءَ جي ماڻهن جون دليون ٽوڙي ڇڏيون آهن. سندس چوڻ موجب، هن واقعي کين نه رڳو ذهني طور ڏکوئيو آهي، پر برادريءَ جا ماڻهو سخت بي چينيءَ ۽ پريشانيءَ جو به شڪار آهن. عبادت گاهه ڪنهن به برادريءَ لاءِ رڳو هڪ عمارت نه هوندي آهي، پر اها عقيدي، احترام، روحاني سڪون ۽ اجتماعي سڃاڻپ جي علامت هوندي آهي. اهڙي هنڌ تي چوري ٿيڻ سان نقصان رڳو مالي نه، پر جذباتي ۽ سماجي به ٿيندو آهي.

واقعي بابت مليل ڄاڻ موجب، مندر ۾ ماتا جي ڳچيءَ ۾ پاتل سونو هار، چندي واري پيتيءَ جا تالا ٽوڙي ان مان لکين رپين جي لڳ ڀڳ نقد رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو آهي. واردات کان پوءِ مندر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي فوٽيج به حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي ٿيلهي ۾ سامان کڻي مندر مان ٻاهر ويندي ڏسي سگهجي ٿو. تنهن هوندي به، ان شخص جو چهرو ڍڪيل هجڻ سبب سندس سڃاڻپ اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته فوٽيج کي جاچ جو اهم ذريعو بڻايو وڃي، پر ڪنهن به شخص کي جاچ ۽ تصديق کان اڳ ڏوهاري قرار ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

اطلاع ملڻ تي اي ايس پي سٽي محمد آصف کرل واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري متاثر ڌر کان تفصيل معلوم ڪيا پر واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي  آھي. هندو پنچائت جو چوڻ آهي ته برادري اڃا تائين هن افسوسناڪ واقعي جي صدمي مان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي، تنهن ڪري گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ قانوني ڪارروائيءَ لاءِ ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

هتي سوال اهو آهي ته جڏهن هڪ مذهبي عبادت گاهه مان قيمتي سامان ۽ نقد رقم چوري ٿيڻ جو واقعو پيش اچي چڪو آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهي ۽ پوليس جا عملدار واقعي واري هنڌ جو دورو به ڪري چڪا آهن ته پوءِ  باقاعده جاچ شروع ڪرڻ ۾ دير ڇو؟ قانوني ڪارروائيءَ جو پهريون قدم ئي متاثر ڌر جي شڪايت کي باضابطه طور موجود شاهدين جي روشنيءَ ۾ جاچ کي اڳتي وڌائڻ آهي. ڪنهن به ڏوهه جي جاچ ۾ دير سان نه رڳو ثبوتن جي اهميت متاثر ٿي سگهي ٿي، پر عوامي بي چيني به وڌي سگهي ٿي.

هندو پنچائت جي نمائندن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته واردات ۾ آسپاس جا ماڻهو ملوث ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ مندر جي ماحول ۽ صورتحال کان واقف ماڻهوءَ لاءِ اهڙي واردات ڪرڻ نسبتاً آسان آھي. پر شڪ کي ثبوت جو متبادل نٿو بڻائي سگهجي. جاچ کان سواءِ ڪنهن به پاڙيسريءَ يا ٻئي شخص تي الزام هڻڻ انصاف جي اصولن جي ابتڙ ٿيندو. پوليس جي ذميواري آهي ته هو هر امڪان جو جائزو وٺي، شاهدين جي بنياد تي اصل ڏوهارين تائين پهچي ۽ ڪنهن به بي ڏوهي شخص کي شڪ جي بنياد تي پريشان ٿيڻ کان پاسو ڪري.

هن واقعي سان لاڳاپيل هڪ ٻيو پاسو به سامهون آيو آهي.  مندر ڀرسان هڪ پاڙيسريءَ جي گهر جا تالا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته ٻاهر بيٺل ٻه موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ کان بچي ويون آھن . جيڪڏهن اها ڄاڻ تصديق سان درست ثابت ٿئي ٿي ته جاچ ڪندڙن لاءِ ضروري ٿيندو ته هو انهن سمورن هنڌن جو جائزو وٺن ۽ معلوم ڪن ته ڇا اهي ڪوششون به ساڳئي واردات سان لاڳاپيل هيون يا انهن جي نوعيت الڳ هئي. اهڙين تفصيلن کي نظرانداز ڪرڻ بدران انهن کي جاچ جو حصو بڻائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ننڍي کان ننڍو سراغ به ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

مندر مان چريءَ خلاف ھندو پئچائت جي اڳواڻ ۽ ٻين جو احتجاج ۽ اي ايس پي جي احتجاج ڪندڙن سان ملاقات

مها شڪتي ماتا مندر ۾ چوريءَ جي واقعي تي شڪارپور جي سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، ادبي ۽ واپاري حلقن به سخت ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. مختلف حلقن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو ترت نوٽيس وٺي، ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

شهرين جو چوڻ آهي ته ڪنهن مذهبي عبادت گاهه ۾ چوريءَ کي رڳو هڪ عام ڏوهه سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا واقعا مذهبي اقليتن جي تحفظ، مذهبي آزاديءَ ۽ شهر جي امن امان بابت اهم سوال اٿارين ٿا. پاڪستان جي آئين تحت هر شهريءَ کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پنهنجي عبادت گاهه جي تقدس سان لاڳاپيل حقن جي تحفظ جو حق حاصل آهي. ان ڪري مذهبي هنڌن جي حفاظت کي رڳو ڪنهن هڪ برادريءَ جو مسئلو نه، پر رياست، انتظاميا ۽ سموري سماج جي گڏيل ذميواري سمجهڻ گهرجي.

شڪارپور تاريخي طور مختلف مذهبن، ٻولين ۽ ثقافتن جي ماڻهن جي گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ، رواداريءَ ۽ سماجي هم آهنگيءَ جي سڃاڻپ رهيو آهي. هن شهر جي تاريخ ۾ هندو ۽ مسلمان برادرين جي گڏيل زندگي، واپار، علم ۽ ثقافت جا ڪيترائي حوالا موجود آهن. اهڙي شهر ۾ ڪنهن عبادت گاهه سان پيش آيل واقعو رڳو متاثر برادريءَ کي ڏک نه ٿو پهچائي، پر شهر جي گڏيل سماجي سڃاڻپ کي به متاثر ڪري ٿو. مذهبي رواداريءَ جو اصل امتحان اهڙن موقعن تي ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن ٻي برادريءَ جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي ان سان گڏ بيهڻو پوندو آهي.

شڪارپور ۾ چوري، ڦر، قتل ۽ بدامنيءَ جا واقعا اڳ ئي شهرين لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهن. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن عبادت گاهون به محفوظ نه رهن ته ماڻهن جي بي چينيءَ ۾ اضافو ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. امن امان جو مطلب رڳو وڏن ڏوهن جي روڪٿام نه، پر شهرين کي اهو احساس ڏيارڻ به آهي ته سندن جان، مال، عزت ۽ مذهبي عقيدي سان لاڳاپيل هنڌ محفوظ آهن. اها ذميواري پوليس ۽ ضلعي انتظاميا تي لاڳو ٿئي ٿي، جن کي رڳو واقعي کان پوءِ پهچڻ بدران ڏوهن جي روڪٿام لاءِ به اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن.

مها شڪتي ماتا مندر واري واقعي جي جاچ ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج، واقعي واري هنڌ تان حاصل ٿيندڙ ممڪن ثبوتن، ٽٽل تالَن جي حالت، چوري ٿيل سامان جي تفصيلن ۽ آسپاس جي ماڻهن کان مليل معلومات کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي. ساڳئي وقت، متاثر ڌر جي شڪايت باضابطه طور داخل ڪري قانوني طريقي سان جاچ کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.  چوري ٿيل سامان جي سڃاڻپ ۽ ان جي واپسيءَ لاءِ به ترت قدم کنيا وڃن ته جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. شفاف جاچ جو مقصد رڳو ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ نه، پر اصل ڏوهاريءَ کي ثبوتن جي بنياد تي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ آهي.

هن سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پوليس هن واقعي کي رڳو چوريءَ جي هڪ واردات سمجهي ڪارروائي ڪندي يا ان جي مذهبي ۽ سماجي حساسيت کي به نظر ۾ رکندي شهرين جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندي؟ ان سوال جو جواب ايف آءِ آر جي داخلا، جاچ جي شفافيت، ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ قانوني ڪارروائيءَ جي نتيجن مان ئي ملي سگهندو. رڳو روايتي بيانن، مذمتي لفظن ۽ واقعي واري هنڌ جي دوري سان عوام جي بي چيني ختم نه ٿيندي؛ ان لاءِ عملي نتيجا ڏيڻا پوندا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا بنا دير واقعي جي مڪمل جاچ ڪن، مندر ۽ ٻين حساس هنڌن جي سيڪيورٽيءَ جو جائزو وٺن ۽ شهرين کي يقين ڏيارين ته سندن جان، مال ۽ عبادت گاهن جو تحفظ انتظاميا جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. هندو برادريءَ جي ڏک کي سمجهڻ، سندن قانوني حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

مها شڪتي ماتا مندر مان چوريءَ جي واقعي جو منصفاڻو ۽ نتيجا ڏيندڙ انجام رڳو متاثر هندو برادريءَ جي بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي، پر اهو شڪارپور ۾ مذهبي رواداري، گڏيل سماجي زندگيءَ ۽ قانون جي بالادستيءَ تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ به انتهائي اهم آهي. آخرڪار، امن رڳو ڏوهارين جي غير موجودگيءَ جو نالو ناهي، پر اهو يقين به آهي ته ڪنهن به شهريءَ جي عبادت گاهه، عقيدي ۽ حقن سان زيادتي ٿيندي ته قانون سندس تحفظ لاءِ موجود هوندو.

شڪارپور جي انتظاميا لاءِ هاڻي اصل امتحان اهو آهي ته هو هن واقعي کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان وٺي ٿي ۽ متاثر برادريءَ کي انصاف جي ڪيتري جلد ۽ ڪهڙي نموني خاطري ڪرائي ٿي.

 ____________  

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button