Editor's pickMain Slideڪالم

ڊاڪٽر اشوڪ آسواڻي: سنڌي چارلي چيپلن جو راجستان کان عالمي سطح تائين سفر

راجستان ۾ ٽنڊي الھيار جي سنڌي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر اشوڪ ننڍپڻ کان چارلي چيپلن جي خاموش سينيما جي سحر ۾ مبتلا ھو. غير معمولي حياتيءَ ۽ فن ۽ سينيما سان سندس لڳاءُ سڄي دنيا جي ميڊيا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪايو. هن ڊسڪوري چينل، ايم ٽي وي، پرشار ڀارتي، پي ايس بي ٽي ۽ فلمز ڊويزن جي مختلف پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪيو. سندس چارلي وارو روپ بين الاقوامي پردي تي به چمڪيو: هن هڪ آسٽريلين فلم ۽ ڊاڪيومينٽريءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪيترائي عالمي ايوارڊ کٽيا، سنگاپور جي هڪ ٽيليويزن چينل مٿس خاص ڊاڪيومينٽري ٺاهي، ۽ هن ڪينيڊين ايوارڊ هولڊر جيسن ايلن سان گڏ هڪ آمريڪي فلم پروجيڪٽ ۾ پڻ ڪم ڪيو. سندس هيءَ ثقافتي تحريڪ مشهور آسٽريلين ڊاڪيومينٽري ‘دي بوٽ ڪيڪ’ ۽ ٻين عالمي ميڊيا رپورٽن جو اهم موضوع رهي.

ليکڪا: جينتي ارجنداس ٺڪر ”مٺي“

4 آڪٽوبر 1947ع تي راجستان جي علائقي ڪشن ڳڙهه ۾ سنڌ جي ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي خاندان ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو اشوڪ سُکُمل آسواڻي رکيو ويو. ڪنھن کي بہ اندازو ڪونہ هوندو ته اهو ننڍڙو ٻار وڏو ٿي آديپور، ڪڇ کي اپنائيندو ۽ خطي جي سڀ کان منفرد ۽ محبوب ثقافتي شخصيتن مان هڪ بڻجي ويندو. سندس سفر سائنس، سينيما، مزاح ۽ فنڪارانه عقيدت جو هڪ غير معمولي ميلاپ ثابت ٿيو، جنهن ڪڇ ۽ ان کان ٻاهر جي ثقافتي ڪينواس تي پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا.

پنهنجي شروعاتي سالن کان ئي اشوڪ آسواڻي چارلي چيپلن جي خاموش سينيما جي سحر ۾ مبتلا ٿي ويو. هن چيپلن جي ڪلاسيڪل فلمن، تاثرات ۽ حرڪتن جو تمام ڳُوڙھو مطالعو ڪيو. سندس اندر ۾ موجود فنڪار وڌيڪ سکڻ چاهيو پئي، جنهن ڪري هو پوني ويو ۽ فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا (FTII) ۾ اداڪاريءَ جي ٻن سالن جي ڪورس ۾ داخلا ورتائين. پر، ڪجھ مشڪلات سبب کيس پهرين سال کان پوءِ ادارو ڇڏڻو پيو. هو آديپور هڪ مايوس نوجوان وانگر موٽي آيو، پر پوءِ هن جڙي ٻوٽين ۽ آيورويڊڪ طب جي تعليم حاصل ڪري آيورويڊڪ ڊاڪٽر طور هڪ باوقار پيشو اختيار ڪيو.

بھرحال ڊاڪٽر آسواڻيءَ جي اندر فن جو جوت ڪڏهن به اجهامي نه سگهيو. ڊاڪٽريءَ جا فرض نڀائڻ سان گڏوگڏ، هُو اداڪاري، فلم سازي، موسيقي ترتيب ڏيڻ ۽ مختلف تخليقي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. وقت سان گڏ، چيپلن جي مشهور باؤلر هيٽ، بروشي مڇن، لباس، پرتاثر مُھانڊي ۽ مخصوص چال تي سندس مهارت کيس قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ‘انڊيا جو چارلي چيپلن’ طور سڃاڻپ ڏياري. ڊاڪٽر آسواڻيءَ لاءِ چيپلن جو ‘لٽل ٽرمپ’ وارو ڪردار صرف طنز ۽ مزاح نه هو، پر اهو سادگي، همت ۽ کلڻ جي ذريعي انسانن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جو جوهر هو.

اهو شخصي شوق هڪ وڏي عوامي ۽ ثقافتي روايت ۾ تبديل ٿي ويو. ڊاڪٽر آسواڻيءَ آديپور ۾ ‘چارلي سرڪل’ جو بنياد وڌو ۽ سالياني ‘چارلي چيپلن ڪارنيوال’ جي شروعات ڪئي، جنهن آديپور جي گهٽين کي چيپلن جي پرستارن، اداڪارن ۽ عوام سان زنده ڪري ڇڏيو. هن کليل آسمان هيٺ چيپلن جي فلمن جون اسڪريننگ پڻ منعقد ڪيون، جنهن نئين نسل کي به هن عالمي سينيما جي شاهڪارن سان روشناس ڪرايو.

ڊاڪٽر آسواڻيءَ جي هن غير معمولي حياتيءَ ۽ فن ۽ سينيما سان سندس لڳاءُ سڄي دنيا جي ميڊيا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪايو. هن ڊسڪوري چينل، ايم ٽي وي، پرشار ڀارتي، پي ايس بي ٽي ۽ فلمز ڊويزن جي مختلف پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪيو. سندس چارلي وارو روپ بين الاقوامي پردي تي به چمڪيو: هن هڪ آسٽريلين فلم ۽ ڊاڪيومينٽريءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪيترائي عالمي ايوارڊ کٽيا، سنگاپور جي هڪ ٽيليويزن چينل مٿس خاص ڊاڪيومينٽري ٺاهي، ۽ هن ڪينيڊين ايوارڊ هولڊر جيسن ايلن سان گڏ هڪ آمريڪي فلم پروجيڪٽ ۾ پڻ ڪم ڪيو. سندس هيءَ ثقافتي تحريڪ مشهور آسٽريلين ڊاڪيومينٽري ‘دي بوٽ ڪيڪ’ ۽ ٻين عالمي ميڊيا رپورٽن جو اهم موضوع رهي.

ڊاڪٽر اشوڪ سُکمل آسواڻي 23 نومبر 2023ع تي وفات ڪري ويو پر هُو پويان هڪ منفرد ۽ همہ گير ورثو ڇڏي ويو. ڪشن ڳڙهه کان آديپور تائين، ۽ آيورويڊڪ شفاخاني کان عالمي ڊاڪيومينٽريز تائين، سندس محنت ۽ سچي محبت اهو ثابت ڪيو ته هڪ انسان جو شوق ڪيئن سڄي شهر جي ثقافتي سڃاڻپ بڻجي سگهي ٿو.

_________

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button