ناميارو ليکڪ ۽ شاعر دادا لعل هوتچنداڻي ”لاچار“ لاڏاڻو ڪري ويو
دادا لعل هوتچنداڻيءَ پنهنجي شاعريءَ، تحريرن ۽ ڊرامائي تخليقن ذريعي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي ان جي ادبي روايتن کي زندهه رکڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

گانڌي ڌام، گجرات، انڊيا
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڊراما نگار دادا لعل هوتچنداڻي ”لاچار“ اڄ جمعي 2 آڪٽوبر 2026 تي گانڌي ڌام ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. دادا لعل ھوتچنداڻي وڏي ڄمار جي ڪري گذريل ٻن ورھين کان بستري داخل ھو. جمعي ڏينھن صبح جو ستين وڳي ڌاري ھُن لاڏاڻو ڪيو، بزيگ اديب نامديو تاراچنداڻيءَ اھڙو اطلاع ڏنو.
ٻئي پاسي سندس وڇوڙي جو اعلان ڪندي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پنھنجي پڌرائيءَ ۾ چيو تہ دادا لعل چند ھوتچنداڻيءَ جو لاڏاڻو سنڌي ادبي ۽ ثقافتي دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. دادا لعل هوتچنداڻيءَ پنهنجي شاعريءَ، تحريرن ۽ ڊرامائي تخليقن ذريعي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي ان جي ادبي روايتن کي زندهه رکڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو“.
هُو گانڌي ڌام ۾ رهندو هو ۽ ڪنڊلا پورٽ ٽرسٽ جو اڳوڻو ملازم هو. سندن لکيل ڪتابن جو تعداد 10 يا ان کان وڌيڪ آهي. کين 2013ع ۾ اين سي پي ايس ايل (NCPSL) پاران 50,000 رپين جو ايوارڊ ۽ گجرات سنڌي اڪيڊميءَ پاران به ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.
”سندن ادبي آواز، تخليقي خدمتن ۽ سنڌي ثقافتي زندگيءَ سان ناتي کي هميشه احترام ۽ محبت سان ياد رکيو ويندو.“
انڊين انسٽيٽيوٽ اف سنڌالاجي سندن سوڳوار ڪُٽنب، دوستن، اديبن ۽ سموري سنڌي ادبي برادريءَ سان دل جي گهرائين سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿي.
ڪجھ ويب سائيٽن تان مليل معلومات موجب سرڳواسي لعل ھوتچنداڻيءَ جي ڪتابن ۾ ”ڏُک جو احساس“، ”کنڊر جي آرزو“، ”بند پلڪون“ ”سنگتراش“، ”چترڪار جي ڪلپنا“ ۽ ”ٻھڳڻي شخصيت شِري تيج قابل“ شامل آھن.
___________



