Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشيا

جپان جي نئين ڊراءِ ڊاڪ رٿا ۽ انڊو-پيسفڪ خطي ۾ سريلنڪا جو اسٽريٽجڪ ڪردار

دنيا جي ٽئين سڀ کان وڏي جهاز ساز ملڪ جپان جي 2035 تائين هڪ نئون وڏو ۽ جديد ڊراءِ ڊاڪ تعمير ڪرڻ جي اعلان عالمي بحري سيڪيورٽي ۽ تجارتي حلقن ۾ وڏي بحث کي جنم ڏنو آهي. هندي سمنڊ ۾ سريلنڪا جي ڪولمبو ۽ ترنڪومالي بندرگاهن سان گهري وابستگي جپان لاءِ بنيادي عنصر آھي. سريلنڪا جا بندرگاھ جپان جي اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ اھم بڻجي رھيا آھن.

جپان جو ھڪ بندرگاھ

ليئو نروشا درشن لکي ٿو

ڪولمبو: انڊو-پيسفڪ خطو هن وقت عالمي اقتصادي نظام لاءِ شھ رڳ جو ڪردار ادا ڪندڙ بحري تجارتي رستن ۽ انهن جي ٻاهران سيڪيورٽي ماحول ۾ هڪ تاريخي موڙ تي پهچي چڪو آهي. اوڀر جي بحري طاقتن جو اُڀار ۽ روايتي عالمي بحري بنيادي ڍانچي ۾ کوٽ، بين الاقوامي سياست ۾ نون اتحادن ۽ حڪمت عملين کي جنم ڏنو آهي.

ان حوالي سان، دنيا جي ٽئين سڀ کان وڏي جهاز سازي ڪندڙ ملڪ جپان جو ‘نامورا شپ بلڊنگ’ (Namura Shipbuilding) ڪمپني ذريعي 2035 تائين هڪ نئون وڏو ۽ جديد ڊراءِ ڊاڪ تعمير ڪرڻ جي اعلان عالمي بحري سيڪيورٽي ۽ تجارتي حلقن ۾ وڏي بحث کي جنم ڏنو آهي.

اهڙي وقت جڏهن آمريڪا پنهنجي بحري سار سنڀال ۽ جهاز سازي جي صلاحيت ۾ کوٽ سان منهن ڏئي رهيو آهي، اهو پنهنجي قريبي اتحادي جپان جي هن توسيع کي وڏين اُميدن سان ڏسي ٿو. پر انهيءَ بنيادي ڍانچي جي توسيع پويان موجود سخت صنعتي حقيقتون، ۽ هنديسمنڊ  جي مرڪز ۾ واقع سريلنڪا جي بندرگاهن جو جپاني ۽ بين الاقوامي بحري ڍانچي ۾ اھم ڪردار، اهڙا موضوع آهن جن جو گهرو تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جپان جي ساگا پريفيڪچر جي اتر-اولهه ۾ واقع اماري بي (Imari Bay) ۾ تجويز ڪيل هي ڊراءِ ڊاڪ 2017ع کان پوءِ جپان ۾ تعمير ٿيندڙ پهريون وڏو ڊراءِ ڊاڪ هوندو. هي منصوبو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، اهو بنيادي طور تي پاڻيٺ قدرتي گئس (LNG) کڻي ويندڙ وڏن تجارتي جهازن جي تعمير لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هي منصوبو جپاني حڪومت ۽ مقامي صنعت پاران گڏيل طور تي شروع ڪيل قومي اقتصادي بحاليءَ جي منصوبي جو هڪ اهم حصو آهي.

جپاني وزيراعظم تاڪائيچي سنائي جهاز سازي واري شعبي کي ملڪي اقتصادي ترقيءَ جو تعين ڪندڙ 17 اهم صنعتن مان هڪ قرار ڏنو. ان کان پوءِ، جپان پنهنجي سالياني جهاز سازي جي صلاحيت کي ٻيڻو ڪري 1.8 ڪروڙ گراس ٽن تائين پهچائڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي، جنهن جي پٺيان 1 ٽرلين ين جو وڏو عوامي-نجي فنڊ موجود آهي.

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري دور ۾، جهاز سازي جي صنعت جپان جي صنعتي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو هڪ وڏو ٿنڀو رهي. پر تازن ڏهاڪن ۾ چين ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران سخت مقابلي سبب جپان پنهنجو مارڪيٽ شيئر وڃائي ويٺو. موجوده سيڙپ کي ان وڃايل مقام کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي.

ٻئي طرف، آمريڪا چين جي تيزيءَ سان وڌندڙ بحري طاقت ۽ عالمي تجارتي شپنگ مارڪيٽ تي سندس غلبي جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر آمريڪا جون پنهنجون جنگي جهاز سازي واريون گوديون ناقص سار سنڀال، شديد دير، ۽ مزدورن جي کوٽ جو شڪار آهن. ڇاڪاڻ ته آمريڪي تجارتي شپ يارڊ بين الاقوامي مارڪيٽ قيمتن کان چوئوڻ  وڌيڪ قيمت تي جهاز تيار ڪن ٿا، اهي پنهنجي مقامي مارڪيٽ کان ٻاهر عالمي سطح تي مقابلو نٿا ڪري سگهن.

ان پس منظر ۾، آمريڪا-جپان دفاعي اجلاس ۾ آمريڪي جنگي جهازن جي مرمت جي عمل کي جپان ۾ فوجي اڏن کان ٻاهر جپاني تجارتي شپ يارڊن تائين وڌائڻ لاءِ سنجيده غور ڪيو ويو. پئسفڪ سمنڊ پار ڪري گوام يا آمريڪي مين لينڊ وڃڻ بدران جپاني يارڊن جو استعمال آمريڪي جنگي جهازن لاءِ سفري وقت ۾ اٽڪل 17 ڏينهن جي بچت ڪندو. اهو آمريڪي نيوي جي آپريشنل تيارين کي بهتر بڻائيندو جڏهن ته جپاني ڪمپنين لاءِ وڏا تجارتي موقعا فراهم ڪندو.

بهرحال، هن دفاعي تعاون ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ سامھون آئي آهي: جپاني يارڊن ۾ موجوده گنجائش جي کوٽ. نامورا جي موجوده اماري سهولت اڳ ۾ ئي پنهنجي پوري ڪارڪردگيءَ تي هلي رهي آهي ۽ تجارتي جهازن جي پيداوار سان ڀريل آهي. ٽوڪيو جون صنعتي رٿابندي واريون رپوٽون پڻ ظرفيت جي محدوديت کي پنهنجو بنيادي چئلينج قرار ڏين ٿيون.

ڇاڪاڻ ته 2035ع لاءِ رٿيل نئين ڊراءِ ڊاڪ اڳ ۾ ئي تجارتي ايل اين جي (LNG) جهازن لاءِ بڪ ٿيل آهي، تنهن ڪري آمريڪي نيويءَ لاءِ ڪا به جڳهه باقي نه رهندي. ان کان علاوه، تجارتي جهازن لاءِ ٺاهيل يارڊ کي فوجي جهازن جي سار سنڀال واري سهولت ۾ تبديل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. جنگي جهازن جي سار سنڀال لاءِ خاص طور تي تربيت يافته عملي، آمريڪي سيڪيورٽي پروٽوڪول جي سمجھ، ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس جي ضرورت هوندي آهي.

ان کان علاوه، جپان کي جهاز سازي واري شعبي ۾ اٽڪل 12,000 مزدورن جي کوٽ درپيش آهي. اهڙيءَ طرح، اها ڳالهه واضح آهي ته صرف فوجي معاهدا ۽ سياسي مرضي ٻنهي ملڪن وچ ۾ حقيقي دفاعي تعاون کي نٿا حاصل ڪري سگهن؛ سپلاءِ چين ۽ بنيادي ڍانچي جون حدون ئي نتيجي جو تعين ڪن ٿيون.

جپان کي پئسفڪ خطي ۾ درپيش بنيادي ڍانچي ۽ گنجائش جي رڪاوٽن جي وچ ۾، سريلنڪا جا بندرگاه جيڪي هنديسمنڊ  ۾ عالمي تجارتي رستن جي وچ واري نقطي تي واقع آهن، جپان جي ڊگھي مُدي وارن اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ اھم بڻجي رھيون آھن.

جپان پاران پنهنجي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي ملڪن مان درامد ڪيل خام تيل ۽ قدرتي گئس ھندي سمنڊ جي رستي جپاني ساحلن تائين پهچندا آهن. تنهن ڪري، سريلنڪا جي بندرگاهن سان جپان جي وابستگي ملاڪا اسٽريٽ (Strait of Malacca) ۽ هنديسمنڊ  جي بحري تجارتي رستن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

خاص طور تي، سريلنڪا جي ڪولمبو بندرگاهه، ترنڪومالي جي قدرتي بندرگاهه، ۽ همبنٽوٽا بندرگاهه اڀرندي ايشيا کي اولهه واري ملڪن سان ملائيندڙ بين الاقوامي سامونڊي رستن تي اسٽريٽجڪ طور تي واقع آهن. ڪولمبو جي بندرگاهه ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي ٽرانسشپمينٽ مرڪز طور خدمات انجام ڏئي ٿي.

ڪولمبو بندرگاهه تي ويسٽ ڪنٽينر ٽرمينل کي ترقي ڏيڻ ۾ جپاني ۽ هندستاني ڪمپنين جي شموليت کي چين جي اثر رسوخ کي متوازن ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. جيئن ته جپان جا رٿيل ايل اين جي جهاز هندي سمنڊ  مان گذرندا، ڪولمبو بندرگاهه انهن لاءِ ريفيوئلنگ ۽ تڪنيڪي مدد جي هڪ اهم مرڪز طور ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

جپان جي نئين ڊراءِ ڊاڪ جي توسيع صرف هڪ انفرادي ڪمپنيءَ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ناهي؛ اها بين الاقوامي بحري سيڪيورٽي ۾ تيار ٿيندڙ نئين توازن جي عڪاسي ڪري ٿي. جڏهن ته آمريڪا پنهنجي بحري سار سنڀال لاءِ گهربل اهم بنيادي ڍانچو وڃائي چڪو آهي، اهو اوڀر ايشيائي اتحادين تي انحصار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آهي.

بهرحال، جاپان جي موجوده صنعتي صورتحال، گمجائش جون حدون، ۽ مزدورن جي کوٽ اها ڳالهه واضح ڪن ٿيون ته اهي اُميدون ڪو تڪڙو حل فراهم نٿيون ڪري سگهن. انهن حالتن ۾، هندي سمنڊ جي تجارتي رستن کي محفوظ رکڻ نه صرف جپان پر پوري عالمي معيشت لاءِ اھم آهي.

سريلنڪا جي بندرگاهن جي ترقي جپان جي بحري سپلاءِ چين کي محفوظ بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. چيني بحري مداخلت جي وڌندڙ خطري جي صورت ۾، سريلنڪا جي بندرگاهن تي جپان ۽ ان جي اتحادين جي موجودگي ان خطي ۾ هڪ اسٽريٽجڪ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

2035ع تائين پنهنجي ڊراءِ ڊاڪ کي وڌائڻ لاءِ جپان جي ڪوشش هڪ حڪمت عملي وارو قدم آهي جنهن جو مقصد پنهنجي مقامي معيشت کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ بحري تجارت ۾ پنهنجي مقام کي محفوظ ڪرڻ آهي.

ان هوندي به، جپان جي موجوده گنجائش جي کوٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ آمريڪي اتحاد جي آپريشنل حدن کي ظاهر ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ، هندي سمنڊ ۾ سريلنڪا جي ڪولمبو ۽ ترنڪومالي بندرگاهن سان گهري وابستگي جپان لاءِ اهو بنيادي عنصر رهندي جيڪو کيس پنهنجو تجارتي ٻيڙو محفوظ طريقي سان هلائڻ ۽ هڪ غير منطقع عالمي سپلاءِ چين کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندو.

_____________

Leo-Nirsha-Darshan-220x220

ليئو نروشا درشن، ڪولمبو

ڏکڻ ايشيائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button