سنڌي ادب: مان، ڪنارو ۽ هڪ ٽاڪ منجھند… ( نظماڻو نثر)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

مان، ڪنارو ۽ هڪ ٽاڪ منجھند.
منهنجي سامهون هئي
منڇر ڍنڍ،
سنڌ جي سيني تي ٽنگيل
هڪ نيرو آئينو،
جنهن ۾ آسمان پنهنجو چهرو ڏسندو هو
۽ هوائون گيت ڳائينديون هيون.
ڪنارن تي مھاڻن جا گهر،
پاڻي ۽ محبت جون ڪهاڻيون،
سانورن ٻارن جا ٽهڪ،
پکين جا ولر
۽ ٿورو پرڀرو قبرستان
ڄڻ ھڪ ئي جاءِ تي
زندگيءَ ۽ موت جو
ميڙو لڳل هجي.
مون جيئن ئي منڇر جي آلي زمين تي
پنھنجا قدم رکيا،
ڪناري طرف ھلڻ لڳيم ته
اتي ٿيل تباھي ڏسي
ساھ منجھڻ لڳو سوچيم ته
ھي ھتي ڪيئن ٿا رھن!؟
ويھ ٽيھ سال پھرين
منڇر ائين ته نه ھئي!!
۽ ھڪ نظر پاڻيءَ ڏانهن نهاريم
ته ان جي لهرن ۾
صدين جا داستان ترندا نظر آيا.
موهن جي دڙي کان وٺي
اڄ جي ڳوٺاڻن تائين
هر دور جو ساھُ ڍنڍ جي
ڇاتيءَ ۾ محفوظ لڳو.
پوءِ…، منھنجي اندر
هڪ سُڏڪو ٻڌو.
هوا اداس، پکي خاموش،
بتيلا اجڙيل
۽ پاڻيءَ جو چهرو
ڪنهن بيمارَ جيان
ھئيڊو/ پيلو پسيم!!
مون پڇيو
اي منڇر! تنهنجي جيون ۾ ھي سڀ ڇو؟
ڍنڍ وراڻيو
مون کي ياد آهن
اُهي ڏينهن جڏهن منهنجي رڳن ۾
صاف پاڻيءَ جا وهڪرا وهندا هئا
پر هاڻي زهر جا وهڪرا
منهنجي وجود ۾ اوتي ڇڏيا اٿن
جن مون سان گڏ
مسڪين ملاحن جو
جيئڻ به زھر ڪري ڇڏيو آهي.
مون کي ياد آهن
اُهي ٻيڙيون
جيڪي مالا مال ھيون
خوشحالي سان پر هاڻي
منهنجا ڪنارا
بيروزگاريءَ ۽ ڍونڍ سان
واسيل آهن!!
مون کي ياد آهن
اُهي مڇيون جيڪي
منهنجي ساھ سان ساھُ کڻنديون هيون
پر هاڻي موتَ
منهنجي سيني ۾
پنهنجو ڄار اڇلائي ڇڏيو آهي.
۽ پوءِ
ماحول ۾ ماٺار ڇائنجي وئي.
مان
ڏسندي رهيس
وقت جي بي رحميءَ کي،
انسان جي غفلت کي
۽ ترقيءَ جي ان ڪوڙي دعويٰ کي
جنهن فطرت کي
بي موت ماري ڇڏيو.!
منڇر رڳو هڪ ڍنڍ ناهي
هيءَ سنڌ جي اک آهي
جنهن مان جيڪڏهن
روشني هلي وئي ته
صدين جي سونهن
اوندهين راتين ۾ گم ٿي ويندي.
سوچان ٿي
منڇر جي زخمن تي
مرهم رکجي،
دريائن کي سندن رستو
موٽائي ڏجي،
پاڻيءَ کي
پھرين جيان پاڪ ڪجي،
فطرت سان پنهنجو ناتو
وري جوڙجي.
ڇو ته
منڇر مري ته
رڳو پاڻي نه مرندو، ان سان گڏ
هڪ تهذيب، هڪ ثقافت،
هزارين خواب ۽
سنڌ جي روح جو
هڪ حصو به خاموش ٿي ويندو.
۽ منڇر جيئندي ته
لهرن مان اميد اڀرندي،
پکين جا گيت موٽندا
سنڌ جي سيني جو
ڌنڌلو ٿي ويل نيرو آئينو
وري چمڪندو
ملاحن جون مرڪون
وري وکرنديو
منڇر جون ڇوليون
وري جھولنديون.
_______________

حميرا نور



