Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

علامه اقبال شڪارپور سنڌ جي ھڪ عالم علي محمد ڪاڪيپوٽي جو شاگرد ھو

لاهور اورينٽل ڪاليج جي انتظاميا علي محمد ڪاڪيپوٽي کي علامه اقبال جي علمي رهنمائيءَ لاءِ مقرر ڪيو ھو. علي محمد ڪاڪيپوٽو پنهنجي دور جو ناميارو عالم، حڪيم، شاعر ۽ گهڻ رخي علمي شخصيت ۽ سنڌ جو پهريون عالم هو، جنهن مولوي فاضل ۽ منشي فاضل جون سندون حاصل ڪيون هيون. هن دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان حڪمت جي تعليم حاصل ڪئي، پنجاب يونيورسٽيءَ جي اورينٽل ڪاليج لاهور سان به سندس علمي وابستگي رهي، جتي هن فيلو طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس علمي دلچسپي رڳو طب ۽ حڪمت تائين محدود نه هئي، پر فلسفي، منطق، عربي، فارسي ۽ ٻين علمي موضوعن ۾ به کيس غيرمعمولي مهارت حاصل هئي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل. علي محمد ڪاڪيپوٽي جي تصوير فرضي آھي

نسيم بخاري

سنڌ جي تاريخ علم، ادب، فلسفي، حڪمت ۽ فڪر جي اهڙن روشن ستارن سان ڀريل آهي، جن پنهنجي علمي قابليت، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري سگهه سان نه رڳو پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو، پر برصغير جي علمي دنيا ۾ به پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو. بدقسمتيءَ سان اسان پنهنجي علمي ۽ ادبي اثاثن کي محفوظ ڪرڻ، انهن تي سنجيده تحقيق ڪرڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ گهربل ڌيان ۽ انتظام نه ڪري سگهيا آهيون. نتيجي ۾ اسان جون ڪيتريون ئي علمي شخصيتون تاريخ جي ورقن ۾ ته موجود آهن، پر عام ماڻهن جي شعور ۽ اجتماعي يادگيريءَ جو حصو بڻجي نه سگهيون آهن.

شڪارپور جي تاريخ به اهڙين شخصيتن سان مالامال آهي، جن جي علمي عظمت جا داستان اڃا تائين مڪمل طور منظرعام تي نه اچي سگهيا آهن. انهن ئي شخصيتن ۾ علامه مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽو هڪ اهم ۽ قابلِ احترام نالو آهي، جنهن جي علمي زندگيءَ جو هڪ غيرمعمولي حوالو ڊاڪٽر علامه محمد اقبال سان سندس استاد ۽ علمي رهنما واري نسبت آهي.

هيءَ ڳالهه شڪارپور لاءِ رڳو فخر جو سبب ناهي، پر سنڌ جي علمي تاريخ جو پڻ هڪ اهم باب آهي ته علامه اقبال جهڙي عالمي شهرت رکندڙ شاعر جي فڪري ۽ علمي اوسر ۾ سنڌ جي هڪ عالم جو حصو رهيو. ڪنهن به وڏي شخصيت جي علمي اڏاوت ۾ سندس استادن، رهنمائن ۽ علمي ساٿين جو ڪردار به غيرمعمولي هوندو آهي. شاگرد جي عظمت جي اڏاوت ۾ حصو وٺندڙ استاد جي اهميت به ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نٿي ٿي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن استاد جو علمي حصو سندس شاگرد جي شهرت کان به وڌيڪ گهرو ۽ بنيادي هوندو آهي.

علي محمد ڪاڪيپوٽو 1903ع ڌاري ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ بهادر خان ڪاڪيپوٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پنهنجي دور جا ناميارا عالم، حڪيم، شاعر ۽ گهڻ رخي علمي شخصيت هئا. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي پنهنجي ڪتابن ”سج جهڙا پرين“ ۽ ”علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ سندس همعصر عالم“ ۾ لکي ٿو ته علي محمد ڪاڪيپوٽو سنڌ جو پهريون عالم هو، جنهن مولوي فاضل ۽ منشي فاضل جون سندون حاصل ڪيون هيون. هن دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان حڪمت جي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته پنجاب يونيورسٽيءَ جي اورينٽل ڪاليج لاهور سان به سندس علمي وابستگي رهي، جتي هن فيلو طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس علمي دلچسپي رڳو طب ۽ حڪمت تائين محدود نه هئي، پر فلسفي، منطق، عربي، فارسي ۽ ٻين علمي موضوعن ۾ به کيس غيرمعمولي مهارت حاصل هئي. زندگيءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ موٽي آيو، جتي حڪمت سان گڏ درس ۽ تدريس جو سلسلو به جاري رکيائين. پهرين مارچ 1967ع تي وفات ڪيائين.

ڳوٺاڻي ماحول مان نڪري دهلي ۽ لاهور جهڙن وڏن علمي مرڪزن تائين پهچڻ، مختلف علمن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي قابليت جي بنياد تي علامه اقبال جهڙي مفڪر جي علمي زندگيءَ ۾ جاءِ ٺاهڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اهو ان دور جي سنڌي عالمن جي مطالعي، محنت، علمي وسعت ۽ فڪري صلاحيتن جو ثبوت آهي.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن لاهور اورينٽل ڪاليج جي انتظاميا طرفان علي محمد ڪاڪيپوٽي کي علامه اقبال جي علمي رهنمائيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو ته علامه اقبال پهريان سندس علمي صلاحيتن ۽ ڄاڻ جي پرک ورتي. پر جڏهن کيس ڪاڪيپوٽي جي علم، تجربي، مشاهدي ۽ ذهانت جو اندازو ٿيو ته هُو سندس علمي قابليت کان ڏاڍو متاثر ٿيو. روايت موجب علامه اقبال لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين روزانو پنهنجي گاڏي علي محمد ڪاڪيپوٽي ڏانهن موڪليندو رهيو، جيڪو وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چڙهي وٽس ايندو ۽ علمي رهنمائي ڪندو هو. علامه اقبال، ڪاڪيپوٽي جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ٻه سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا، جن مان هڪ فارسيءَ ۾ ۽ ٻيو انگريزيءَ ۾ هو. ان کان سواءِ کيس 300 رپيا معاوضو ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر ڪاڪيپوٽي اهو معاوضو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بعد ۾ علامه اقبال پاڻ اورينٽل ڪاليج پهچي انتظاميا تي زور ڀريو ته ڪاڪيپوٽي جي علمي خدمتن جو معاوضو کين وصول  ڪرڻ تي آمادہ  ڪيو وڃي.

اھا ڳالهه هڪ وڏو علمي ۽ اخلاقي سبق رکي ٿي. هڪ پاسي علامه اقبال پنهنجي علمي ضرورت لاءِ هڪ سنڌي عالم جي قابليت کي تسليم ڪري ٿو، ته ٻئي پاسي علي محمد ڪاڪيپوٽو آهي، جيڪو پنهنجي علم کي مالي لالچ بدران علمي خدمت ۽ ذميواري سمجهي ٿو.

زمان ۽ مڪان جي فلسفياڻي تحقيق جي حوالي سان به علامه اقبال کي علي محمد ڪاڪيپوٽي جي رهنمائي حاصل رهي. هڪ ڀيري علامه اقبال جڏهن لاهور اورينٽل ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ ڪجهه ڪتابن جي ڳولا ۾ ويو ته اتي موجود ڪتابن سان گڏ انهن جا مطالعي لاءِ جاري ٿيڻ وارا رجسٽر به ڏٺائين. جڏهن سندس نظر ان رجسٽر تي پئي، جنهن ۾ مطالعي لاءِ ڪتاب کڻندڙن جا نالا درج ٿيل هئا، ته هُو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ڪيترائي انتهائي اهم ۽ علمي ڪتاب سنڌ جي هڪ عالم، علي محمد ڪاڪيپوٽي جي مطالعي ۾ رهيا هئا. اها ڳالهه سندس لاءِ حيرت جو سبب بڻي. بعد ۾ جڏهن علامه اقبال کي ڪجهه خاص موضوعن تي علمي رهنمائيءَ جي ضرورت محسوس ٿي ته ان مقصد لاءِ به ڪنهن ٻئي بدران علي محمد ڪاڪيپوٽي جي چونڊ ڪئي وئي.

دادا سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما“ ۾ به مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته علامه اقبال جي هڪ قديم فلسفي بابت ليڪچر جي سلسلي ۾ مولوي علي محمد جي علمي مدد حاصل ڪئي وئي هئي، جنهن جي اعتراف ۾ علامه اقبال کيس سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو.

علي محمد ڪاڪيپوٽو رڳو وڏو عالم ۽ محقق ئي نه، پر هڪ بهترين شاعر پڻ هو. مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي وفات تي ٿيل تعزيتي مشاعري ۾ جڏهن شاعرن پنهنجون تخليقون پيش ڪيون ته ڪاڪيپوٽي جي شاعريءَ کي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو ويو ۽ سندس تخليق کي ٻين سمورين تخليقن کان بهترين قرار ڏنو ويو. سندس ڪجهه تحقيقي ۽ علمي مضمون لاهور اورينٽل ڪاليج جي رسالي ۾ پڻ شايع ٿيا، جن کي علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو.

سندس عربي ٻوليءَ تي غيرمعمولي دسترس جو هڪ ٻيو اهم مثال جرمن محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اينيميري شمل سان سندس ملاقات آهي. هڪ ڀيري ھوءَ ڳڙھي ياسين آئي  هئي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته سندس ملاقات ڪنهن اهڙي عالم سان ڪرائي وڃي، جيڪو عربي ٻوليءَ جو ڄاڻو هجي. جڏهن سندس ملاقات علي محمد ڪاڪيپوٽي سان ڪرائي وئي ته ڪاڪيپوٽي جي عربي ٻوليءَ تي غيرمعمولي مهارت ۽ رواني ڏسي هوءَ ڏاڍي متاثر ٿي. سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن به غيرعرب جي زبان مان ايتري سٺي ۽ معياري عربي نه ٻڌي هئي، جيتري علي محمد ڪاڪيپوٽي جي واتان ٻڌي اٿائين.

هاڻي جيڪڏهن علامه اقبال جي شخصيت ۽ علمي عظمت تي نظر وجهجي ته هو ويهين صديءَ جي انهن نامور شخصيتن مان هو، جن پنهنجي شاعري، فلسفي، فڪر ۽ سياسي بصيرت سان برصغير جي مسلمانن جي ذهني ۽ فڪري دنيا تي گهرا اثر ڇڏيا. علامه محمد اقبال 9 نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ شيخ نور محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ڪشمير مان لڏي اچي سيالڪوٽ ۾ آباد ٿيا هئا. ننڍپڻ کان ئي کيس علمي ۽ روحاني ماحول ميسر ٿيو. سندس استاد مولوي مير حسن سندس علمي ۽ فڪري تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اقبال جي ذهانت، مطالعي جي شوق ۽ غيرمعمولي محنت کيس ننڍي عمر ۾ ئي علمي ميدان ۾ نمايان ڪري ڇڏيو.

هن سيالڪوٽ ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي انگريزي، فلسفي ۽ عربيءَ جا مضمون پڙهيائين. اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ به سندس تعليمي وابستگي رهي. اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ ۽ جرمنيءَ جو رخ ڪيائين. ڪيمبرج ۾ فلسفي جو مطالعو ڪيائين، لنڪنز اِن مان قانون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ جرمنيءَ جي ميونخ يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو موضوع ”ايران ۾ مابعدالطبيعات جو ارتقا“ هو.

علامه اقبال جو فڪر رڳو شاعريءَ تائين محدود نه هو. هن فلسفي، مذهب، انسان جي داخلي قوتن، خودي، عشق، عقل، روحانيت ۽ ڪائنات جي حقيقتن تي گهرو ويچار ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ خودي، عمل، خوداعتمادي، انساني عظمت ۽ اجتماعي بيداريءَ جا موضوع بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن پنهنجي فڪر ۽ شاعريءَ ذريعي مسلمانن کي ذهني غلاميءَ مان نڪرڻ، پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ جو پيغام ڏنو. 1930ع ۾ الهه آباد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ سندس صدارتي خطاب برصغير جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو.

اهڙي مفڪر جي علمي اوسر ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ڪيترو حصو هو؟ ڇا سندس عظمت رڳو سندس ذاتي محنت جو نتيجو هئي، يا ان جي پٺيان استادن، رهنمائن، علمي ساٿين ۽ مطالعي جي وسيع دنيا جو به ڪردار موجود هو؟ حقيقت اها آهي ته دنيا جي هر وڏي شخصيت جي پٺيان علمي تربيت، رهنمائي، مطالعي ۽ تجربي جو هڪ وڏو سلسلو هوندو آهي. اقبال جي ابتدائي تعليم ۾ مولوي مير حسن جو ڪردار، يورپ ۾ سندس استادن جي رهنمائي ۽ لاهور جي علمي ماحول سان سندس وابستگي سندس فڪري سفر جا اهم مرحلا هئا. انهيءَ ئي تناظر ۾ علي محمد ڪاڪيپوٽي جو حوالو به خاص اهميت رکي ٿو.

اسان جي سماج ۾ عام طور تي وڏن شاگردن کي ياد رکيو ويندو آهي، پر انهن جي استادن کي گهڻو ڪري وساري ڇڏبو آهي. دنيا ڪنهن شاعر کي سندس شاعريءَ سبب، ڪنهن مفڪر کي سندس فلسفي سبب، ڪنهن سائنسدان کي سندس ايجادن سبب ۽ ڪنهن اڳواڻ کي سندس ڪارنامن سبب ياد ڪندي آهي، پر انهن شخصيتن جي علمي تربيت ڪندڙ استادن جا نالا اڪثر تاريخ جي پسمنظر ۾ رهجي ويندا آهن. حالانڪه استاد رڳو ڪتابي ڄاڻ منتقل ڪرڻ وارو ماڻهو ناهي، پر هو شاگرد جي سوچ کي نئون رخ ڏئي ٿو، سندس ذهن ۾ سوال پيدا ڪري ٿو، مطالعي جي خواهش وڌائي ٿو ۽ کيس پنهنجي صلاحيتن جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. هڪ سٺو استاد پنهنجي شاگرد جي اندر موجود امڪانن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

انهيءَ ڪري ڪنهن شاگرد جي عالمي شهرت، ان جي استاد جي علمي اهميت کي گهٽائي نٿي سگهي. بلڪه ڪنهن استاد جي علمي عظمت جو هڪ وڏو ثبوت اهو به آهي ته سندس شاگرد پنهنجي دور ۾ وڏو نالو پيدا ڪري. اقبال پنهنجي غيرمعمولي مطالعي، فڪري جاکوڙ، تخليقي سگهه ۽ مسلسل محنت سان جيڪو مقام حاصل ڪيو، اهو سندس پنهنجو ڪمال هو. پر سندس علمي سفر ۾ جن استادن ۽ رهنمائن پنهنجو حصو وڌو، انهن کي به تاريخ ۾ مناسب جاءِ ملڻ گهرجي.

علي محمد ڪاڪيپوٽي جو حوالو انهيءَ سوچ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. جيڪڏهن علامه اقبال جهڙو مفڪر فلسفي، منطق ۽ زمان ۽ مڪان جي مسئلن تي سنڌ جي هڪ عالم کان رهنمائي حاصل ڪري ٿو، ته اها ڳالهه رڳو ڪاڪيپوٽي جي ذاتي عظمت نه، پر سنڌ جي علمي روايت جي وسعت جو به اعتراف آهي.

شڪارپور تاريخي طور علم، ادب، واپار، تهذيب ۽ ثقافت جو اهم مرڪز رهي آهي. هن شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، محقق، حڪيم ۽ سماجي اڳواڻ پيدا ڪيا آهن. پر افسوس اهو آهي ته اسان انهن شخصيتن جي زندگيءَ، علمي ڪم ۽ تاريخي حيثيت بابت منظم تحقيق نه ڪري سگهيا آهيون. نتيجي ۾ ڪيترائي نالا مقامي روايتن ۽ پراڻن ڪتابن جي صفحن تائين محدود ٿي ويا آهن. علي محمد ڪاڪيپوٽو به اهڙي ئي علمي ورثي جو حصو آهي، جنهن کي وڌيڪ تحقيق ۽ مناسب سڃاڻپ جي ضرورت آهي.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي تحقيقي رسالي Sindhological Studies، جلد 19، سال 2001ع ۾ ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ جو مقالو The Scholars of Larkana District and Their Contributions Towards Arabic & Islamic Sciences پڻ هن حوالي سان اهميت رکي ٿو. ان مقالي ۾ مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽي جو ذڪر ضلعي شڪارپور سان تعلق رکندڙ عالم طور ڪيو ويو آهي. ساڳئي مقالي ۾ علامه اقبال جي فلسفي جي ڪجهه ڏکين مسئلن بابت هن عالم کان سکڻ جو حوالو پڻ موجود آهي.

اسان جي تعليمي ادارن، سنڌي ادبي سنگت، سنڌالاجي، اقبال اڪيڊمي، تاريخدانن ۽ مقامي محققن کي گهرجي ته علي محمد ڪاڪيپوٽي جي زندگيءَ ۽ علمي خدمتن تي گڏيل تحقيق ڪن. سندس تعليم، علمي وابستگين، حڪمت جي خدمتن، شاگردن، لکيل ڪتابن، خطن ۽ خاندان وٽ محفوظ يادگيرين کي گڏ ڪري جامع سوانح عمري تيار ڪئي وڃي. شڪارپور جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ سندس نالي سان علمي تقريب، سيمينار يا تحقيقي ليڪچر منعقد ڪرڻ به هڪ سٺي شروعات ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن سندس نالي سان ڪو علمي انعام يا اسڪالرشپ شروع ڪئي وڃي ته اهو سندس علمي خدمتن کي زنده رکڻ جو وڌيڪ اثرائتو طريقو ثابت ٿي سگهي ٿو.

عظيم شاگردن جي تاريخ لکڻ وقت انهن جي استادن جي ڪردار کي وسارڻ، علم جي پنهنجي روايت سان ناانصافي ڪرڻ برابر آهي. شڪارپور کي پنهنجي اهڙن علمي محسنن تي فخر ڪرڻ گهرجي، ۽ سنڌ کي انهن جي تاريخ محفوظ ڪرڻ گهرجي.

_____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button