Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

هڪ اهم سوال: سياست، سماج کي سڌاريندي يا سماج سياست کي ٺيڪ ڪندو؟

سماج درحقيقت سياست لاءِ زمين جيان هوندو آهي ۽ سياست سماج جي اندر پيدا ٿيندڙ اختيار کي منظم ڪرڻ جو عمل آهي. انهيءَ ڪري سياست کي سماج کان الڳ سمجهڻ مشڪل آهي پر، سماج تبديل ٿيندو تڏهن ئي سياست به تبديل ٿيندي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

سماج يا معاشري لفظ جي ٿلهي ليکي معني ڪڍبي ته، ڌرتيء جو اهو خطو يا حصو، جتي مختلف ڪٽنبن، ذاتين، نسلن، مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو، پاڙا ٺاهي پاڻ ۾ گڏجي رهن، ڏکئي سکي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ دڪان کولي پنهنجا پنهنجا ڪم ۽ ڌنڌا ڪن، هڪٻئي کان پنهنجي دڪانن، گهرن جي ضرورت واريون شيون خريد يا وڪرو ڪن، پنهنجي مدد پاڻ تحت يا گڏجي سڏجي لئبريريون ۽ اسڪول قائم ڪري ٻارڙن يا اڻ پڙهيلن کي تعليم ۽ ڄاڻ ڏين، هنري ۽ فني مرڪز قائم ڪري بي ترتيب ماڻهن جي تربيت ڪن، اسپتالون جوڙي بيمارن ۽ بيمارين جا علاج ڪن۔ سيکڙاٽ ذهنن ۾ پنهنجا توڙي ٻين جا بهتر تجربا اوتي کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لائق بڻائن وغيره وغيره۔

انهيء موضوع کي ٿورڙو اڳڀرو ڪندي، هتي اها به ڳالهه لکڻ ضروري سمجهجي ٿي ته، جتي جتي يا جنهن به خطي يا ملڪ ۾، اهي مٿيان سمورا ڪم بنا ڪنهن ڊپ ڊاء، خوف، دهشت، وحشت يا ويڙهه جهيڙهه جي جاري رهيا آهن، اتي اڪثر ڪري ترقيء سان گڏ خوشحالي به ڏسڻ ۾ آئي آهي پر، جتي به مختلف ڪٽنبن، برادرين، گروهن، نسلن ۽ مذهبن جي ماڻهن وچ ۾ حسد، بغض، ڪينو، اختلاف، تڪرار يا ننڍا وڏا جهيڙا ۽ فساد ٿيا يا ٿيندا رهن ٿا، اهي علائقا اڪثر تباهه، برباد، ڀڙڀانگ ۽ ماضيء جا مزار ٿيندي ڏٺا ويا آهن۔ اتي ماڻهو ته ٺهيو پر ڪتا ۽ ٻلا به نظر ناهن ايندا۔ اهڙن علائقن کي اڪثر ڦٽل آثارن سان مشابهت ڏني ويندي آهي ۽ پڻ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن آثارن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ڪتابن جي زينت به بڻجي ويندا آهن۔

پر اها به هڪ تاريخي حقيقت رهي آهي ته، جڏهن انسانن وٽ ڪجهه به نه هئو، ڪو مال ملڪيت ۽ ڪنهن جائيداد جو تصور به نه هئو يعني جڏهن هو جهنگن يا جبلن جي غارين ۾ زندگيون گذاريندا ۽ بيابانن ۾ بنا سبب رلندا هئا، تڏهن به هو پاڻ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي يا کاڌخوراڪ وارين شين تي وڙهندا، هڪٻئي کي ڪٽيندا، رت وهائيندا، ڦٽي وجهندا يا مورڳو ئي قتل ڪري ڇڏيندا هئا۔ اهڙو عمل هو وحشي جانورن سان گڏ رهندي به ڪندا رهيا ۽ جڏهن انهن کان جدا ٿي وسنديون وسايون، ڳوٺ ۽ شهر ٺاهيا، تڏهن کان اڄ تائين به جاري رکندا پيا اچن۔ بهرحال هڪ وڏي افسوس جو مقام اهو به آهي، دنيا جي ڪجهه هنڌن تي ته، ماڻهن مارڻ واري عمل کي پيشو بڻائي ڇڏيو ويو آهي ۽ ان پيشي تي ٻچن ۽ پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيا آهن، جنهن جو اڄ تائين ڪنهن حڪمران يا قانون نوٽيس وٺي ڪرائي جي قاتلن کي لغام نه ڏنو آهي، بهرحال اهڙي انساني عمل کي الميو ئي چئي سگهجي ٿو۔

اڄ جڏهن دنيا جي مختلف علائقن جي ٿورڙن پر چڱن ۽ انساني همدردي رکندڙ ڏاهن، عالمن ۽ سائنسدانن جي لڳاتار ڪوششن، ڏينهن رات محنتن سان ڪجهه سماج، ترقيون ڪندي پنهنجي تاريخي اوج تي پهتا آهن، تڏهن به انسانن ۾ موجود صدين پراڻو ”وحشي پڻو“ ختم ٿي ناهي سگهيو ۽ ماڻهو پاڻ کي خوش رکڻ لاء ٻين کي ڏک سور ڏئي ذهني آسودگي حاصل ڪري رهيا آهن۔ پاڻ انسان جي اهڙن ڪرڀ وارن ڪمن تي اڳ ۾ به تمام گهڻو لکي چڪا آهيون، انهيء ڪري، اڄ ان موضوع کان ٿورو هٽي، سماج سان انسان جي سياسي ڳانڍاپن بابت لکڻ جي ڪوشش ڪنداسون، جو قديم دئورن ۾ انهن کي الڳ الڳ خانن ۾ رکيو ويندو هئو پر، هاڻوڪي دور ۾ سماج ۽ سياست هڪٻئي لاء لازم ٿي پيا آهن ۽ جتي سماج آهي، اتي سياست به پنهنجا پر پکيڙي انسانن کي ڪڏهن گڏ ڪري ٿي، ڪڏهن وري کين جدا جدا سوچڻ ۽ ويڙهائڻ تي به مجبور ڪري ٿي۔

تاريخن ثابت ڪيو آهي ته، وقت گذرڻ سان هر قسم جو سماج، ڀلي اهو سڌريل هجي يا اڻسڌريل ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان تبدلين جو گهرجائو هوندو آهي، جن جون ضرورتون سمجهو ماڻهو ئي پوريون ڪندا آهن ۽ پراڻن جي جاء تي نون قاعدن، قانونن يا نظامن جو بندوبست ڪري، سماجن کي بهتر ڪندا آهن۔ هونئن به، جڏهن ڪي نظام پراڻا ٿيڻ لڳندا آهن ته چڱن توڙي چنڊن ٻنهي قسمن جي ماڻهن لاء هڪجهڙن نقصانن جو سبب بڻجندا آهن، انهن ۾ نواڻ يا سڌارا وقت جي ضرورت هوندا آهن، جيڪي فرد، گروهه، قبيلا، نسل، قومون، ملڪ نظامن ۾ سڌارن کان ڪن لاٽار ڪندي، کين گهٽ اهميت ڏيندا آهن، اهي آهستي آهستي پاڻ به تنزليء ڏانهن ويندا آهن ۽ وقت سان گڏ نظامن جي به تباهيء جو سبب بڻجي پوندا آهن۔

پاڻ جيڪڏهن انساني تاريخ جي سماجي ۽ سياسي فڪرن کي الڳ الڳ نظرن ۽ نظرين سان ڏسنداسين، هڪ دلچسپ ڳالهه اها به سامهون ايندي ته، هاڻي سياست، سماج کان ٻاهر ڪا الڳ شئي ناهي رهي، اها سماج جي اندر پيدا ٿيل انساني ضرورت ٿي پئي آهي. انساني ارتقا جي ابتدائي مرحلي ۾، جڏهن انسان ننڍن ننڍن گروهن ۾ رهندو هئو ۽ ان جو اڪيلو رهڻ پنهنجي بقا لاءِ وڏو مسئلو هئو، تنهن ڪري ئي هو گڏجي شڪار ڪرڻ، خاندان لاء خوراڪ حاصل ڪرڻ، اوچتن ۽ امڪاني خطرن کان بچڻ ۽ ٻارن جي سنڀال ڪرڻ سندن لاء وڌيڪ فائديمند عمل هئو. انهيء ڪري پهريون سماجي رشتو ڪنهن بادشاهه يا حڪومت جي حڪم سان نه، پر انسان جي پنهنجي بقا جي ضرورت مان پيدا ٿيو ۽ اڄوڪي معنى واري رياست، حڪومت، پارليامينٽ جو کيس تصور به نه هئو، نه ڪي سياسي پارٽيون هيون ۽ نه وري لکيل قانون هئا پر، انسان جي سماجي زندگي ضرور موجود هئي۔

هتي ذهن ۾ هڪ دلچسپ سوال هي به اٿي ٿو ته، ڇا قديم دورن ۾ سياست بلڪل به نه هئي؟ جيڪڏهن سياست مان مراد رياست، حڪومت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد وٺون، ته چئي سگهجي ٿو ته ابتدائي انساني سماجن ۾ ساڳئي نموني جي سياست بلڪل به موجود نه هئي. پر جيڪڏهن سياست جي وسيع معنى وٺون، يعني سماجن جي گروهن، ڪٽنبن يا نسلن اندر فيصلا ڪير ڪندو هئو؟ اختيار ڪنهن وٽ هوندا هئا؟ وسيلن جي ورڇ ڪيئن ٿيندي هئي؟ اختلاف ڪيئن حل ٿيندا هئا؟ ته جواب ايندو ته انهن وقتن ۾ سياست جا ابتدائي عنصر، سماجن ۾ پراڻين شڪلين ۾ موجود هئا. مثال طور ڪنهن شڪار ڪندڙ گروهه کي اهو فيصلو ڪرڻو پوي ته، ڪهڙي طرف شڪار ملڻ جو امڪان آهي؟ ۽ ڪهڙو شخص هوندو، جيڪو شڪار جي اڳواڻي ڪندو؟ شڪار ڪيل يا حاصل ٿيل خوراڪ ڪيئن ورهائبي؟ خطري وقت اڳواڻي ڪير ڪندو؟ اهي سڀئي سوال اڄ جي پارلياماني سياست ۾ موجود ناهن، پر اهي سياسي عمل جا ابتدائي ٻج ضرور هئا.

سماج کي سمجهڻ کانپوءِ سياست کي سڃاڻڻ لاءِ به هڪ اهم لفظ آهي اختيار حاصل ڪرڻ، اهو ڪنهن کي ملڻ گهرجي۔ جڏهن هڪ گروه جي شڪل ۾ ماڻهو گڏجي رهڻ لڳا ته، سڀني ماڻهن منجهه هر معاملي تي هڪجهڙا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت يا سگهه نه هئي. ڪڏهن ڪنهن تجربيڪار شڪاريء جي ڳالهه مڃي ويندي هئي، ڪڏهن ڪنهن بزرگ کي تجربن جي آڌار تي مڃتا ملندي هئي، ڪڏهن ڪنهن مضبوط يا بااثر شخص جي طاقت تي سڀني ماڻهن کي ڀاڙڻو پوندو هئو، البته جڏهن ڪي گڏيل مسئلا پيش ايندا هئا ته، سڄو گروهه گڏجي فيصلا ڪندو هئو. انهن گڏيل فيصلن تي به اڪثر هڪ بنيادي سوال ضرور پيدا ٿيندو رهيو ته، آخري ۽ منطقي فيصلي ڪرڻ جو حق ڪنهن وٽ هجڻ گهرجي؟ اصل ۾ اهڙن سوالن ئي اڳتي هلي، سماجن اندر سياست جا بنياد وڌا ۽ اها ئي سياست، سماجن مان گهمندي ڦرندي اڪثر گهرن ۽ گهراڻن ۾ گهر ڪري وئي آهي۔

جيئن جيئن انساني سماج، واڌ کائيندا رهيا، يعني اڳ ۾ خاندان، پوءِ قبيلا، بعد ۾ ڳوٺ، ڳوٺن مان شهر، آخر ۾ رياستون ۽ ملڪ ٺهيا۔ مطلب هر نئين مرحلي تي انسان جو سماجي تعلق وڌيڪ پيچيده ٿيندو ويو. مثلاً ننڍڙن خاندانن ۾ جيڪڏهن ٻن فردن جو اختلاف ٿيندو هئو ته، ڪٽنبن جا وڏا حل ڪڍي وٺندا پر، جيڪڏهن سوين ماڻهو هڪ هنڌ رهندا ته سوال پيدا ٿيندا۔ هيء زمين ڪنهن جي آهي؟ پاڻي ڪير ورهائيندو؟ خوراڪ اڳ ۾ ڪير کائيندو ۽ ڪنهن کي ٻئي ويلي تي ملندي؟ چوري ٿئي يا ڪنهن سان ناانصافي ته ان جو فيصلو ڪير ڪندو؟ دشمنن سان ويڙهين جي صورت ۾ اڳواڻي ڪير ڪندو؟ ٻارن، عورتن، بيمارن ۽ پوڙهن جي حفاظت جو ڪير ذميوار هوندو؟ مطلب جڏهن سماج اهڙين صورتحالن مان گذريا ته، صرف خانداني رشتا ڪافي نه رهيا، پر قيادتون، قاعدا ۽ اختيار وڌيڪ اهم ٿيندا ويا.

انهيءءَ دوران جڏهن زراعتي شعبي جو وجود پيو ته، انساني سياست ۾ وڏو موڙ پيدا ٿيو۔ تقريباً ڏهن کان ٻارنهن هزار سال اڳ دنيا جي مختلف علائقن ۽ هنڌن تي انسانن زراعت جو بنياد وڌو ته، انهيء سان گڏ سماجن ۾ مستقل آبادي به وڌڻ لڳي. جنهنکي عام طور تي نئين پٿر جو دور چيو وڃي ٿو. انکان اڳ ڪيترائي انساني گروهه شڪار ۽ خوراڪ گڏ ڪرڻ تي ڀاڙيندا هئا جڏهن زراعت سان زمينون سايون ٿيون، اناجن جون جنسون ۽ مقدار به وڌيا ته، ملڪيتون ٺاهڻ ۽ مستقل آباديء جو تصور به مضبوط ٿيو۔ اتان ئي سماج به وڌيڪ پيچيده ٿيا. واڌو پيداوار سبب طاقت جو به سوال پيدا ٿي پيو۔ فرض ٿا ڪريون ته هڪ ڪٽنب يا ڳوٺ گڏجي ضرورت کان وڌيڪ اناج پيدا ڪيو. اتي سوال پيدا ٿيو ته، انهيء واڌو اناج جو مالڪ ڪير هوندو؟ يا ڪنهن طبقي وٽ وڌيڪ زمين هٿ اچي وئي پيداوار به جهجي ٿي ته پوءِ ملڪيت، دولت، اثر ۽ اختيار جو سلسلو پيدا ٿيو. اتان ئي سماجن اندر طبقاتي فرق ۽ طاقت جي عدم مساوات وڌڻ شروع ٿي، اصل ۾ اهو ئي سياسي تاريخ جو به اهم موڙ هئو.

جڏهن ننڍيون آباديون وڏيون ٿي شهر بڻجڻ لڳيون، تڏهن انتظامي مسئلا به وڌيا. نتيجي ۾ تهذيبن جا بنياد پيا، جن ۾ وڏين آبادين کي منظم ڪرڻ لاءِ مختلف ادارا، حڪمرانيءَ جا طور طريقا پيدا ٿيا. آبپاشيء جو نظام قائم ڪيو ويو، سڌين ۽ سنوت وارين زمينن جي اهميت وڌي، ملڪيتن جا حساب ڪتاب ٿيڻ لڳا، اناجن جا قسم ۽ ذخيرا وڌڻ ڪري، انهن جا ويجهن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ واپار به ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن مختلف نسلن توڙي ماڻهن وچ ۾ اچ وڃ وڌڻ لڳي ته، دفاع جي مسئلن به ڪر کنيا، نتيجي ۾ فوجي انتظام ڪيا ويا۔ بعد ۾ ڏوهن خلاف قانون جڙيا، سزائون مقرر ٿيون، ادارن جا خرچ وڌيا ته، ٽيڪسون يا خراج وصول ٿيڻ لڳا۔ اهڙي وقت ۾ سياست صرف ”هڪ ڪٽنب، گروهه يا ڳوٺ جو فيصلو“ نه رهي پر هڪ منظم حڪمرانيء ۾ تبديل ٿيڻ لڳي.

ڪجهه ماڻهو، سياست کي مذهبي بنيادن يا بادشاهتي نظامن سان به ڳنڍيندا آهن، پر تاريخي لحاظ کان ائين سمجهڻ درست نه ٿيندو. ڇو ته مذهبن ۽ بادشاهتن کان اڳ ۾ به انساني آبادين ۾ قبائلي فيصلا، گڏيل ضابطا، تجربيڪار بزرگن جون مجلسون، مختلف شعبن جا اڳواڻ، اتحاد ۽ تڪرار موجود هئا. يعني سياست مذهبن ۽ بادشاهتن کان تمام گهڻي آڳاٽي آهي. وڌيڪ غور ڪبو ته قديم انساني سماجن ۾ اقتدار جون مختلف شڪليون رهيون آهن. ڪجهه فيصلا ننڍن سماجن ۾ نسبتاً اجتماعي طريقن سان ٿيندا هئا. ڪن قبيلن ۾ بزرگن يا سردارن جو اثر هوندو هئو. ڪٿي موروثي سرداري پيدا ٿيل هئي. ڪٿي جنگي اڳواڻ طاقتور ٿيا. تنهن ڪري سياست هڪ سال يا هڪ صديء ۾ ايجاد ٿيل شعبو ناهي، پر اها سياست هزارين سالن جي سماجي تبديلين سان گڏ مختلف شڪلين ۾ ترقي ڪندي رهي آهي.

ڪجهه سماجن اندر سياست ۾ ٻيو وڏو سوال ”وسيلن جي ورڇ“ جو پيدا ٿيو، انهيء ڪري سياست کي رڳو حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش سمجهڻ محدود تصور ٿيندو. سماجن ۾ سياست جو ٽيون بنيادي سوال هي به پيدا ٿيو ته، سماج کي هلائڻ لاء ڪيترا وسيلا گهرجن، اهي وسيلا ڪيئن پيدا ٿيندا يا ڪير حاصل ڪندو؟ زمينن مان اناج اپائڻ لاء پاڻي، انساني خوراڪ لاء رٿابنديون، قدرتي وسيلن مان فائدا حاصل ڪرڻ لاء ڪوششون وٺڻ، سياسي اختيارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاء ادارا جوڙڻ ۽ انهن جا خرچ برداشت ڪرڻ لاء پئسا ڪٿان ايندا، روزگار، تعليم، ٽرانسپورٽ، صحت، صفائي سٿرائي وغيره جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون ذميواريون ڪنهن مٿان هونديون ۽ انهن مٿان خرچ ڪير ڪندو؟ وغيره وغيره ۔

جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ وسيلا انتهائي گهٽ ۽ آبادي تمام گهڻي وڌيل هجي، ته وسيلن جي ورڇ جو سوال لازمي پيدا ٿيندو ۽ جتي ورڇ ۽ اختيار جو سوال پيدا ٿيندو آهي ته، اتي ئي سياست جي پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندا آهن۔ اڳ جڏهن سماج ننڍا هئا، اتي ته رشتا ڪيترن معاملن کي سنڀالي وٺندا هئا. جڏهن رياستون ۽ شهر وڌڻ سان سماجن به واڌ کاڌي ته، قاعدن ۽ قانونن جي ضرورت به وڌي. جڏهن قانون ٺهڻ لڳا تڏهن انهن جو مقصد رڳو ڏوهارين کي سزا ڏيڻ نه هئو، ملڪيتن کي تحفظ ڏيڻ، واپارن جو دائرو وڌائڻ، سماجي تعلقاتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ طرز حڪمرانيء کي ضابطي هيٺ آڻڻ وارا قانون شامل ڪيا ويا. اهڙيء طرح سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ڏسڻ، مختلف وقتن تي جنگي حڪمت عمليون جوڙڻ ۽ ٻين ڳالهين سميت اقتدار کي گڏ ڏسڻو پيو.

بهرحال، قديم سياست کانوٺي جديد سياسي پارٽين تائين هزارين سالن جو سفر ڪري دنيا هن جديد دور ۾ اچي پهتي آهي. جيتوڻيڪ قديم دور ۾ ڪٽنبن جا وڏا، قبائلي سرداريون، سلطنتون ۽ مذهبي اقتدار غالب رهيا، پر بعد ۾ مختلف جمهوري ادارا، عوامي نمائندگيون، قانون جي بالادستيء وارا عمل وڌندا ويا. خاص طور هن جديد دور ۾ آئيني حڪومتون، جمهوريتون، سياسي پارٽيون، عوامي ۽ انساني حقن جو تحفظ سياست جا اهم تصور بڻيا. تنهنڪري سياست کي رڳو اڄ جي پارليامينٽ ۽ چونڊن واري نظام سان ڀيٽ ڪرڻ تاريخي طور تي درست نه ٿيندو.

هاڻي پاڻ اچون ٿا، هن مضمون جي لکڻ جي مقصد ڏانهن ته، پهريان سماج وجود ۾ آيو يا سياست؟ ته جواب ايندو، سماج اڳ ۾ وجود ۾ آيو۔ ان جي معني اها بيٺي سياست، سماج کانپوء جي انساني ضرورت بڻي، جنهن به سماج جي اندر ئي آهستي آهستي پيدا ٿيندي هاڻي عروج حاصل ڪيو آهي ته، انجي انسان کي وڌيڪ ضرورت آهي، جو اڪثر انساني مسئلن جو حل سياست منجهه ئي نظر اچي ٿو۔ پر افسوس سان لکڻو پئجي رهيو آهي ته سواء يورپ جي باقي چئني کنڊن ۾ سياست کي پئسي سان ڳنڍي، ان کي غريب عوام کان پري ڪيو ويو آهي۔ خاص طور تي ايشيا جي چند ملڪن يعني چين ۽ جاپان جي باقي اڪثر ملڪن ۾ سياست کي ايترو ته گندو ۽ غليظ ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو سياست کان ئي نفرت ڪن ٿا۔

جڏهن ته اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته خراب سياستون ئي سماجن کي به خراب ڪن ٿيون۔ لڳاتار ٻن اڍائي صدين کان غلط سياستن سبڀ اڪثر سماج نه رڳو ڇڙوڇڙ رهيا آهن پر، ان سان گڏ انساني سماجن ۾ ڇڙواڳيون به انتها تي پهچي ويون آهن۔ جڏهن سياست جي نالي ۾ عوام سان ٺڳيون ٿينديون ته موٽ ۾ ماڻهن کي به جتي وارو لڳندو اتي هو به ٺڳيون ئي ڪندو۔ ووٽ جي نالي ۾ ڌانڌليون ٿينديون ته ڌاڌلين ذريعي چونڊيل نمائيندا، عوام سان ڪهڙي خيرخواهي ڪندا، ووٽ پئسن ۽ ڏنڊي جي زور تي ورتا ويندا ته، اسيمبلين ۾ عوامي مسئلن تي ڪير ۽ ڇو ڳالهائيندو؟ نتيجي ۾ سرڪارا ادارا به فيل مست هاٿي ٿي ڪمزور کي ڪچليندا، پوء ڇو نه اڪثر سماجن ۾ ننڍ وڏائيء جو تصور به ختم ٿيندو، خاص ڪري پنهنجي ملڪ ۾ پڇاڻو ڪرڻ جي جواب ۾ ووٽ کي مٽڻ جا جملا ٻڌڻ لاء ملندا, اتي عوام کي وري انصاف ڪٿان ملي سگهندو۔

بهرحال اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سياستن ۽ سياستدانن جي بدسلوڪي وارن روين ڪري، سماج ۽ عوام مان برداشت جو مادو ختم ٿيندو پيو وڃي۔ جڏهن ته هڪ خاص مهم ذريعي ڳوٺن ۾ وڏيرن ۽ شهرن جي طاقتور ماڻهن پنهنجن ٻلونگڙن ذريعي ڪجهه نوجوان ڦاسائي کين بي حيائي ۽ بيشرمائيءَ جا ٽاسڪ ڏئي، شريف ماڻهن جا پٽڪا لهرائڻ ۾ مشغول ڪري ڇڏيو آهي، ڪو حق سچ جي ڳالهه ڪري ٿو ته مٿس ڪوڙن الزامن جا ڌوڙيا ڪري چپ ڪرايو پيو وڃي۔ هاڻي ته ماڻهو سچيون شاهديون ڏيڻ لاء به ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ نه ٿا وڃن، متان بدمعاشن جي نظر ۾ نه اچي وڃون۔ آفيسن ۾ قاعدن ۽ قانونن تحت ڪم ڪندڙن کي پاسيرو ڪري انهن مٿان غيرقانوني ڪم ڪندڙ جونيئر آفيسر ٿاڦي شريف ملازمن کان غلط ڪم ڪرائڻ تي وڏيون سهوليتون پيون ڏنيون وڃن۔ غريب ۽ شريف ماڻهو جڏهن اهڙين صورتحالن مان گذرندا ته، سماج ڪٿان ترقي ڪندا اهي ته تنزليء ڏانهن ويندا۔ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪم ڪري سياستدانن سياست جو ته ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي پر هاڻي سماج کي به گندو پيا ڪن۔

اهڙيء طرح سماج کي گندو ڪري مٿان وري سياست ۽ سياستدانن کي ايترو ته مٿي کنيو ويو آهي جو غريب غربي جو ان تائين پهچڻ به مشڪل ٿي پيو آهي، جڏهن عوام دانهن به ڏئي ناهي سگهندو ته لازمي طور تي زندگي جي ونهوار کي هلائڻ لاء پاڻ به غلط ڪم ڪرڻ تي ئي مجبور ٿيندو ۽ هاڻي ايئن ئي پيو ٿئي، ڪمزور ماڻهو ڪڃرن آڏو سرينڊر ڪري پاڻ جهڙن ڪمزورن کي ڪهڻ تي مجبور ٿي پيا آهن۔ نتيجي طور اڳ وائيٽ ڪالر بدمعاش مشهور هوندا هئا، هاڻي ميرا ڪپڙا پاتل ۽ ريڙها هلائيندڙ به پاڻ جهڙن تي ڪات هلائي، ننڍي ۽ وڏي بدمعاش جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن۔ نتيجي ۾ سڄو سماج زنگ آلود بڻايو ويو آهي، جنهن کي سڌارڻ لاء به صدين جو وقت درڪار آهي۔ بهرحال نوبت اچي بيٺي آهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو به هڪٻئي کان پڇي رهيا آهن ته پهريان سماج کي سڌارجي يا سياست کي۔

 هن سڄي بحث مان اهم نتيجو به نڪري ٿو ته، سماج درحقيقت سياست لاءِ زمين جيان هوندو آهي ۽ سياست سماج جي اندر پيدا ٿيندڙ اختيار کي منظم ڪرڻ جو عمل آهي. انهيءَ ڪري سياست کي سماج کان الڳ سمجهڻ مشڪل آهي پر، سماج تبديل ٿيندو تڏهن ئي سياست به تبديل ٿيندي. سرڪاري ادارا به سماجي جوڙجڪ تي اثر وجهندا آهن. هن فڪري بحث ۾ هي نقطو خاص اهم ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ⁠ تہ ان مان اڳتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪڏهن سياست انسانن جي گڏيل زندگيءَ مان پيدا ٿي آهي، ته پوءِ سياست جو آخري مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ هجڻ گهرجي يا انسانن جي گڏيل ڀلائي؟

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. حميد منگي اسان جو بزرگ ساٿي آهي، سدائين سنجيدھ موضوعن تي لکندو رهي ٿو. سدائين خوش هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button