Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جوھيءَ جي تاريخي قبرستانن جي تباھي: تاريخ سان جُٺ ڪو ته روڪي

جوھي تعلقي ۾ نئن هليلي جي ڪناري پهاڙي تي ٻه قبرستان آهن. ڏکڻ طرف ڪلهوڙن جي اوائلي دور جي جرنيل جنگو خان جمالي جو قبرستان آهي جيڪو فريسڪو چٽسالي جو اعلي مثال آهي. جنگو خان جمالي جي اتر ۾ ٽڪريءَ تي هڪ نهايت ئي قديم قبرستان آهي جنهن ۾ پٿرن جي ڊگهن سليبن سان خانيدار قبرن ۽ ڇٽِيءَ وارو قبرستان آهي. انھيءَ ڇٽِيءَ کي رنگ روغن ڏئي ان جو اصل تعميري حسن برباد ڪيو ويو آهي. ان ۾ موجود قبر کي ٻڌي اصليت بگاڙي وئي آهي ۽ ان ڀرسان چندي جي پيتي رکي زوريءَ پير فقير بڻائي ڇٽِيءَ جي تاريخي اڏاوت سان هٿچراند ڪئي وئي آهي جيڪا اصل ۾ تاريخ سان جُٺ آهي.

تاريخ سان جُٺ. ھڪ تاريخي ڇٽيءَ واري قبر کي سائو رنگ ڏئي چندي جي پيتي رکي وئي اھي

عزيز ڪنگراڻي

ڳوٺ هليلي موجوده ڳوٺ مراد جمالي نئن هليلي جي ڪناري تي تعلقي جوهي، ضلعي دادو، سنڌ ۾ صدين کان قائم آهي. ڳوٺ کان اولھ ڏکڻ ۾ پهاڙي تي ٻه قبرستان آهن. ڏکڻ طرف ڪلهوڙن جي اوائلي دور جي جرنيل جنگو خان جمالي جو قبرستان آهي جيڪو فريسڪو چٽسالي جو اعلي مثال آهي. جنگو خان جمالي جي اتر ۾ ٽڪريءَ تي هڪ نهايت ئي قديم قبرستان آهي جنهن ۾ پٿرن جي ڊگهن سليبن سان خانيدار قبرن ۽ ڇٽِيءَ وارو قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ ڪيتريون ئي خانيدار قبرون هيون جن جا صرف بنياد موجود آهن پر ڪي اڃان به موجود آهن. مون هنن قبرن ۾ 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ پيل انساني ڍانچا خود ڏٺا هڻا. هنن قبرن جي تعمير جو نمونو تاريخي شهر واهي پانڌي جي اولھ ۾ نئي نلي جي ساڄي ڪناري (ڏکڻ) وارين قبرن جهڙو آهي. هنن ۾ سليبن تي چٽسالي آهي پر ڪا لکت يا نالو اڪريل ناهي.

ڇٽيءَ واري اصل قبر

ممڪن آهي ته ڪا لکت هجي پر گم ٿي ويل آهي يا آهي پٿر کڄي ويل آهن. هن قبرستان ۾ هڪ نرالي تعمير ڇٽي جي آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ ڪاڇي ۾ هڪ منفرد ۽ نرالي تعمير وارو ورثو آهي. اهڙي ڇٽي ڇني کان شهدادڪوٽ تائين ڪاڇي ۾ ناهي. ڇني ۾ شهداد کوسي جي قبرستان ۾ آهن پر اهي ڇٽيون به تباھ ٿي ويل آهن يا گاجي شاھ واري قبرستان ۾ به ڇنيءَ وارين ڇٽين جهڙيون ڇٽيون هيون پر اهي ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ انهن جا پٿر ٻين شهرن ڏانهن کڄي ويا. ڇنيءَ ۽ گاجي شاھ واريون گم ڪيل ڇٽيون سمن جي دور جي نشاندهي ڪن ٿيون پر هليليءَ واري ڇٽي نهايت قديم آهي.

هليليءَ واري ڇٽي سماعيل فقير جي نالي سان منسوب آهي جنهن جي ڪابه تاريخي تصديق ناهي ته ڇٽِيءَ ۾ سماعيل نالي سان ڪو فقير دفن ٿيل آهي. صرف مقامي روايت ئي آهي. ڇٽي جي تعمير ۾ چٽسالي ٿيل وڏا پٿر ڪم آيل آهن جن ۾ ڪوبه گارو، گپ، گِلِ يا ٻيو مصالحو ڪم آيل نه آهي. ڇٽي جي گنبذ ۾ اندران تعمير سورج مُکي جي گل جهڙي آهي ۽ پاسن سان سج جي ڪرڻن نما چٽسالي آهي. ڇٽِيءَ ۾ قبر به خاندار هئي جنهن جا پٿر اکڙيل صورت ۾ پيل هئا. ڇٽي جي اوڀر ۾ ڪيتريون ئي خاندار قبرون آهن جيڪي اڄ به اکڙيل صورت ۾ موجود آهن. هيءَ قبرون زرتشتي مذهب جي ماڻهن جي ياد تازي ڪن ٿيون. انهيءَ بابت مون پنهنجي مضمونن ۽ ڪتابن ۾ دليلن سان تفصيلي ذڪر ڪيو آهي پر هت ان ڇٽيءَ سان ڪيل جُٺ تاريخ سان جُٺ سمجهان ٿو. ڇٽِيءَ کي رنگ روغن ڏئي ان جو اصل تعميري حسن برباد ڪيو ويو آهي. ان ۾ موجود قبر کي ٻڌي اصليت بگاڙي وئي آهي ۽ ان ڀرسان چندي جي پيتي رکي وئي آهي. زوريءَ پير فقير بڻائي ڇٽِيءَ جي تاريخي اڏاوت سان هٿچراند ڪئي وئي آهي جيڪا اصل ۾ تاريخ سان جُٺ ڪئي وئي آهي. حيرت ان ڳالھ جي آھي ته ڪو به ان جُٺ کي روڪڻ وارو نه هو؟ اسين پاڻ پنهنجن تاريخي ماڳن ۽ ورثن سان جُٺ ڪري رهيا آهيون ته پوءِ سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن تي ميار ئي نه ٿي ٺهي. مقامي ماڻهن کي اپيل ٿو ڪيان ته هٿ چراند ڪندڙن کي روڪيو وڃي ۽ تاريخي ورثي کي وڌيڪ بگاڙ کان روڪيو وڃي.

_____________

Aziz-Kingrani-TheAsiaN-1

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ ٻاويھ ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button