آخري بينچ: ذات پات، مذهب ۽ سياست جي صليب تي سُري ويل انسانيت
انگريزي ناول آخري بينچ صرف هڪ ادبي تخليق ناهي، پر اهو سماج جي منهن تي هنيل هڪ کليل چماٽ آهي — اهو سماج جيڪو صدين کان “انسان” کي به ذات جي ماپ ۾ ورهائي، ڪن کي “پاڪ” ۽ ڪن کي “ناپاڪ” قرار ڏيندو رهيو آهي.

ڪرشنه — هڪ دلت (شودر) ننڍڙو ٻار — پنهنجي ننڍپڻ جي انهن تلخ ۽ تڪليف ڏيندڙ يادن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، جيڪي سندس روح تي اڻمٽ نشان ڇڏي ويون. زندگيءَ جڏهن به هن کي ڏکيو وقت ڏيکاريو، ته هن پاڻ کي وري اهو ساڳيو ٻار محسوس ڪيو، جنهن کي مٽيءَ جي هڪ ٿانءُ کي هٿ لائڻ جي “ڏوهه” ۾ سزا ملي هئي؛ جنهن کي نفرت ڀريا لفظ روز جو معمول بڻجي ٻڌڻ لاءِ مليا هئا؛ ۽ جنهن جي ڳل تي هنيل چماٽ جو سور سموري عمر ساڻس گڏ رهيو — اهو ئي سور، جنهن هن کي ڪلاس جي “آخري بينچ” تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
ليکڪا: صدف ٿلھو
هڪ ناول، هڪ الزام
وجيش ڪمار جو انگريزي ناول The Last Bench (آخري بينچ) صرف هڪ ادبي تخليق ناهي، پر اهو سماج جي منهن تي هنيل هڪ کليل چماٽ آهي — اهو سماج جيڪو صدين کان “انسان” کي به ذات جي ماپ ۾ ورهائي، ڪن کي “پاڪ” ۽ ڪن کي “ناپاڪ” قرار ڏيندو رهيو آهي. ڪرشنه جي ڪردار ۾ ليکڪ اهو سوال کڻي اچي ٿو، جيڪو سدائين اڻ پڇيل رهيو آهي: جيڪڏهن انسانيت جو بنياد ئي پيدائش تي رکيل هجي، تڏهن ڪو به فرد پنهنجي محنت، لياقت يا نيڪ نيتي سان “انسان” ثابت ٿي سگهي ٿو ڇا؟

ڪرشنه — هڪ دلت (شودر) ننڍڙو ٻار — پنهنجي ننڍپڻ جي انهن تلخ ۽ تڪليف ڏيندڙ يادن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، جيڪي سندس روح تي اڻمٽ نشان ڇڏي ويون. زندگيءَ جڏهن به هن کي ڏکيو وقت ڏيکاريو، ته هن پاڻ کي وري اهو ساڳيو ٻار محسوس ڪيو، جنهن کي مٽيءَ جي هڪ ٿانءُ کي هٿ لائڻ جي “ڏوهه” ۾ سزا ملي هئي؛ جنهن کي نفرت ڀريا لفظ روز جو معمول بڻجي ٻڌڻ لاءِ مليا هئا؛ ۽ جنهن جي ڳل تي هنيل چماٽ جو سور سموري عمر ساڻس گڏ رهيو — اهو ئي سور، جنهن هن کي ڪلاس جي “آخري بينچ” تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
ذات پات جو مذهبي جواز
ناول جي سڀ کان وڏي طاقت اها آهي ته اهو ذات پات کي رڳو سماجي رسم نه، پر مذهبي بنيادن تي کڙو ڪيل هڪ نظام طور بيان ڪري ٿو. سمرتي ۽ گيتا مان کنيل مثالن رستي ليکڪ اهو ثابت ڪري ٿو ته استحصال محض جهالت جي پيداوار ناهي، پر اهو صدين کان مذهبي متنن جي پناهه ۾ پروان چڙهندو رهيو آهي. پهرين بابThe Rocking Chair and Poisoned Arrows ۾ ليکڪ مقدس ڪتابن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته برهمڻ ڀڳوان جي منهن مان پيدا ٿيا، ڪشتري سندس ٻانهن مان، ۽ شودر سندس پيرن مان — تنهنڪري شودر جو نصيب رڳو “خدمت” ئي رهجي وڃي ٿو. مالڪ کيس ڀلي آزاد به ڪري ڇڏي، تڏهن به هو پنهنجي مقرر ڪيل ڪرم، ايمان ۽ فرض کان ڪڏهن به آزاد ٿي نه ٿو سگهي.
هي سِٽون پڙهندي هڪ خيال ذهن ۾ اُڀري ٿو: اسين ڪنهن وڏي جي عزت لاءِ سندس پيرن تي هٿ رکندا آهيون، بلڪه ڀڳوان جي پيرن جي ڇُهاڻ کي به پنهنجو سوڀاڳ سمجهندا آهيون — پر ساڳئي روايت موجب، ڪنهن به ذات کي شودر کان وڌيڪ معتبر تصور نه ڪيو ويندو آهي! اهي روايتون صرف ۽ صرف انسانن کي طبقن ۾ ورهائڻ لاءِ ئي صدين کان هلنديون پيون اچن.
ليکڪ مکيه ڪردار ڪرشنه جي شخصيت کي جنھن پسمنظرن ذريعي اڀاريو آهي، اهي به ايترا ئي معنى خيز آهن: سندس پڙهڻ واري ڪمري جي ڀت تي مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، سائين جي ايم سيد، ڀڳت ڪنور رام، ميگھناٿ ۽ مدر ٽريسا جون تصويرون لڳل هيون — ڄڻ ليکڪ اهو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ سندس مثالن (icons) کان سڃاتو ويندو آهي. اهڙن باريڪ پسمنظرن جو ليکڪ گهڻو خيال رکيو آهي. ٽئين باب Islamabad: the Capital’s Uncertain Weather ۾ ڪرشنه اسلام آباد کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ مليل زخمن جو مرهم سڏي ٿو — ڄڻ شهر جي بي يقيني موسم ۾ ئي هن کي پنهنجي هجڻ جي ڪا ٿوري گنجائش نظر اچي ٿي. هتي ئي امر جليل جي ڪتاب “نيٺ گونگي ڳالهايو” جو حوالو به آيل آهي، جنهن ذريعي اسلام آباد جي سياسي ۽ سماجي ماحول جي سٺي عڪاسي ٿيل آهي.
اٺين باب Second Slap: The Fire That Took Her ۾ جيڪو درد اسان تائين پهچي ٿو، اهو رڳو ڪرشنه جو ذاتي درد ناهي، پر اهو هر ان فرد جو درد آهي، جنهن کي مذهب جي نالي ۾ سندس بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو.
هڪ مذهب اندر ٻيو مذهب
هي ناول اهو نازڪ نقطو به بيان ڪري ٿو ته استحصال صرف ٻن مذهبن جي وچ ۾ ئي نه، پر هڪ ئي مذهب اندر به ذاتين جي بنياد تي جاري رهي ٿو. پهريان هڪ مذهب پاڻ کي ٻئي کان اتم سمجهي ٿو، وري ان ئي مذهب اندر ڪجهه ذاتون پاڻ کي “اعلي” ۽ ڪجهه کي “ڪمتر” ڄاڻائي، انهيءَ ساڳئي ظلم جو تسلسل هلائينديون رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو زبردستي مذهب بدلائڻ جو رجحان، جنهن جي منظر ڪشي ٽيهين باب Cracks in the New World: The Second Bride ۾ ٿيل آهي، اصل ۾ ڪنهن نئين آزادي جو در نه، پر ظلم جي رڳي شڪل بدلجڻ جو داستان بڻجي پوي ٿو.
ورهاڱو، پاڪستان ۽ اقتدار جي راند
ناول جو دائرو رڳو مذهبي بحث تائين محدود نه آهي — ليکڪ هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي سياست تي به ايتري ئي گهرائي سان لکيو آهي. هي ڳالهه اهم آهي ته ورهاڱو، جيڪو مذهب جي نالي ۾ ٿيو، ان سرحدن جي هن پار توڻي هُن پار، ذات پات جي بنياد تي جڙيل درجيبنديءَ کي ختم نه ڪيو، بلڪه اقتدار جي نئين وچولن (structures) ۾ ان کي نئين لباس ۾ سمائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو ليکڪ امر جليل جي ڪتاب “نيٺ گونگي ڳالهايو” جو حوالو ڏئي، ملڪ جي راجڌانيءَ واري سياست جي پويان لڪل انهيءَ ساڳئي طاقت جي راند ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي عام ماڻهو — خاص ڪري هيٺين طبقن سان تعلق رکندڙ — اڄ به فيصلن جي مرڪز کان ٻاهر بيٺل آهن.
لطيف جي حوالن سان دل جي ٻولي
هن سڀ سياسي ۽ مذهبي شدت جي وچ ۾ ليکڪ جو اهو فن ساراهڻ جهڙو آهي، جو هو شاهه لطيف جي سُرن جو سهارو وٺي، ڪردارن جي اندر جي احساسن کي اهڙي نرمائيءَ سان بيان ڪري ٿو، جو سخت کان سخت موضوع به دل کي ڇُهي وٺي ٿو. اهو ئي توازن — ظلم جي سختيءَ ۽ سُر جي نرمائيءَ جو ميلاپ — هن ناول کي رڳو احتجاج جي دستاويز نه، پر هڪ اعلي ادبي تخليق بڻائي ٿو.
نتيجو: سوال اڃا زنده آهي
“آخري بينچ” ناول اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته جيڪڏهن قانون، رسم، رواج ۽ مذهب سڀ انسانن جا پاڻ ٺاهيل نظام آهن، تڏهن انسان کي درجن ۾ ورهائڻ جو اختيار ڪٿان کان کنيو اٿن؟ ڪرشنه جي جدوجهد اصل ۾ هر انهيءَ فرد جي جدوجهد آهي، جيڪو اڄ به سماج جي “آخري بينچ” تي ويهاريو ويو آهي — نه ڪنهن ڪلاس روم ۾، پر سياست، اقتدار ۽ سماجي مانائپي (dignity) جي ميدان ۾ به. اهو ٻار جيڪو مٽيءَ جي ٿانءَ کي هٿ لائڻ تي سزا لهي چڪو هو، اڄ به ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، اسان جي وچ ۾ موجود آهي — ۽ جيستائين اسان ان مان اکيون چورايون رکنداسين، تيستائين “آخري بينچ” رڳو ناول جو عنوان نه، پر اسان جي سماج جي هڪ اڻميٽ حقيقت رهندي.
(ڪتاب جي مھورتي تقريب 19 آگسٽ 2026 تي منجھند جو 3 وڳي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ رکي وئي آھي)
_______________

صدف ٿلھو ڪراچي ۾ رھي ٿي ۽ فري لانس ليکڪه آهي.



