1984 کان 1995 تائين ڌاڙيل راڄ جو ڏهاڪو: سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي ھٿي ڪنھن وٺرائي ؟
ڊاڪٽر امداد حسين سهتي جي ڪتاب جو جائزو جنھن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ سندن ڪارروايون ايتريون قديم آهن جيتري سنڌ جي ماڻهن جي تاريخ. پر اهو پهريون ڀيرو هو جيو 1984-94ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ڌاڙيلن جي ايڏي وڏي حملي هيٺ آئي، جو تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه آئي هئي. ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ اهو به نئون رجحان هو، جو انهن ماڻهن کان صرف ڀنگ/ چٽيءَ لاءِ ڏوهن کي ڌنڌي طور اختيار ڪيو. سڄي سنڌ جا ٻهراڙيءَ وارا علائقا سندن قبضي ۾ هئا. ڪنهن کي به انهن سان مقابلي جي جرئت نه هئي. اهي ايترا طاقتور هئا جو ڪنهن به وقت ڪنهن به جاءِ تان نه رڳو ماڻهن کي اغوا ڪندا هئا پر ڦرلٽ ڪري کين ڏينهن ڏٺي جو قتل به ڪندا هئا. ڌاڙيل اعلي تربيت يافته پروفيشنل هئا ۽ انهن کي جنگ جي ٽيڪنڪ تي ڪمانڊ حاصل هئي. حقيقت اها آهي ته، جيئن هيروئن ڪلچر، ڪلاشنڪوف ۽ انتهاپسندي ضيائي مارشل لا جا تحفا هئا، بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌ لاءِ ڌاڙيل راڄ به مارشل لا جي پيداوار هو. اهو شعوري طور تي سنڌ جي ماڻهن کي مارشل لائي مزاحمت جو سبق سيکارڻ ۽ سنڌ ۾ مزاحمتي سوچ کي ڪچلڻ لاءِ به سامهون آندو ويو.

نسيم بخاري
”ڌاڙيل راڄ جو ڏھاڪو“ بنيادي طور تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا امداد حسين سهتي پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ آرٽس فيڪلٽي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ پيش ڪئي هئي، ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وٽان 21 سال اڳ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. ٿيسز جو موضوع سنڌ ۾ ڌاڙيل گرديءَ واري مسئلي جو جامع اڀياس ڪرڻ ۽ ان جي حل لاءِ عملي تجويزون پيش ڪرڻ آهي. ھن ڪتاب ۾ مختلف باب ۽ انهن جا ننڍا ننڍا عنوان آھن، جن ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي تاريخ، انهن جي ڏوهن، ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي. ٿلهي ليکي هيٺيان معاملا زير بحث آيا آهن:

ڌاڙيل گردي ۽ ٻين ڏوهن جي بطور جرم تشريح، ڌاڙيلن جا مختلف قسم ۽ ڪيٽيگريز.
سنڌ ۾ قديم دور کان برطانوي دور تائين ڌاڙيلن جي تاريخ، مختلف دورن ۾ انهن جون سرگرميون.
3. 1984-94 تائين واري عرصي ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو عروج – ان ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن جا گروهه، انهن جا قسم، سرگرميون، ۽ مختلف پاسا، جهڙوڪ هٿيار، تربيت، اغوا وغيره.
سنڌ ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا – اغوا جا مختلف قسم، اغوا جي مدت، متاثر خاندانن جي حالت، ۽ اغوا دوران پوليس جي ڪارروائي.
ڌاڙيل گردي واري مسئلي تي حڪومت جو ڪردار – سنڌ ۾ ان مسئلي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون، ناڪامي جا سبب، پوليس جي حالت، ۽ فوجي ڪارروايون.
ڌاڙيل گردي وڌڻ جا سماجي، اقتصادي، سياسي، ۽ ٻيا ڪارڻ جيڪي بدامني جي مسئلي کي وڌائين ٿا.

ڪتاب/ٿيسز جو خلاصو، تحقيق جا نتيجا، مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون ويون آهن.
هن ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر امداد حسين سهتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ سندن ڪارروايون ايتريون قديم آهن جيتري سنڌ جي ماڻهن جي تاريخ. پر اهو پهريون ڀيرو هو جيڪو 1984-94ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيو. سنڌ ڌاڙيلن جي ايڏي وڏي حملي هيٺ آئي، جو تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه آئي هئي. ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ اهو به نئون رجحان هو، جو انهن ماڻهن کان صرف ڀُنگ/ چٽيءَ لاءِ ڏوهن کي ڌنڌي طور اختيار ڪيو. سڄي سنڌ جا ٻهراڙيءَ وارا علائقا انهن جي قبضي ۾ هئا. ڪنهن کي به انهن سان مقابلي جي جرئت نه هئي. اهي ايترا طاقتور هئا جو ڪنهن به وقت ڪنهن به جاءِ تان نه رڳو ماڻهن کي اغوا ڪندا هئا پر ڦرلٽ ڪري کين ڏينهن ڏٺي جو قتل به ڪندا هئا. ڌاڙيل اعلي تربيت يافته پروفيشنل هئا ۽ انهن کي جنگ جي ٽيڪنڪ تي ڪمانڊ حاصل هئي.
ڪتاب جي مطالعي مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ڪيئن صنعتي رخ اختيار ڪيو يا اڳتي هلي هڪ منظم صنعت جي شڪل اختيار ڪري ويو.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڌاڙيل راڄ کي هٿي وٺرائڻ ۾ مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن جو به اهم ڪردار رهيو آهي. پوليس جي ناانصافين ۽ ظلمن جي ردِعمل ۾ به ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيل بڻيا، جڏهن ته قبيلائي دهشتگردي ۽ دشمنيءَ پڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو. پر حقيقت اها آهي ته، جيئن هيروئن ڪلچر، ڪلاشنڪوف ۽ انتهاپسندي ضيائي مارشل لا جا تحفا هئا، بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌ لاءِ ڌاڙيل راڄ به مارشل لا جي پيداوار هو. اهو شعوري طور تي سنڌ جي ماڻهن کي مارشل لائي مزاحمت جو سبق سيکارڻ ۽ سنڌ ۾ مزاحمتي سوچ کي ڪچلڻ لاءِ به سامهون آندو ويو.
____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



