Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: وِيھ رُپيا ۽ پُراڻو سينڊل (مختصر ڪهاڻي)

سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوھن جي جھلڪ ڏيندڙ ڪھاڻي جنھن ۾ موٽر سائيڪل سوار ڦورن ھڪ غريب جا ويھ رُپيا ۽ پيرن ۾ پيل پُراڻو سينڊل بہ نہ ڇڏيو

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

زاهد منگي           

سول اسپتال جي سامهون واري فٽ پاٿ تي عابد ويڳاڻن جيان بيٺو هو. روڊ تان ڪيتريون ئي لاريون، ويگنون، ڪارون، رڪشائون، چنگچيون ۽ اسڪوٽر اچي وڃي رهيا هيا. جن جي شور ۾ سندس ڪن وڄي رهيا هئا. آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھئا. لڳو پي ته اجهو مينهن وسيو. ھُو اسپتال داخل امڙ وٽان ڪجھ ديرلاءِ ٻاھر  نڪتو ھو.

عابد اتي بيٺي بک محسوس ڪئي ته هلي وڃي ڀرسان بيٺل بريانيءَ جي ريڙهيءَ واري وٽ بيٺو. گراهڪن جي رش سبب ريڙهيءَ واري جو هٿ مشين جيان هلي رهيو هو. ديڳ مان پليٽ تي چانور ڪڍي، ڀرسان پيل ٻئي ننڍي ديڳڙيءَ مان ان تي رس ۽ بصر وجهندو گراهڪن کي ڏيندو پئي ويو. ريڙهيءَ جي آسپاس گراهڪن جي چڱي رش هئي. ڪي بيهي ته ڪي وري پلاسٽڪ جي اسٽولن تي ويهي برياني کائي رهيا هئا. عابد ريڙهيءَ واري کان ڀرسان وڃي پڇيو،

“ادا، ننڍي پليٽ گهڻي ٿو ڏين؟”

“ٽيهه رپيا” ريڙهيءَ واري کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنو.

عابد کيسي ۾ هٿ وڌو. ويهن رپين جو نوٽ نڪري آيس. وري ٻيهر هٿ وڌائين ته خالي نڪتو. هن هيڏي هوڏي نهاريو. ماڻهو برياني کائي رهيا هئا. دل ۾ خيال آيس ته جيڪر ڪنهن کي چوي، “ ڀائو ٿورڙي ڏيندين.” پر شرمساريءَ سبب ڪنهن کان گهُري نه سگهيو.

برياني کائڻ جو ارادو ڇڏي ٿورو پرڀرو وڃي پنهنجي منهن بيهي رهيو. اتي ئي بيٺل هو ته اوچتو تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار ٻه همراهه اچي وٽس بيٺا. آڏو واري همراهه کي هيلمينٽ پاتل ۽ پٺئين کي ٻٽ ٻڌل هئي. انهن جي بيهڻ سان ئي هن کي ڪا سخت شئي پنهنجي پيٽ تي محسوس ٿي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺائين ته پستول هو. ڊڄ ۾ ڏڪڻ لڳو.

”رڙ ڪيئي ته گولي پيٽ جي پار ٿي ويندئي، کرڙي ئي نه هڻندين. ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪجهه کيسي ۾ اٿئي مزي سان ڪڍي ڏي.“

هن يڪدم کيسي ۾ هٿ وجهي ويهن رپين وارو نوٽ ڪڍي ڏنن.

”اڙي ڀيڻ جا……. بس رڳو ويهه رپيا؟“

”بس ڀائو اهي ئي آهن. ستون ڏينهن آ امان چاڪ ناهي اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿمانس. هڙ خرچ ٿي وئي. ٽڪو نه بچو آ.“

”چڱو ڇڏ ڊيگهه کي. کيسن کي ٻاهر ڪڍ.“

 هن ٻنهي پاسن وارن کيسن ۾ هٿ وجهي همراهن کي خالي کيسا ڏيکاري پڪ ڏني.

”اڙي هل اڳتي هي صفا ڀينگيو آ.“

گاڏيءَ واري ڪِڪِ هنئي ته پٺئين همراهه چيس.

”بيهه ته ٿورو، اڙي جلدي ڪر اهو سينڊل ئي لاهي ڏي.“

”سينڊل!؟“ هن حيرت ۾ وراڻيو.

”هاها سينڊل، ٻڌئي ته به پڇين ٿو؟“

عابد پنھنجو پراڻو کُٿل سينڊل لاهي کيس هٿ ۾ ڏنو ۽ پوءِ همراهه موٽرسائيڪل ڪاهي تيزيءَ سان گم ٿي ويا.

____________

Zahid Hussain Mngi-The AsiaN

زاھد منگي، باڊھ سنڌ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button