Editor's pickMain Slideاوڀر ايشيا

​ ڏکڻ ڪوريا ڪُتن جو گوشت واپرائڻ واري روايت ختم ڪرڻ جي تياريءَ ۾

ڪُتي جي گوشت بدران ھڪ متبادل صحت بخش غذا طور ڪاري ٻڪريءَ جي گوشت جي گھرج ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. پر انھيءَ جي ڪري غير قانوني ذبح ڪرڻ جي طريقن ۽ صفائيءَ جي سنگين خطرن جا معاملا ظاھر ٿيا آهن.

مانيٽرنگ ڊيسڪ

سيئول: ڏکڻ ڪوريا ڪتن جو گوشت واپرائڻ واري روايت کي ختم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنھن ڪري اتي ھڪ متبادل صحت بخش غذا طور ڪاري ٻڪريءَ جي گوشت جي گھرج ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. پر انھيءَ جي ڪري غير قانوني ذبح ڪرڻ جي طريقن ۽ صفائيءَ جي سنگين خطرن جا معاملا ظاھر ٿيا آهن.

جنوري 2024ع ۾ ڏکڻ ڪوريا انسانن جي کائڻ لاءِ ڪتن کي پالڻ، ذبح ڪرڻ، ۽ وڪڻڻ تي فيبروري 2027ع تائين مڪمل پابندي مڙهڻ جو هڪ تاريخي قانون پاس ڪيو. جڏهن ته ان جو گوشت کائڻ تي ڪا سڌي طرح ڏوهاري سزا ناهي، پر اهو قانون جيل جي سخت سزائن سان گڏ ان جي سڄي تجارتي ڪاروبار ۽ صنعت کي غيرقانوني قرار ڏئي ٿو.

​سال 2026ع جي شروعاتي ڇهن مهينن ۾ سڄي ملڪ اندر 66,015 ٻڪريون ۽ ڇيلا ذبح ڪيا ويا، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 29.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽن موجب، ڪجھ ذبح خانن ۾ ٻڪرين کي گھربل وقت تائين بيهارڻ ۽ سنڀالڻ واري طريقي کي نظرانداز ڪندي، ٽرڪن اندر ٻڌل حالت ۾ ئي اليڪٽرڪ راڊن ذريعي بيهوش ڪيو ويو. جڏهن ته ڪجھ هنڌن تي ذبح ڪرڻ کان پوءِ گوشت کي ٺارڻ واري عمل کان سواءِ ئي، بغير ريفريجريشن واريون گاڏيون استعمال ڪري موڪليو ويو.

​پالتو جانورن جي ماهرن  خبردار ڪيو آهي ته گوشت کي صحيح طرح نه ٺارڻ جي ڪري بيڪٽيريا جي واڌ تيزيءَ سان ٿئي ٿي، جنھن سان ان کي کڻڻ ۽ سنڀالڻ دوران فوڊ پوائزننگ (غذائي زهر) جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

​ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻڪرين جا صرف 17 ذبح خانه آهن، جيڪي وڌندڙ گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ تمام گھٽ آهن. ٻئي طرف، آسٽريليا مان ايندڙ سستو ۽ ڊيوٽي-فري ٻڪريءَ جو گوشت مقامي قيمتن کي هيٺ آڻي رهيو آهي، جنھن جي ڪري ذبح خانن جي مالڪن تي خرچ گھٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي، چونگچونگ بڪ-ڊو صوبي جي انتظاميا  ذبح ڪرڻ ۽ گوشت جي ورڇ واري نظام جي خاص معائني جو اعلان ڪيو آهي.

_____________

AJA Newsbites جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button