سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ تي وار: نالا مٽائي ڪراچيءَ جي تاريخ کي ميسارڻ جي ڪوشش
تاريخ دان، بين الاقوامي ماهر، ۽ يونيسڪو جهڙا عالمي ادارا ان ڳالهه تي زور ڏيندا رھيا آھن ته تاريخي عمارتن، روڊن ۽ ماڳن جا نالا تبديل ڪرڻ هڪ ناپسنديده ۽ قومي نادانيءَ وارو عمل آهي. سندن چوڻ آھي تہ هر شهر جو نالو يا روڊ جو نالو هڪ تاريخي دستاويز وانگر هوندو آهي. جڏهن توهان نالو مٽائيندا آهيو، ته توهان حقيقت ۾ ان دؤر جي حڪمراني، فنِ اڏاوت، سماجي جوڙجڪ، ۽ ترقيءَ جي شروعاتي بنيادن جو نالو هٽائي تاريخ کي مسخ ڪندا آهيو. اھو عمل بين الاقوامي قدرن ۽ معيار جي خلاف ورزي آھي. اقوام متحده جي جاگرافيائي نالن واري ڪميٽيءَ موجب، ماڳن جا قديم ۽ مقامي نالا ان علائقي جي ثقافتي ورثي جو حصو هوندا آهن. انهن کي مٽائڻ هڪ قسم جو تاريخي تعصب آهي.

نصير اعجاز
تاريخ صرف ڪتابن جي صفحن جو نالو ناهي، پر اها انهن روڊن، رستن، يادگارن ۽ عمارتن ۾ به ساهه کڻندي آهي جن مان نسل در نسل انسان گذرن ٿا. ڪنهن به شهر جي نالن کي مٽائڻ دراصل ان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ کي ميسارڻ ۽ ايندڙ نسلن کي سندن خطي جي اصل ماضيءَ کان ڪٽڻ برابر هوندو آهي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ شھرن، ماڳن ۽ روڊن جا تاريخي نالا مٽائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، ان جو سڀ کان وڏو شڪار سنڌ، ۽ خاص طور تي ان جو تاريخي شھر ڪراچي ٿيو آهي.
تاريخدانن ۽ سماجي ماهرن جو اھو متفقه موقف رھيو آھي ته نالن جي اھا تبديلي نه فقط قديم سڃاڻپ کي نقصان پهچائي ٿي، پر اها مقامي ثقافت کي مسخ ڪرڻ ۽ ماضيءَ کي زبردستيءَ ميسارڻ جي ڪوشش آهي.
ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ انگريز دور جي بئنڪرن، هندو واپارين، پارسي ڏاهن ۽ بين الاقوامي شھري رٿابندي ڪندڙن جو وڏو هٿ هو. انهن جي نالن سان قائم ٿيل روڊ ۽ چونڪ شھر جي ترقيءَ جي تاريخ ۽ ان جي حقيقي جوڙجڪ جو آئينو هئا. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھٿ ٺوڪين نظرياتي بنيادن ۽ سياسي ترجيحن تحت انهن نالن کي تبديل ڪيو ويو.
مثال طور، ڪراچيءَ جو سڀ کان قديم ۽ مُکيہ روڊ، جيڪو بندر ڏانهن ويندو هو ۽ جنهن جي تاريخ قديم بندرگاهه جي بنياد سان جڙيل هئي، ان جو نالو مٽائي ايم اي جناح روڊ رکيو ويو. ڪراچيءَ جي مالياتي مرڪز طور مشهور مڪلوڊ روڊ (سر ڊونلڊ مڪلوڊ جي نالي سان منسوب) کي مٽائي آءِ آءِ چندريگر روڊ بڻايو ويو. ڪئينز روڊ بہ ھڪ تاريخي روڊ هو، پر انھيءَ ان جو نالو مٽائي مولوي تميزالدين خان رود رکيو ويو. اھڙا ٻيا اڻ ڳڻت روڊ اھن جن جي سُڃاڻپ ختم ڪرڻ جو ھڪ وڏو ڏوھ ڪيو ويو.
تاريخي رام باغ، جنهن سان مذهبي رواداري ۽ قديم تاريخي اڏاوتون جُڙيل هيون، ان کي مسلمان ڪري نالو بدلائي آرام باغ سڏيو ويو.
قديم ايلفنسٽن اسٽريٽ کي زيب النساء اسٽريٽ ۽ ٻين ڪيترا ئي تاريخي گهٽين جا قديم نالا سرڪاري دستاويزن مان هٽايا ويا. بس ھڪ روڊ جو نالو متائي مسلمان ڪونہ ڪيو ويو… ۽ اھو آھي نيپئر روڊ. انھيءَ جو ڪارڻ شايد اھو آھي تہ اھو روڊ بازارِ حُسن طور سُڃاڻپ رکندڙ آھي، ۽ اھڙي روڊ تي مسلمانڪو نالو رکڻ معيوب سمجھيو ويو ھوندو.
ھاڻي وري نالا مٽائڻ جو نئون سلسلو شروع ٿيو آھي، ۽ اھو ڊرامو بہ ٻيو ڪير نہ، پيپلز پارٽيءَ جو ٿاڦيل ميئر مرتضي وھاب رچائي رھيو آھي، جنھن تازو ئي تاريخي ريگل چوڪ کي نالو مٽائي مسلمان ڪيو آھي.
حيرت جي ڳالھ آھي تہ ريگل چوڪ جي نالي جي ان تبديليءَ تي پيپلز پارٽيءَ جي قايادت توڙي سنڌ حڪومت بلڪل ماٺ آھي. مسلمانڪي نالي تي اعتراض ڪرڻ جي ھمت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ آھي ئي ڪانہ.
صدر واري علائقي جي وچ ۾ واقع تاريخي ريگل چوڪ (ريگل سنيما جي نسبت سان معروف) ڪراچيءَ جي سياسي، فڪري ۽ شعوري جدوجهد جو مرڪز رهيو آهي. سياسي جلوس، پريس ڪلب جا صحافي، ۽ ادبي نشستون ان چوڪ سان سلهاڙيل آهن. اها حقيقت انتهائي افسوسناڪ آهي ته تاريخي سڃاڻپ هٽائي، نوان نالا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ريگل چوڪ جو نالو مٽائڻ تي سڄي سنڌ مان احتجاجي بيان جاري ئي ھئا تہ مٿان وري اھي خبرون عام ٿيون آھن تہ 1865 ۾ قائم ٿيل فريئر هال ۽ ان سان لڳ گارڊن، جيڪو ڪراچيءَ جي گوٿڪ اڏاوت (Gothic Architecture) ۽ اڻويهين صديءَ جي شهري رٿابنديءَ جو وڏو مثالي يادگار آهي، انھيءَ جو بہ نالو بدلايو ويو آھي. سر بارٽل فريئر Sir Bartle Frere، جنهن سنڌيءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ، سنڌ ۾ بئراجي نظام جو بنياد رکڻ، ۽ ڪراچي پورٽ نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان جي يادگار کي نالو مٽائي باغ جناح رکڻ بابت جيڪي خبرون گردش ۾ آهن، اهي ڪراچيءَ جي اصل تعمير ڪندڙن ۽ تاريخي واقعن کان اکيون ٻوٽڻ جي برابر آهن.
تاريخ دان، بين الاقوامي ماهر، ۽ يونيسڪو جهڙا عالمي ادارا ان ڳالهه تي زور ڏيندا رھيا آھن ته تاريخي عمارتن، روڊن ۽ ماڳن جا نالا تبديل ڪرڻ هڪ ناپسنديده ۽ قومي نادانيءَ وارو عمل آهي. سندن چوڻ آھي تہ هر شهر جو نالو يا روڊ جو نالو هڪ تاريخي دستاويز وانگر هوندو آهي. جڏهن توهان نالو مٽائيندا آهيو، ته توهان حقيقت ۾ ان دؤر جي حڪمراني، فنِ اڏاوت، سماجي جوڙجڪ، ۽ ترقيءَ جي شروعاتي بنيادن جو نالو هٽائي تاريخ کي مسخ ڪندا آهيو. اھو عمل بين الاقوامي قدرن ۽ معيار جي خلاف ورزي آھي.
اقوام متحده جي جاگرافيائي نالن واري ڪميٽيءَ موجب، ماڳن جا قديم ۽ مقامي نالا ان علائقي جي ثقافتي ورثي جو حصو هوندا آهن. انهن کي مٽائڻ هڪ قسم جو تاريخي تعصب آهي.
تاريخي ماڳ ۽ انھن جا نالا ھر شھر يا انھي خطي ۾ رهندڙ فردن ۾ پنھنجي تعلق جو احساس (Sense of Belonging) پيدا ڪن ٿا. انھيءَ ڪري ئي اھو بنيادي نقطو سمجھڻ گھرجي تہ ايلفنسٽن اسٽريٽ، مڪلوڊ روڊ، ڪوئينز روڊ، ريگل چوڪ يا فريئر هال صرف پٿر ۽ سيمينٽ جا نالا ناهن، پر اھي ڪراچيءَ جو روح ۽ ادبي، صحافتي ۽ سياسي ساهه آھن.
ڪنهن تاريخي ماڳ جو اصل نالو مٽائي ان تي نئون سياسي يا مذهبي نالو مڙهڻ سان نئون نالو رکڻ سان ڪنھن جي عظمت ۾ اضافو نٿو ٿئي، بلڪه سنڌ ۽ انھيءَ جي شھرن، ماڳن مڪانن ۽ ٻئي تاريخي ورثي سان ھڪ واضح تعصب ظاھر ٿئي ٿو.
شھرن کي ترقي ڏيڻ، نيون پارڪون، نوان باغ اڏڻ، يا نوان بليوارڊ تعمير ڪري انهن تي نون رهنمائن جا نالا رکڻ هڪ مثبت قدم ٿي سگهي ٿو، پر موجوده قديم ۽ تاريخي ورثن جا نالا مٽائڻ انتهائي غير دانشوراڻو ۽ تاريخ دشمني وارو عمل آهي.
سنڌ حڪومت، بلدياتي ادارن، ۽ ڪراچيءَ جي اختيارين کي گهرجي ته انهن غلط روايتن جو خاتمو آڻين. تاريخ کي رد يا قبول ڪرڻ لاءِ ان جون بنيادي سڃاڻپون مٽائڻ جي ضرورت ناهي هوندي. فريئر هال، ريگل چوڪ، بندر روڊ، ۽ مڪلوڊ روڊ ڪراچيءَ جو حقيقي ۽ زنده تاريخي اثاثو آهن. اهي هئا، آهن، ۽ رهندا. انهن جي اصل نالن کي سرڪاري سطح تي مڃتا ڏئي شھر جي تاريخي بيهڪ کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ ئي سچي تاريخي ۽ قومي خدمت آهي.
_______________

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



