Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: شيرل جي رٽائرمينٽ (مختصر ڪھاڻي)

ھُو ڳوٺ جي اسڪول ۾ نائب قاصد ھو. روز کيس گھنڊ وڄائڻو پوندو ھو. اڄ سندس رٽائرمينٽ سان گڏ جنم جو ڏينھن بہ ھو. خيال آيو ته پنهنجي اُڻٽيهن سالن جي نوڪريءَ ۾ هن اهڙا گهڻا گهنڊ هنيا هوندا. روز اٺ گهنڊ پيرڊن جا، اسيمبليءَ جا گهنڊ، رسيس ۽ موڪل جا گهنڊ الڳ. دل ئي دل ۾ اهو حساب ڪندو اچي هيڊماستر جي آفيس ٻاهران بينچ تي ويٺو. ” پنجاھ کن گهنڊ روز هڻي ويندو هوندس… جي پنجاھ روز ته هفتي، مهيني ۾ گهڻا ٿيا؟“ ھُن اھو بہ سوچيو تہ ھڪ نائب قاصد کي ڪير الوداع چوندو يا جنم ڏينھن جون واڌايون ڏيندو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

زاهد منگي

ٽن ٽن ٽن… گهنٽيءَ تي ٽي ڀيرا زور سان گهنڊ هڻي، هن جڏهن گهنٽيءَ ڏانهن نهاريو، جيڪا ڌڪ لڳڻ جي ڪري لوهار جي سانڌاڻ وانگر بڻجي وئي هئي. ڌڪن جا نشان مٿس ڪنهن ڦٽ جي نشان جيان بيهي ويا هئا. تڏهن سندس دل ۾ بي خياليءَ وچان خيال آيو ته پنهنجي اُڻٽيهن سالن جي نوڪريءَ ۾ هن اهڙا گهڻا گهنڊ هنيا هوندا. روز اٺ گهنڊ پيرڊن جا، اسيمبليءَ جا گهنڊ، رسيس ۽ موڪل جا گهنڊ الڳ. دل ئي دل ۾ اهو حساب ڪندو اچي هيڊماستر جي آفيس ٻاهران بينچ تي ويٺو. ” پنجاھ کن گهنڊ روز هڻي ويندو هوندس… جي پنجاھ روز ته هفتي، مهيني ۾ گهڻا ٿيا؟“ حساب ڪندي هو منجهي پيو. کيس اها ڳڻپ مٿي جا وار ڳڻڻ جهڙي ڏکي پئي لڳي. وڃ! اوڻٽيهه سال گذري ويا، اڃان ڪلھ ڪلهوڪي ڳالھ ئي ته آهي جو ڳوٺ جي چڱي مڙس سندس مامي علي مراد کي نائب قاصد جو آرڊر مليو هو، جيڪو هن ورتو ته پنهنجي پٽ لاءِ هو، پر سندس پٽ پٽيواليءَ جي نوڪريءَ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو. تڏهن علي مراد کيس چيو هو ته

“ابا شيرل هي نوڪري ڀلا تون ئي ڪر.”

 تڏهن هُو ريل ۾ قلفيون کپائيندو هو. هن تتي ٿڌيءَ ۾ هِتي هُتي رلڻ کان اها نوڪري ڪرڻ کي غنيمت سمجهيو هو ۽ خوشيءَ سان اهو آرڊر قبول ڪيو هيائين.

علي مراد جو پٽ اڄ ڏينهن تائين بيروزگار رهجي ويو ۽ ڏکيو وقت ڪٽي رهيو آهي. پر شيرل سُکي زندگي گذاري هئي. هن پنهنجي نوڪريءَ کي ڪڏهن به عيب نه ڄاتو هو. کيس ياد نه هو ته هن ڪڏهن ڪنهن استاد کي ڪم کان جواب ڏنو هجي يا منهن ۾ گهنج وڌو هجي. روز صبح جو سوير اسڪول پهچي ڇنڊ ڦوڪ ڪري وڻن ۽ گلن کي پاڻي ڏيڻ سندس ڊيوٽيءَ سان گڏ عادت ٿي وئي هئي. جيڪي وڻ هن پوکيا هئا، اهي هاڻي وڏا ۽ گهاٽا ٿي ويا هئا. پکي وڻن تي ويهي جڏهن ٻوليون ٻوليندا هئا ته سندس روح کي راحت اچي ويندي هئي.

مُهڙ ۾ شاگرد کيس ‘چاچو شيرل’ چئي سڏ ڪندا هئا، پر هاڻي جڏهن سندس مٿي جا وار توڙي سونهاري اڇي ٿي وئي آهي تڏهن شاگرد کيس ‘بابا شيرل’ چئي سڏ ڪندا آهن ته هن جو اندر ٺري پوندو آهي، شيرل کي پنهنجو اولاد ڪونهي. پر اسڪول جا ٻار کيس پنهنجي اولاد جيان ئي لڳندا آهن. اڄ جيڪو هيءُ هاءِ اسڪول ٿي وڏي عاليشان عمارت ۾ تبديل ٿيو آهي. اڳ ۾ مڊل اسڪول هو. ڪچين سرن ۽ گاري سان ٺهيل ٻه ڪمرا هئا، آڳر تي نم جو وڏو وڻ هوندو هو. جنهن هيٺان ويهي ٻار پڙهندا هئا. اسڪول جو سڀ کان سينيئر ملازم هيءُ هو. ٻيا سڀ استاد، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا هن کان پوءِ آيا هئا. شيرل جا ڏک ۽ سک هن اسڪول سان هئا. سندس اڀرندو ۽ لهندو اسڪول ۾ ئي هو. اونهاري جي موڪل هجي يا سياري جي، مينهن هجي يا طوفان، اسڪول اچڻ سندس معمول هو.

اتفاق سان اڄ سندس جنم ڏينهن به هيو ته نوڪريءَ جو آخري ڏينهن به.

هو اڄ رٽائر ٿي رهيو هو. سندس من اٻاڻڪو ٿي پيو هو. دل جي اداس آڳنڌ تي سوچن جو طوفان هلڻ لڳو هيس.

 اسڪول کانسواءِ هو ڪيئن جي سگهندو!؟ سندس زندگي هاڻي ڪهڙيءَ ريت گذرندي. هي شاگردن جا ٽهڪ سندن ڀڄڻ ڊڪڻ ۽ حرڪتون ڪرڻ ڪيئن ڏسي ٻڌي سگهندو. ڪير کيس بابا چئي سڏ ڪندو!؟

”ڇا منهنجي ايترين محنتن تي ڪير مونکي رٽائر ٿيڻ تي ڪي گلن جا هار پارائيندو!؟ ڇا ڪو اجرڪ ٽوپيءَ جو تحفو ڏيندو. ڪو گلن جي ورکا ڪندو!؟ استاد ته هڪٻئي سان ٺهن ئي نه ٿا، هر ڪو يونين بازيءَ ۾ لڳو پيو آهي. ٽي مهينا اڳ سائين دلشاد رٽائير ٿيو ته ان جي به ڪا الوداعي پارٽي نه ٿي ته مون مسڪين پٽيوالي جي ڪير ڪندو!؟“

خيال واچوڙي جيان دماغ ۾ ڦيريون پائڻ لڳس.

بي اختيار ڳوڙها لڙي سندس ڳلن تي پهتا.

اوچتو سندس دماغ ٻي واٽ تي هلڻ لڳو؛

”اهو ڇا ٿو سوچين شيرل! ؟ ڇا تو ڊيوٽي ڪري ڪنهن تي ٿورو ڪيو جو اڄ توکي هار ۽ اجرڪ پارائن!؟ تو ته پنهنجو فرض نڀايو. هاڻي ويٺو ٿو اجايا کنڌا کولين.“

ڪنڌ هيٺ ڪري ڳوڙها اگهڻ لڳو ته ڳاڙهن گلن سان سندس جهول ڀرجي ويو. کيس پنهنجي مٿان هجوم ماڻهن جو محسوس ٿيو. ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺائين ته اسڪول جا شاگرد کيس ڦيريون بيٺا هئا. ڪي هٿن ۾ گل ته ڪي اجرڪ ته ڪي وري ڪيڪ کنيو بيٺا هئا.

“بابا شيرل هيپي برٿ ڊي ٽو يو. “سڀئي شاگرد ڳائي ۽ تاڙيون وڄائي رهيا هئا. شيرل جون اکيون خوشيءَ ۾ جرڪي پيون هيون. چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي پيو هيس. جيڪي اکيون ڏک مان ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون تن اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويس.

____________  

زاهد منگي، باڊھ ، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button