ڊملوٽيءَ جا خاموش کوهہ: ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي رسد لاءِ هائيڊرولڪ انجنيئرنگ معجزو
1881ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽيءَ جي برطانوي انجنيئر جيمز اسٽريچن جي سرپرستيءَ ۾ ملير جي ڊملوٽي واري علائقي ۾ هڪ تاريخي منصوبي جي شروعات ٿي. 1883ع ۾ جڏهن ڊملوٽي واٽر ورڪس جو باقاعدي افتتاح ٿيو، ته شروعاتي طور تي شهر کي روزانو 45 لک گيلن صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ شروع ٿيو. هن منصوبي جي اصل سائنسي خوبصورتي ان جو بنا ڪنهن ٻارڻ يا پمپ جي خودڪار طريقي سان هلڻ هو.

تحرير: ابراهيم صالح محمد
ٻن ڪروڙن جي آباديءَ وارو ڪراچي شھر، جيڪو ڪينجهر ڍنڍ ۽ حب ڊيم جي پاڻيءَ جي رسد ۽ واٽر ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي آهي، شروع کان ايئن بي وس ۽ اُڃايل نہ هو. اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن هن خطي جي هڪ اهم بين الاقوامي بندرگاهه ۽ معاشي مرڪز جو روپ ورتو، ته ان جي پٺيان هائيڊرولڪ انجنيئرنگ جو هڪ اهڙو شاهڪار ڪارفرما هو جنهن قدرتي ماحوليات ۽ انساني عقل جو ناياب توازن قائم ڪري ڏيکاريو هو. هيءَ ڪهاڻي آهي ڪراچيءَ جي ان ئي “آبي معجزي” جي، جنهن کاري پاڻيءَ جي ساحل تي هڪ جديد، منظم ۽ سائنسي واٽر ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ جو بنياد رکيو.
1843ع ۾ برطانوي تسلط کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ کي تجارتي بندرگاهه ۽ فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبدیل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، ته سڀ کان وڏي رڪاوٽ هتان جي پاڻيءَ جو معيار بڻيو. شهر جي روايتي کوهن جو پاڻي کارو هو، جڏهن ته نلڪا ۽ منظم ناليون نہ هجڻ ڪري ڪالرا جون وباؤن فوجين ۽ عام شهرين کي ڳڙڪائي وينديون هيون.

برطانوي سول انجنيئرن جڏهن هن خطي جو جاگرافيائي جائزو ورتو، ته معلوم ٿيو ته شهر کان 30 کان 35 ڪلوميٽر پري ملير ۽ ٿڌو نديءَ جو وارياسو پيٽ زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ هڪ قدرتي حوض آهي. ملير نديءَ جو وارياسو پيٽ محض مٽيءَ جو ڍير نه هو، بلڪ قدرت جو جوڙيل هڪ عظيم الشان “واٽر فلٽر” ۽ اسپنج هو جيڪو برسات جي پاڻيءَ کي چوسي پنهنجي اندر محفوظ ڪري وٺندو هو.
1881ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽيءَ جي نامياري برطانوي انجنيئر جيمز اسٽريچن (James Strachan) جي سرپرستيءَ ۾ ملير جي ڊملوٽي واري علائقي ۾ هڪ تاريخي منصوبي جي شروعات ٿي. 1883ع ۾ جڏهن ڊملوٽي واٽر ورڪس جو باقاعدي افتتاح ٿيو، ته ان شروعاتي طور تي شهر کي روزانو 45 لک گيلن صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ شروع ڪيو. هن منصوبي جي اصل سائنسي خوبصورتي ان جو بنا ڪنهن ٻارڻ يا پمپ جي خودڪار طريقي سان هلڻ هو.
ملير نديءَ جي وارياسي تهه جي هيٺان انتهائي سنھن سوراخن وارا پائيپ ۽ ناليون وڇايون ويون جيڪي نديءَ جي واريءَ ۾ چوسيل پاڻيءَ کي چُوسي مرڪزي کوهن تائين آڻينديون هيون. وقت سان گڏ هتي 12 کان وڌيڪ کوهه (Gallery Wells) تعمير ڪيا ويا.
ڊملوٽي وارو علائقو جيئن تہ سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿانھينءَ تي هو، ان ڪري اتان کان شهر تائين 28 ڪلوميٽر ڊگھي هڪ پڪي، لانھينءَ واري نالي (Aqueduct) تعمير ڪئي وئي. پاڻي بنا ڪنهن پمپ جي طاقت جي، ڪششِ ثقل (Gravity Flow) جي تحت خودبخود وهندو ڪراچيءَ جي مرڪزي ذخيرن تائين پهچي ويندو هو.

برطانوي دور جي شهري جوڙجڪ ٻن واضح حصن ۾ ورهايل هئي: فوجي علائقو يعني ڪنٽونمنٽ، ۽ عوامي علائقو يعني سول ڊسٽرڪٽ. ان ئي تناظر ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو انتظامي ۽ فني ڍانچو به ٻن مختلف حصن ۾ ورهايل هو.
گارڊن روڊ تي واقع هن ذخيري جو انتظام ڪراچي ميونسپلٽي (KMC) وٽ هو. هتان کان پاڻي قدرتي لانھينءَ جي مدد سان صدر، اولڊ ٽائون، بندرگاهه، برنس روڊ ۽ نيپيئر ڪوارٽر جي عوامي علائقن کي سپلاءِ ڪيو ويندو هو.
1912ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر لارڊ سيڊن هيم جي نالي سان قائم ٿيندڙ هڪ ريزروائر ۽ پمپنگ اسٽيشن ملٽري ورڪس سروسز جي تحويل ۾ هو. جيئن تہ ڪنٽونمنٽ ۽ جيڪب لائينز جا علائقا قدرتي طور مٿانهينءَ تي هئا، ان ڪري هتي ڊملوٽيءَ مان ايندڙ پاڻيءَ کي عمارتن جي مٿين ماڙين ۽ فوجين جي ٻئرڪن تائين پهچائڻ لاءِ پهريان ٻاڦ (Steam Pumps) ۽ پوءِ بجليءَ سان هلندڙ واٽر پمپ لڳائڻا پيا.

ان دور جي پاڻي پهچائڻ واري نظام ۾ هڪ واضح انتظامي ۽ طبقاتي فرق به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. برطانوي فوجين جي صحت جا سخت قانون هجڻ ڪري ڪنٽونمنٽ کي روزاني جي بنياد تي في ماڻھو پاڻيءَ جي وڌيڪ ڪوٽا مليل هئي، جڏهن ته عام شهرين لاءِ گھٽين ۽ چوراهن تي واٽر اسٽينڊ پوسٽس (کليل ڪميونٽي نلڪا) لڳايا ويا هئا، جتان ماڻهو ميونسپل ٽئڪس جي بدلي پاڻي حاصل ڪندا هئا.
جن علائقن تائين زمين جي هيٺان ڪاسٽ آئرن (Cast Iron) جون ڳريون پائيپ لائينون نه پهتيون هيون، اتي پاڻي پهچائڻ جو ذريعو هڪ بلڪل ئي مختلف انساني ۽ ثقافتي عنصر هو يعني پخالي.
گارڊن ۽ جيڪب لائينز جي مرڪزي هائيڊرينٽس تان پخالي پنهنجي چمڙي جي پخالن ۾ پاڻي ڀري اٺن ۽ گڏهه گاڏين تي کڻي گھٽيءَ گھٽيءَ ۽ گھر گھر پهچائيندا هئا. ٻئي طرف، انگريزن شهر کي باهه لڳڻ جي حادثن کان بچائڻ لاءِ ايم اي جناح روڊ، صدر ۽ ڪسٽمز هائوس جي آس پاس لوهه جا ڳاڙهي رنگ جا فائر هائيڊرينٽس لڳايا، جن جا زنگيل خول اڄ به آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ صدر جي پٽڙين تي خاموش تاريخ دان وانگر بيٺا آهن.

1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ وقت جڏهن لکين پناھگيرن جي آمد سان ڪراچي راتو رات هڪ وڏو ميٽروپوليٽن شهر بڻجي ويو، ته ڊملوٽي ۽ ان جي جوڙيل نيٽ ورڪ هن اضافي ٻوجھ کي به ڏهاڪن تائين بهتر طريقي سان سنڀاليو. پر 1970ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ جيڪا تباھي هن تاريخي نظام جي نصيب ۾ لکيل هئي، اها ڪنهن ٻاهرين حملي نہ پر اسان جي پنهنجي شهري بي حسي ۽ انتظامي غفلت آندي.
ملير نديءَ جي پيٽ مان وڏي پئماني ريتي بجري ڪڍي ڪنڪريٽ جو شهر تعمير ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾، نديءَ جي پاڻي چوسڻ جي قدرتي “اسپنجي صلاحيت” ختم ٿي وئي ۽ زمين جي هيٺان پاڻيءَ جي سطح سوين فٽ هيٺ هلي وئي.
ڊملوٽيءَ جي واٽر شيڊ وارن قدرتي علائقن تي فارم هائوسز ۽ بي هنگم آباديون قائم ڪري قدرتي نالن جا رستا بند ڪيا ويا. اڄ ڊملوٽيءَ جا اهي زرد پٿرن (Gisri Sandstone) وارا تاريخي کوهه، خوبصورت گنبذ ۽ جيڪب لائينز جون سئو سال پراڻيون عمارتون زبُون حاليءَ جو شڪار آهن.

ايم اي جناح روڊ لڳ ڪسٽمز ڪالونيءَ جي ويجھو ڪراچي واٽر ۽ سيوريج ڪارپوريشن (KWSC) جي احاطي ۾ اڄ به اهي 24 ۽ 30 انچن جا قديمي ڪاسٽ آئرن پائيپ، پمپنگ هال ۽ ڳرا والو هائوسز موجود آهن، جيڪي هڪ صدي گذرڻ کان پوءِ به زنگ کان محفوظ ۽ فني لحاظ سان صحيح حالت ۾ آهن.
ڊملوٽي ۽ جيڪب لائينز جو هي واٽر ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ محض هڪ پائيپ لائين يا ماضيءَ جو قصو ناهي؛ هي ان ڳالهه جو سائنسي ثبوت آهي ته ڪنهن شهر جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ قدرت کي تباھ ڪرڻ لازمي ناهي هوندو، بلڪ ان سان هم آهنگي ۽ سائنسي تدبر قائم ڪرڻو پوندو آهي.
اگر ڪراچيءَ جي موجوده پاليسي ٺاهيندڙ ٿوري به بصارت ۽ ذهانت جو مظاهرو ڪن، ته جيڪب لائينز ۽ ڊملوٽيءَ جي انھن سئو سال پراڻين تنصيبات ۽ والو هائوسز کي هڪ “انڊسٽريل هيريٽيج” يا “واٽر ورڪس ميوزيم” ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هي ميوزيم ايندڙ نسلن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ڪڏهن به پاڻيءَ جو ڪشڪول کڻي بيهندڙ شهر نہ هو، بلڪه پنهنجي سائنسي عقل، تجارتي بصيرت ۽ ماحولياتي تدبر جي بنياد تي برپٽ ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ خودمختيار ۽ آباد پاڻيءَ جو وڏو وسيلو هو.
___________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



