ڪچري جي بحران کان ڪچري جي کوٽ تائين: سوئيڊن جو تاريخي ماحولياتي انقلاب
ملڪ جو صرف ھڪ سيڪڙو کان به گھٽ ڪچرو لينڊ فل يعني گندگيءَ جي ڍير ۾ وڃي ٿو؛ ستيتاليھن کان ٻاونجاھ سيڪڙو ڪچرو ريسائيڪل ڪري نئين سِراستعمال ڪيو وڃي ٿو؛ ڪچري جو باقي حصو استعمال ڪري گهرن لاءِ بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي ۽ گھرن کي گرم رکڻ جي سرشتي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪچري تي ھلندڙ پاور پلانٽس جي ڪري ڪچري جي ايتري تہ کوٽ پيدا ٿي وئي جو سُئيڊن پاور پلانٽ ھلائڻ لاءِ يورپي ملڪن مان ڪچروخريد ڪري ٿو

مانيٽرنگ ڊيسڪ
1970ع واري ڏهاڪي ۾ سوئيڊن جا مختلف شهر، جهڙوڪ مالمئو (Malmö)، گندگي ۽ ڪچري جي بدبوءِ جي لپيٽ ۾ هئا. رهائشي عمارتن جي ڏاڪڻين کان وٺي بالڪنين تي سُڪندڙ ڪپڙن تائين گندگيءَ جي بوءِ پکڙيل هوندي هئي. پاڻيءَ جا ذريعا گدلا ٿي چڪا هئا ۽ عوام جو صفائيءَ واري نظام تان ايمان کڄي چڪو هو.
پر اڄ، پنجن ڏهاڪن جي مسلسل حڪمتِ عملي ۽ عوامي سهڪار کان پوءِ، صورتحال مڪمل طور تي مٽجي چڪي آهي. اڄ سوئيڊن ان مقام تي پهچي چڪو آهي جتي وٽس پنهنجي شهرن جي توانائي ۽ گرمائش جي ضرورتن لاءِ ڪچرو گھٽجي ويو آهي، جنهن ڪري هو ٻين ملڪن کان ڪچرو درآمد ڪرڻ تي مجبور آهي.
سوئيڊن ماڊل جا مکيه انگ اکر
ملڪ جو صرف ھڪ سيڪڙو کان به گھٽ ڪچرو لينڊ فل يعني گندگيءَ جي ڍير ۾ وڃي ٿو؛ ستيتاليھن کان ٻاونجاھ سيڪڙو ڪچرو ريسائيڪل ڪري نئين سِراستعمال ڪيو وڃي ٿو؛ ڪچري جو باقي حصو استعمال ڪري گهرن لاءِ بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي ۽ گھرن کي گرم رکڻ جي سرشتي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
سوئيڊن جو سڀ کان وڏو راز اهڙي تربيت آهي جيڪا اسڪولن ۽ گهرن ۾ چئن ڏهاڪن کان ڏني پئي وڃي، جنھن مطابق سائي ڳوٿري چانھ، ڪافي يا قهوي جون باقيات ۽ عضوياتي گند لاءِ؛ ناسي رنگ جي ڳوٿري خوراڪ ۽ مانيءَ جا بچيل ٽڪرا وجھڻ لاءِ ؛ شفاف ڳوٿري پلاسٽڪ، دٻا ۽ يا ڪاغذجا ڪپ وجھڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. اسڪولن، آفيسن ۽ گهرن ۾ چئن ڏهاڪن تائين ٻارن ۽ شهرين کي ان نظام سان سلهاڙيو ويو، جنهن سان اهو سندن عام زندگي ۽ ثقافت جو حصو بڻجي ويو.
1994ع ۾ سوئيڊن قانون منظور ڪيو جنهن تحت سامان ۽ پئڪيجنگ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي پابند ڪيو ويو ته اهي پنهنجي پراڊڪٽس جو ڪچرو نڪرڻ کان پوءِ ان جي جمع ٿيڻ ۽ ريسائيڪل ٿيڻ جو خرچ برداشت ڪنديون. ان سان ڪمپنين اهڙو مواد استعمال ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو آسانيءَ سان پروسيس ٿي سگهي.
سوئيڊن پنهنجي شهرن جي گهرن ۽ اپارٽمينٽس کي گرم رکڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ جديد Waste-to-Energy پلانٽ قائم ڪيا آهن.
ڪچري جي کوٽ جو سبب: سوئيڊن جون ريسائيڪلنگ پاليسيون ايترو ته موثر بڻجي ويون جنهن ڪري ملڪي سطح تي گهرن جو ڪچرو ان حد تائين گھٽجي ويو جو اهي پاور پلانٽ پنهنجي پوري صلاحيت مطابق هلڻ لاءِ مشڪل ٿي ويا. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سوئيڊن يورپ جي ٻين ملڪن جهڙوڪ برطانيا، ناروي، ۽ اٽليءَ کان هزارين ٽن ڪچرو درآمد ڪري ٿو.
اهي ملڪ سوئيڊن کي پنهنجو ڪچرو سنڀالڻ ۽ پروسيس ڪرڻ جا پئسا ڏيندا آهن، ۽ سوئيڊن ان ڪچري کي ساڙي پنهنجي شهرين لاءِ بجلي ۽ هيٽنگ حاصل ڪندو آهي.
سوئيڊن جو هي تحقيقي ماڊل ثابت ڪري ٿو ته مضبوط سياسي عزم ۽ منظم سوچ ذريعي گندگي ۽ ڪچري جهڙي سنگين آفت کي به توانائي، معاشي فائدي ۽ ترقيءَ جي نئين ذريعي ۾ مٽائي سگهجي ٿو.
سئيڊن جو اھو سرشتو پاڪستان ۽ ٻين اُسرندڙ ملڪن ۽ شهرن لاءِ سبق آھي. ھتان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي بح گھرجي تہ اوپن ڊمپنگ تي پابندي وجھي ۽ ڪچري کي بغير پروسيس جي اڇلائڻ خلاف سخت قانون سازي ڪري۽ انھيءَ تي باقاعدہ عمل ڪرائي. سئيڊن جيان شهرين کي رنگين ٿيلين ذريعي ڪچرو الڳ ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ۽ ڪراچي، لاهور ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ گندگيءَ مان بايو گيس ۽ بجلي ٺاهڻ جا پروجيڪٽ لڳائي. انھيءَ مقصد لاءِ خانگي شعبي کي سيڙپ ڪرڻ لاءِ ھمٿايو وڃي.
_____________



