Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: دريءَ ۾ اٽڪيل ديد (آزاد نظم)

ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم

حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

دريءَ ۾ اٽڪيل ديد

رات، چنڊ، چانڊوڪي، سڪون،

 هڪ ديد ۽ ھڪ دري

 پاڻ ۾ اٽڪي پيا

ان وقت ائين لڳو

ڄڻ وقت

ساھ کڻَڻ وساري ويٺو آهي!!!

هوءَ نه رڳو

اک جي ديد هئي

پر هڪ اڻپوري ڪهاڻيءَ جو

 آخري ورق هئي

 جنهن تي لکيل (ختم شد)

اڃا تائين وسري ناھي سگهيو.

دري کليل ۽ ديد جاڳيل آهي

 دريءَ ٻاهران هوا گلن سان

وڻن سان ڳالهيون ڪندي لنگهندي رهي

ھوءَ ڏسندي محسوس ڪندي رھي

۽ اندر، دل جي خاموش ڪمري ۾

 يادن جا ڏيئا

ھڪ ڀيرو ٻيھر

هڪ هڪ ڪري وري وري ٻاريندي رهي!!

دري ڪناري وانگي بيٺل آ

جڏھن ته ديد لهرن وانگر

ڪناري تي پهچي

وري موٽي ٿي وڃي

پر رات گذرندي رهي ۽

چنڊ آسمان جي ٻي ڪنڊ ڏانهن

 هليو ويو

تڏهن دريءَ ۾ اٽڪيل ديد آهستي آهستي

 سمجهي وئي ته

 ڪجھ محبتون ملاقاتن ۾ نه

صرف انتظارن ۾

 مڪمل ٿينديون آهن

۽ پوءِ

اکين جي پلڪن تي

هڪ ماڪ ڀريل مرڪ سجائي

 جيئن ڪنهن

 انگريزي رومانوي فلم جي هيروئن

 آخري صفحي تي لکي ڇڏيو هجي ته

(جيڪڏهن تون موٽي نه به آئين

 ته به محبت هن دريءَ وٽ ويٺل رهندي

 جتي هڪ ديد اڄ به

 واٽ ۾ اٽڪيل آهي)

_________________

Humaira Noor-TheAsiaN

حميرا نُور

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button