Editor's pickMain Slideدنياڪالم

Jude the Obscure ناول تي ايتري تنقيد ٿي جو ٿامس ھارڊيءَ لکڻ بند ڪري ڇڏيو

ان ناول تي وحشياڻي، ذاتي ۽ سخت تنقيد ڪري ٿامس ھارڊيءَ کي ان ڳالهه جي سزا ڏني وئي ته هن شادي، مذهب ۽ انگريزي طبقاتي نظام بابت سچ ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي هئي

چيو وڃي ٿو ته ‘ويڪفيلڊ جي بشپ’ سندس ناول جي ڪاپيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. تبصره نگارن ان کي غير اخلاقي، اگهاڙو ۽ هڪ اهڙو ناول سڏيو جنهن انگريز سماج جي مقدس ادارن تي سوچي سمجهي حملو ڪيو هو.

انگريزي ادب جو اڀياس

انگلينڊ جي شاعر ۽ ناول نگار ٿامس هارڊيءَ Thomas Hardy جنھن جو جنم 1840 ۾ ٿيو ۽ 1928 ۾ وفات ڪيائين، هي ناول لکيو ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪو به ناول نه لکيائين. اهو ان ڪري نه هو ته وٽس خيال ختم ٿي ويا هئا، نه ئي ان ڪري ته سندس فن کسجي ويو هو. پر ان ڪري، جو ان ناول تي وحشياڻي، ذاتي ۽ سخت تنقيد ڪري کيس ان ڳالهه جي سزا ڏني وئي ته هن شادي، مذهب ۽ انگريزي طبقاتي نظام بابت سچ ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي هئي. هن ڏٺو ته ادبي دنيا سندس ايمانداريءَ سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي، تنهنڪري هن فيصلو ڪيو ته شاعري وڌيڪ محفوظ آهي ۽ افسانوي ادب (ناول نگاري) هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. ٿامس ھارڊيءَ جو اھو آخري ناول ھو جيڪو ھون 1895 ۾ لکيو. انھيءَ کان اڳ ھُن چار ناول لکيا ھئا.

ان وقت سندس عمر پنجھٺ سال هئي. سندس زندگيءَ جا جيڪي باقي سال بچيا هئا. سوچيو ته انهن سالن جي خاموشيءَ سندس پڙھندڙن کي ڪيڏي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو.

چيو وڃي ٿو ته ‘ويڪفيلڊ جي بشپ’ سندس ناول جي ڪاپيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. تبصره نگارن ان کي غير اخلاقي، اگهاڙو ۽ هڪ اهڙو ناول سڏيو جنهن انگريز سماج جي مقدس ادارن تي سوچي سمجهي حملو ڪيو هو. هارڊيءَ جي پنهنجي گهر واري، ايما، جڏهن اهو ناول پڙهيو ته کيس ان ۾ اهڙيون شيون نظر آيون جن سندن شاديءَ کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو. اهو ناول جنهن کي هارڊي پنهنجي سڀ کان وڌيڪ ايماندار تخليق سمجهيو هو، اهو ئي سندس پيشيورانه ۽ ذاتي برباديءَ جو سبب بڻجي ويو.

هن دنيا کي ان لاء ڪڏهن به معاف نه ڪيو. ۽ نه ئي اسان کي ڪرڻ گهرجي.

ڇاڪاڻ ته ‘جوڊ دي اوبسڪيور’ ڪو غير اخلاقي ناول ناهي. هي تمام گهڻو گهرو اخلاقي ناول آهي. اهو هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو سنجيدگيءَ سان سوال ڪري ٿو ته اسان جو هڪ ٻئي تي ڪهڙو حق آهي ۽ سماج جو پنهنجي ماڻهن تي ڪهڙو حق آهي.

جوڊ فولي (Jude Fawley) هڪ رازي جو يتيم پٽ آهي، جيڪو انگلينڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ پلجي ٿو. سندس اندر ۾ علم جي بک ايتري شديد آهي جو اها رڳو هڪ خواھش نہ پر هڪ جسماني ضرورت لڳي ٿي. بلڪل ايئن جيئن ڪجهه ماڻهن کي موسيقي، روشني يا کليل فضا جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ٻيا ڇوڪرا رانديون کيڏندا هئا، هو کيتن ۾ ويهي پاڻمرادو لاطيني ۽ يوناني ٻوليون سکندو هو. هو ‘ڪرائسٽ منسٽر’ (جيڪو هارڊي جو آڪسفورڊ آهي) ڏانهن هڪ اهڙي حسرت سان ڏسي ٿو جيڪا لڳ ڀڳ مذهبي آهي؛ اها هڪ اهڙي انسان جي تڙپ آهي جنهن جو ويساهه آهي ته ذهني زندگي ئي اصل زندگي آهي ۽ اتي پهچڻ لاء صرف سخت محنت ۽ سچي تڙپ جي ضرورت آهي.

پر هُو غلط هو.

اهو ان ڪري نه ته منجھس ذهانت جي گهٽتائي هئي. وٽس ڪرسٽ منسٽر جي ديوارن اندر موجود ڪيترن ئي مردن کان وڌيڪ ذهانت هئي. هُو ان ڪري غلط هو ڇاڪاڻ ته ذهانت ڪڏهن به معيار نه رهي هئي. اصل معيار ته پيدائش، پئسو، خاندان ۽ هڪ خاص قسم جو نالو هو. جوڊ وٽ انهن مان ڪجهه به نه هو. اها يونيورسٽي جنهن جا هن ٻالڪپڻ کان خواب ڏٺا هئا، ان جڏهن کيس ڏٺو ته کيس رڳو هڪ ‘رازو’ سمجهيو ۽ کيس واپس پٿرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

ڪرائسٽ منسٽر جي هڪ استاد جو کيس جيڪو خط ملي ٿو، اهو هارڊي جي لکڻين مان سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ دستاويز آهي. اهو خط جوڊ کي ٻڌائي ٿو ته سندس حيثيت جي نوجوانن لاء بهتر اهو آهي ته هو پنهنجي ئي دائري ۽ حد ۾ رهن. اها ڳالهه کيس تمام شائستگي سان ٻڌائي وئي، پر ان ۾ هڪ اهڙي بي رحمي هئي جيڪا ان شخص کي پاڻ به محسوس نه ٿي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اها بي رحمي ادارن جي رڳن ۾ ايتري ته رچي وئي هئي جو کين نظر ئي نه پئي اچي.

جوڊ اهو خط پڙهي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شراب پيئي ٿو. هارڊي ان عمل تي مٿس ڪا به تنقيد نٿو ڪري.

پر طبقاتي نظام ته اڌ سبب هو جنهن جوڊ کي برباد ڪيو؛ ٻيو اڌ سبب اهو هو جنهن کي ناول جي پهرين پڙهندڙن سڀ کان وڌيڪ ناپسند ڪيو: شادي.

ارابيلا ڊون، جوڊ کي هڪ اهڙي چالاڪي سان ڦاسائي ٿي جو ناول لڳ ڀڳ ان کي پڌرو ڪري ٿو. جوڊ، جيڪو اڃا نوجوان، اڻ تجربيڪار ۽ فطري طور تي اها ڳالهه مڃڻ لاء تيار ناهي ته ماڻهو خراب ٿي سگهن ٿا، ساڻس شادي ڪري ٿو. هو سمجهي ٿو ته هڪ باوقار مرد جو اهو ئي فرض آهي جيڪڏهن هو ڪنهن عورت سان تعلق رکي چڪو هجي. اها شادي بي جوڙ هجڻ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي وڃي ٿي جيڪو لڳ ڀڳ مذاق لڳي ها، پر هارڊي ان کي مذاق بڻجڻ نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته جوڊ لاء ان جا نتيجا مذاق نه هئا. اهي نتيجا سندس زندگيءَ جي پهرين ديوار هئا.

هو اتان نڪري وڃي ٿو. ارابيلا آسٽريليا هلي وڃي ٿي. ۽ پوءِ سندس ملاقات سُو برائيڊ هيڊ (Sue Bridehead) سان ٿئي ٿي.

سُو، هارڊي جي سڀ کان غير معمولي ۽ سڀ کان وڌيڪ غلط سمجهي ويندڙ تخليق آهي. هوءَ ذهني طور تي نهايت هوشيار، جنسي طور تي پيچيده ۽ ان دور ۾ حقيقي طور تي غير روايتي (Unconventional) عورت آهي، جڏهن تہ هڪ عورت لاء غير روايتي هجڻ ڪو لائف اسٽائل نه پر سماجي خودڪشي هئي. هوءَ خيالن تي يقين رکي ٿي، ادارن تي سوال ڪري ٿي ۽ فلسفو پڙهي ٿي. صرف ڏيکاءُ لاء نه، پر زندگي گذارڻ جي سچي سمجهه حاصل ڪرڻ لاءِ.

پر هوءَ پنهنجي اندر جي ڪجهه اهڙن احساسن کان به اڻواقف آهي، جيڪي کيس جوڊ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان روڪين ٿا. سندن رشتو وڪٽورين دور جي ادب ۾ هڪ ‘بي جوڙ محبت’ جي سڀ کان وڌيڪ ايماندار تصوير آهي. اهي ذهني طور تي هڪ ٻئي سان مليل آهن. هو هڪ ٻئي کي ايئن مڪمل ڪن ٿا جيئن هڪ جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو ڪندا آهن. هڪ ٻئي جا جملا پورا ڪرڻ، ساڳين اشارن کي سمجهڻ ۽ ساڳين ڳالهين تي کِلڻ. پر سُو جي اندر ڪو اهڙو اونهو زخم آهي، جنهن جي چوڌاري هارڊي ڦرندو ته رهي ٿو پر ڪڏهن ان کي نالو نٿو ڏئي، جيڪو جسماني ويجهڙائي کي سڪون جي بدران خوف جو سبب بڻائي ٿو.

جوڊ هن سان محبت ڪري ٿو. هو ان انسان وانگر محبت ڪري ٿو جيڪو ڪنهن به شيءِ کي اڌ ۾ ناهي ڇڏيندو. هو هن سان محبت ڪري ٿو جيتوڻيڪ هو ڄاڻي ٿو ته هوءَ کيس مڪمل طور تي چاهي نٿي سگهي، پر هو ان جي باوجود محبت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ئي هن لاء ممڪن ناهي.

اهي بغير شاديءَ جي گڏ رهن ٿا، جيڪو 1890ع واري انگلينڊ ۾ ڪو نجي فيصلو نه هو، بلڪه هڪ عوامي اعلان هو. ان جي ڪري هنن تي دروازا بند ٿي وڃن ٿا. جوڊ کي پنهنجي ڪم تان هٿ ڌوئڻا پون ٿا، ڇاڪاڻ ته چرچ جي مرمت ڪندڙ ماڻهو هڪ اهڙي رازي کي ڪم ڏيڻ لاء تيار نه آهن جيڪو ‘گناهه’ ۾ رهي رهيو هجي. سُو کي پنهنجي استاد واري نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پون ٿا.

هارڊي هن صورتحال کي رومانوي رنگ نٿو ڏئي. هو ڏيکاري ٿو ته هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو رڳو لڪير جي پويان هلڻ کي ئي اخلاقيات سمجهي ٿو، اتي بغاوت جو ڪهڙو ملهه ڏيڻو پوي ٿو.

ٻارن جو ذڪر اتي اچي ٿو جتي ناول انتهائي ڏکوئيندڙ ٿي وڃي ٿو ۽ جتي هارڊي جي نقادن کي سڀ کان وڌيڪ موقعو مليو.

‘لٽل فادر ٽائيم’ (Little Father Time) جوڊ جو پٽ آهي جيڪو ارابيلا مان هو، جنهن کي آسٽريليا مان جوڊ ۽ سُو وٽ موڪليو ويو آهي. هو هڪ اهڙو ٻار آهي جيڪو وقت کان اڳ ايترو سنجيده آهي جو ٻار گهٽ پر انهن سڀني تڪليفن جو مجموعو وڌيڪ لڳي ٿو جيڪي ناول ۾ گڏ ٿي رهيون آهن. هو اهڙا سوال پڇي ٿو جيڪي ٻارن کي نه پڇڻ گهرجن. هو اهڙيون شيون ڏسي ٿو جيڪي ٻارن کي نه ڏسڻ گهرجن. هو اڄ جي حال کي ڏسندڙ مستقبل آهي، جيڪو ان حال کي ناممڪن پيو سمجهي.

هو جيڪو عمل ڪري ٿو، اهو ئي منظر هو جنهن سبب بشپ ناول کي ساڙيو هو. هارڊي ان وقت اکيون نٿو ٻوٽي، نه ئي ان کي نرم ڪري پيش ڪري ٿو. هو ان کي هڪ حقيقي دستاويز وانگر پيش ڪري ٿو جيڪو هڪ دليل آهي ته هي اهو ئي نتيجو نڪرندو آهي جڏهن سماج انهن ماڻهن لاء زندگي ناممڪن بڻائي ڇڏيندو آهي جيڪي ان جي تيار ڪيل خانن ۾ نٿا اچن.

لٽل فادر ٽائيم جيڪو نوٽ (تحرير) ڇڏي ٿو، اهو هن ناول جي سڀ کان وڌيڪ لڱ ڪانڊاريندڙ سٽ آهي:

“Done because we are too menny” اهو ان ڪري ڪيم جو اسان تمام گهڻا هئاسين.

لفظ ‘Many’ جي غلط اسپيلنگ (‘Menny’) ڄاڻي واڻي رکي وئي هئي ته جيئن هڪ ٻار جي سچي آواز کي ظاهر ڪري سگهجي، پنھنجي خاندان بابت جنهن دنيا جي فيصلي کي جذب ڪري ورتو هو ۽ ان تي نهايت وحشتناڪ پر پختي طريقي سان عمل ڪيو هو.

ان کان پوءِ ناول ۾ ڪجهه به سنڀلجي نٿو سگهي ۽ هارڊي به ان جو ڏيکاءُ نٿو ڪري. سُو مڪمل طور تي ٽٽي پوي ٿي. هن جو ٽٽڻ هن ناول جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري حصو آهي. هوءَ ٻيهر مذهب ڏانهن رجوع ڪري ٿي، انهن ادارن ڏانهن موٽي ٿي جن کي هن رد ڪيو هو، ان شاديءَ ڏانهن واپس وڃي ٿي جتان هوءَ ڀڄي نڪتي هئي. ان يقين سان ته شايد سندس غير روايتي زندگي ئي ٻارن جي موت جو سبب هئي ۽ هاڻي روايتن جي پويان هلڻ ئي سندس توبھ يا ڪفارو آهي.

هارڊي هن منظر کي ايتري ايمانداريءَ سان چٽيو آهي جو کيس به ان جو ڏک ٿيو هوندو. هو سُو کي ملامت نٿو ڪري. هو رڳو هڪ اهڙي عورت جي حقيقت ڏيکاري ٿو جنهن جي ذهني جرئت هن جي جذباتي طاقت کان وڌيڪ هئي؛ جيڪا روايتن جي خلاف سالن تائين وڙهي سگهي ٿي پر جڏهن روايتن جو انتقام ايترو وحشياڻو هجي، تڏهن هوءَ پاڻ کي سنڀالي نه سگهي.

جوڊ، ڪرائسٽ منسٽر جي هڪ مسافر خاني ۾ اڪيلو مري وڃي ٿو. ٻاهر يونيورسٽيءَ ۾ جشن جو آواز اچي رهيو آهي ۽ هو مرڻ وقت حضرت ايوب جا لفظ ورجائي رهيو آهي. اهو شهر جنهن کيس رد ڪيو هو، اهو جشن ملهائي رهيو آهي ۽ جوڊ مري رهيو آهي. هي تضاد هارڊي جي سڀ کان گهٽ لڪيل پر سڀ کان وڌيڪ سچي تصوير آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نرمي ڏيکارڻ سچائي سان ناانصافي هجي ها.

ناول جي آخري تصوير جوڊ جي ناهي. اها سُو جي آهي. سُو پنهنجي ان بنا محبت واري شاديءَ ۾ واپس وڃي چڪي آهي، پنهنجي مقرر ڪيل سزا کي ڀوڳي رهي آهي. هڪ ذهين ۽ آزاد عورت ان اداري ۾ واپس پهچي وئي آهي جنهن بابت هوءَ هميشه ڄاڻندي هئي ته اهو کيس ڪڏهن به قبول نه ڪندو. اها ڄاڻ ته هوءَ غلط آهي، پر هي يقين ته غلط هجڻ ئي هن جي سزا آهي.

اها تصوير هارڊي جو اصل الزام آهي. سُو تي نه، پر ان دنيا تي جيڪا اهڙي اعلي معيار جي عورت کي حاصل ڪري ٿي ۽ کيس بغاوت جي قيمت طور خود برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي ڏئي.

هن اهو لکيو ۽ دنيا آڏو پيش ڪيو، پر دنيا ان جي ڪاپين کي باهه ڏني ۽ هن پنهنجو قلم رکي ڇڏيو.

ٽن ڏھاڪن جي خاموشي.

اِها هئي اُها قيمت جيڪا ٿامس هارڊي پنهنجي ايمانداريءَ لاء ادا ڪئي.

۽ اها هئي اها قيمت جيڪا دنيا سچ ٻڌڻ کان بچڻ لاء ادا ڪرڻ لاء تيار هئي.

______________

انگريزيءَ تان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button