بحرين ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل 41 ماڻهو گرفتار ڪري ورتا
هن تنظيم ڪيترن ئي مذهبي، سماجي، خيراتي ۽ تعليمي ادارن، بشمول ڪنڊر گارٽن، اسڪولن ۽ مذهبي مدرسن سان گڏوگڏ ڪميونٽي جي اهم سرگرمين جي شعبن ۾ پنهنجو اثر وڌايو هو، بحرين جي گھرُو وزارت جو بيان

حبيب توميءَ جي رپورٽ
مناما: بحرين جي گهرو وزارت چيو آهي ته هنن هڪ اهڙي تنظيم جي 41 ميمبرن کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪي ايران جي پاسدارانِ انقلاب (IRGC) ۽ ولاية الفقيه واري نظريي سان لاڳاپيل آهن، جيڪو هڪ شيعه سياسي عقيدو آهي جنهن موجب هڪ لائق اسلامي فقيهه کي سياسي ۽ مذهبي قيادت سنڀالڻ گهرجي. وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ۾ موجود 11 ٻين ميمبرن جي به سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جيڪي IRGC ۽ بحرين جي بادشاهت ۾ موجود هن تنظيم جي ڪارندن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو هئا.
وزارت وڌيڪ چيو ته تنظيم جي ميمبرن هڪ دهشتگرد تنظيم قائم ڪئي ۽ ان جي اڳواڻي ڪئي، دهشتگردي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، ايران سميت عراق ۽ لبنان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن سان رابطا ڪيا ۽ انهن سرگرمين جي مدد لاءِ فوجي تربيت حاصل ڪئي. تنظيم جي ميمبرن بحرين جي شيعه برادري جي ماڻهن جي خلاف منظم طريقي سان ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ واريون پاليسيون اختيار ڪيون، کين پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ خفيه سرگرميون جاري رکيون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن تنظيم ڪيترن ئي مذهبي، سماجي، خيراتي ۽ تعليمي ادارن، بشمول ڪنڊر گارٽن، اسڪولن ۽ مذهبي مدرسن سان گڏوگڏ ڪميونٽي جي اهم سرگرمين جي شعبن ۾ پنهنجو اثر وڌايو هو، جنهن جو مقصد پرڏيهي ادارن، خاص طور تي IRGC جي وفاداري کي هٿي ڏيڻ هو، جڏهن ته رياست جي خلاف دشمني ۽ قومي وفاداري جي قيمت تي قانون جي بيحرمتي کي هٿي ڏيڻ هو. وزارت وڌيڪ چيو ته هي تنظيم، جنهن ۾ عدالت پاران ختم ڪيل “اسلامي عالمن واري ڪائونسل” جا ميمبر شامل آهن، بحرين جي شيعه برادري جي ميمبرن جي قومي عزم کي متاثر ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهي هئي.

تنظيم مسجدن، ماتمن (ڪميونٽي سينٽرز) ۽ مذهبي موقعن تي مذهبي عالمن ۽ ذاڪرن پاران ڏنل خطبن کي ڪنٽرول ۽ سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته اهڙيون سرگرميون منظم ڪندڙن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جو رستو پڻ اختيار ڪيو ويو. هن تنظيم مجرماڻا فعل ڪيا ۽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهي جنهن سان شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو، ان کان علاوه غير قانوني مقصدن ۽ قانون جي خلاف ورزي واري سرگرمين لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا، جيڪي ايران ۾ موجود IRGC ڪارندن کان فنڊ حاصل ڪري بحرين ۾ دهشتگرد سرگرمين جي مالي مدد ذريعي ڪميونٽي جي سيڪيورٽي ۽ شهري امن لاءِ خطرو بڻجي رهيا هئا.
وزارت چيو ته تنظيم جي سرگرمين جي نگراني ۽ مانيٽرنگ ڪئي پئي وئي، ۽ کنيل قدمن جو مقصد بحرين جي سيڪيورٽي کي محفوظ بڻائڻ ۽ معاشري جي تمام حصن ۽ طبقن جي حفاظت ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ هو. وزارت زور ڏنو ته اها ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي ڪنهن به خطري جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ بحرين جي معاشري ۾ شهري امن کي نقصان پهچائڻ يا تفرقي ۽ ويڙهه کي هٿي ڏيڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
____________

حبيب تومي بحرين ۾ سينئر صحافي ۽ ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي



