ايران آمريڪا جنگ جو خاتمو؟ ٽرمپ حقيقت ۾ ھارائي چُڪو آھي
موجوده مفاهمتي ياداشت مان جيڪي به ڳالهيون نڪرنديون، اها پڪ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مڪمل فتح جو اعلان ڪندو. اهو سندس هڪ ٻيو وڏو ڪوڙ هوندو. جنگ جي شروعات ۾، هن چيو هو ته سندس بنيادي مقصدن ۾ ايران جي حڪومت کي تبديل ڪرڻ ۽ ان جي ايٽمي عزائمن جو خاتمو شامل آهي. پر هن وقت جيڪي ڳالهيون ميز تي آهن، اهي انهن مان ڪو به مقصد حاصل نه ٿيون ڪن. هن جنگ ايران ۽ هرمز لنگھ جي حوالي سان هڪ نئون مصيبتن جوسلسلو کولي ڇڏيو آهي.

لنڊن مان ٽام آرمز وٽان
خليج جو خطو امن جي ويجھو بيٺو آهي. اها دعوي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آهي، جيڪو ھر وقت ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ ڳالهين کي ڦيرائيندو آهي.
ايئن چوڻ کان پوءِ، ايڪسيوس (Axios) ۽ رائٽرز ٻئي اها رپورٽ ڏين ٿا ته هاڻي هڪ مفاهمتي ياداشت (MOU) موجود آهي، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته ايران يورينيم جي افزودگيءَ کي روڪڻ، ايران تي آمريڪي پابندين کي جزوي طور ختم ڪرڻ، اثاثن کي بحال ڪرڻ ۽ هرمز لنگھ ۾ ڪنهن حد تائين معمول واري صورتحال ڏانهن موٽڻ تي بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
تنهن هوندي به، ان ڳالهه کي سمجھڻ گهرجي ته هڪ MOU ڪو امن معاهدو ناهي. اهو صرف ڳالهين جي نقطن تي هڪ اتفاق آهي.
پر ٽرمپ جي مطابق، اهو MOU سندس لاءِ “آپريشن فريڊم” کي معطل ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، جيڪو هرمز لنگھ يعني ايراني نار ۾ بحري جهازن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي هڪ وڏي بحري ڪوشش هئي. غلط. ان جي معطلي جو اصل سبب سعودين جو اهو خوف هو ته ايران ان حفاظتي قافلي تي فائرنگ ڪندو، قافلو جوابي فائرنگ ڪندو، ٽرمپ نئين سر ميزائل حملن جو حڪم ڏيندو ۽ جنگ ٻيهر سڄي نار واري علائقي ۾ پکڙجي ويندي.
جيريڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وٽڪوف شايد اهي ٻه آمريڪي آهن جيڪي جنيوا ۽ اسلام آباد ۾ ايراني (۽/يا پاڪستاني) آفيسرن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، پر پردي جي پٺيان ايران جنگ ۾ آمريڪا جا جونيئر پارٽنر به ڪافي حد تائين فيصلا ڪري رهيا آهن. اهي آهن اسرائيل، سعودي عرب، عمان، ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات.
اسرائيل جونيئر پارٽنر کان وڌيڪ هڪ مڪمل پارٽنر وانگر آهي. يهودي رياست سڀ کان وڌيڪ جنگ جي حامي آهي. وزيراعظم بنجمن نتن ياهو ٽرمپ کي ايران جنگ ۾ گهلي اچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس مطابق هو صدر سان تقريبن روزانو رابطي ۾ آهي. اسرائيلي سيڪيورٽي ادارا ايران کي اسرائيل لاءِ “وجودي خطري” طور ڏسن ٿا. اهي اتي جي مذهبي حڪومت کي ختم ڪري هڪ اسرائيل نواز لبرل حڪومت آڻڻ چاهين ٿا جيڪا لبنان ۾ حزب الله ۽ يمن ۾ حوثين جي حمايت ختم ڪري ڇڏي.
نتن ياهو کي اسرائيلي عوامي راءِ جي حمايت حاصل آهي. اها گهٽجڻ شروع ٿي آهي پر اڃا به جنگ جي حق ۾ آهي. مارچ جي شروعات ۾ 80 سيڪڙو اسرائيلي جنگ جي حمايت ڪري رهيا هئا، جيڪا اپريل جي آخر تائين گهٽجي 54 سيڪڙو ٿي وئي. پر 61 سيڪڙو اڃا به جنگ بندي جي خلاف آهن.
اسرائيلي سوچ ۾ هڪ ٻيو عنصر اهو آهي ته اهي هرمز لنگھ بند ٿيڻ سان مڪمل طور تي متاثر نٿا ٿين. سندن توانائي يا ڀاڻ جو ڪو به ذريعو خليج جي خطي مان نه ٿو اچي.
گڏيل عرب امارات خليجي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ جارحاڻو رخ رکي ٿو. سندن دليل آهي ته ماضي جي نرميءَ ايران جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ ايران جي هاڻوڪي ڪمزور حالت حڪومت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ بهترين موقعو آهي.
سعودي عرب ورهايل نظر اچي ٿو. فوج جنگ جي حق ۾ آهي. ٻيو گروهه ان ڳالهه تي فڪرمند آهي ته ويڙهه سان ولي عهد محمد بن سلمان جي ’ويزن 2030‘ کي ڪيترو نقصان پهچندو. ولي عهد پاڻ هڪ موقف تان ٻئي تي ڦرندو رهي ٿو. هن وقت جنگ مخالف گروهه کي برتري حاصل آهي.
عمان، ڪويت ۽ قطر امن جي ڪيمپ ۾ آهن. قطر پريشان آهي ڇو ته اتي موجود 10,000 آمريڪي فوجي کيس ايراني ميزائلن جو نشانو بڻائي سگهن ٿا. ٻيو مسئلو اهو آهي ته قطر ۽ ايران گڏيل طور تي ‘نارٿ فيلڊ/سائوٿ پارس’ گيس فيلڊ جا مالڪ آهن. ڪويت پنهنجي برآمدات لاءِ هرمز لنگھ تي ڀاڙي ٿو ۽ عمان هن خطي جو روايتي وچولي وارو امن پسند ملڪ آهي.
موجوده مفاهمتي ياداشت مان جيڪي به ڳالهيون نڪرنديون، اها پڪ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مڪمل فتح جو اعلان ڪندو. اهو سندس هڪ ٻيو وڏو ڪوڙ هوندو.
جنگ جي شروعات ۾، هن چيو هو ته سندس بنيادي مقصدن ۾ ايران جي حڪومت کي تبديل ڪرڻ ۽ ان جي ايٽمي عزائمن جو خاتمو شامل آهي. پر هن وقت جيڪي ڳالهيون ميز تي آهن، اهي انهن مان ڪو به مقصد حاصل نه ٿيون ڪن. هن جنگ ايران ۽ هرمز لنگھ جي حوالي سان هڪ نئون مصيبتن جوسلسلو کولي ڇڏيو آهي.
پر رڳو اهو ئي ناهي. جنگ جي مالي قيمت به تمام گهڻي آهي. گڏيل قومن جي اندازي مطابق هن جنگ خليجي معيشتن کي 200 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو آهي. ايران جو نقصان 250 ارب ڊالر ٻڌايو پيو وڃي. آمريڪي بحري فوج کي اتي برقرار رکڻ تي روزانو 1 ارب ڊالر خرچ اچي ٿو ۽ ان کان علاوه هزارين ميزائل فائر ڪرڻ جو خرچ الڳ آهي. عالمي معيشت کي ٿيندڙ معاشي نقصان جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي، جيڪو ٽريلين تائين ٿي سگهي ٿو.
وڌيڪ هي ته، هن جنگ آمريڪا جي روايتي اتحادين کي ناراض ڪيو. آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجو ساک وڃائي ويٺو. چين جي حيثيت هڪ مستحڪم ۽ معقول ملڪ طور مضبوط ٿي. جنگ هڪ خطرناڪ مذهبي حڪومت کي محفوظ رهڻ ڏنو ۽ اهڙي طرح کين فاتح طور اڀاريو. ۽ آخر ۾، ان دنيا جي طاقتور ترين فوجي مشين جي سياسي ۽ سفارتي حدن کي به وائکو ڪري ڇڏيو. مختصر طور تي، ٽرمپ هارائي ويو!
ٻئي پاسي هڪ تڪڙي ڪاوڙ ۾، ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته هو جرمني مان 5,000 فوجي واپس گهرائي رهيو آهي. هن اٽلي ۽ اسپين مان به فوجي ڪڍڻ تي غور ڪرڻ جو چيو. اهي ٽي ملڪ ئي ڇو؟ ڇو ته انهن ملڪن جي اڳواڻن آمريڪي صدر تي تنقيد ڪرڻ جي جرئت ڪئي هئي.
ٽرمپ پنهنجي انا جي خاطر پنهنجو ئي نقصان ڪري رهيو آهي. مختصر طور تي، اهو هڪ بيوقوفاڻو قدم آهي. آمريڪا کي يورپ جي ضرورت آهي. پهرين ڳالهه ته يورپ آمريڪا کان ٻاهر سڀ کان وڏو مالي ٿنڀو آهي جيڪو آمريڪي دفاعي صنعت جي مدد ڪري ٿو. اهو ساليانو 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿو. ۽ آمريڪي دفاعي صنعت آمريڪا جي جي ڊي پي (GDP) جو 5 سيڪڙو آهي.
يورپ ۾ آمريڪي اڏا (Bases) آمريڪا کي يوريشيا، آفريڪا، وچ اوڀر ۽ هندي سمنڊ تائين پنهنجي طاقت استعمال ڪرڻ جي سهولت ڏين ٿا. برطانيه، جرمني، بالٽڪ ملڪن، پولينڊ، اسپين، اٽلي ۽ ايستائين جو گرين لينڊ ۾ به آمريڪا جا اڏا موجود آهن.
اهي اڏا پينٽاگون کي اڳواٽ سامان ۽ تيل رکڻ، بهترين اسپتالون، مرمتي مرڪز، انٽيليجنس ۽ ڪمانڊ سينٽرز مهيا ڪن ٿا. يورپ اهو بنيادي پٿر آهي جيڪو عالمي سطح تي طاقت جي استعمال کي ممڪن بڻائي ٿو.
ٽرمپ جي تازي قومي سلامتي واري حڪمت عملي ۾ يورپ جي “تھذيبي زوال” تي ڌيان ڏنو ويو هو، پر ان ۾ اهو به چيو ويو هو ته يورپ “آمريڪي عالمي آپريشنز لاءِ هڪ پليٽ فارم طور برقرار رهندو.” تنهن ڪري، آمريڪي صدر کي گهرجي ته هو انهن ماڻهن سان نرمي سان پيش اچي جن جي کيس ضرورت آهي.
ٽرمپ ايندڙ هفتي چين وڃي رهيو آهي. هو ايندڙ خميس ۽ جمعي تي بيجنگ ۾ چيني اڳواڻ شي جن پنگ سان ڳالهيون ڪندو.
هن وقت آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ ۾ عارضي وقفو آهي. اهو ان ڪري جو گذريل اپريل ۾ ٽرمپ پاران شروع ڪيل واپاري جنگ ٻنهي ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي هئي. ٽرمپ ٽيڪس (Tariffs) کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو هو. چين فوري طور تي آمريڪا جي ناياب معدنيات (Rare Earth Minerals) تائين رسائي بند ڪري ڇڏي. ٽرمپ جواب ۾ چين جي آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ مالي وسيلن تائين رسائي گهٽائي ڇڏي. نتيجو هڪ بند گهٽي (Deadlock) جي صورت ۾ نڪتو.
ٻنهي طرفن پٺتي هٽي ڪري ٽيڪس گهٽايا ۽ شين جي فراهمي بحال ڪئي. پر ان تڪرار ٻنهي اڳواڻن جي دلين ۾ تلخي ڀري ڇڏي آهي. اهي سمجهن ٿا ته تعاون رڳو ٻيءَ ڌر کي فائدو ڏيندو. حقيقت ۾، صرف هڪ ٻئي کي معاشي نقصان پهچائڻ جو خوف ئي کين ڳالهين جي ميز تي رکي ٿو.
اها صورتحال آمريڪي خزاني واري وزير اسڪاٽ بيسينٽ کي مايوس ڪندي، جنهن سال جي پهرين حصي ۾ واپاري معاهدن تي محنت ڪئي آهي. سفارتي ذريعن موجب، بهترين نتيجو صرف هٿ ملائڻ ۽ مصنوعي مرڪ ئي هوندو.
مئي جو مهينو هندستان لاءِ دلچسپ سفارتي مهينو هوندو. کيس آمريڪي غلبي واري اولهه ۽ چيني غلبي واري اوڀر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻو پوندو.
ايندڙ هفتي وزيراعظم نريندر مودي 11 ملڪن جي BRICS گروپ جي پرڏيهي وزيرن جي ميزباني ڪندو. هي گروپ بنيادي طور تي اولهه مخالف ۽ ‘گلوبل سائوٿ’ جي حق ۾ آهي.
پوءِ مئي جي آخري هفتي ۾ مودي ‘ڪواڊ الائنس’ (Quad Alliance) جي گڏجاڻي جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، جاپان ۽ هندستان شامل آهن. ان جو مقصد چين جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ آهي.
هندستان ڏکي سفارتي صورتحال لاءِ نئون ناهي. سرد جنگ دوران هو ‘غير وابسته تحريڪ’ (Non-Aligned Movement) جو اڳواڻ هو. پر هاڻي صورتحال مختلف آهي. هندستان جا ٻنهي پاسن پير آهن. هو چاهي ٿو ته جيو پوليٽيڪل مقابلي کي پنهنجي اسٽريٽجڪ فائدي لاءِ استعمال ڪري.
اهو توازن برقرار رکڻ هاڻي وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته عالمي سطح تي بي يقيني آهي. ايران تي آمريڪي-اسرائيلي حملي ۽ جوابي ڪارروائي کانپوءِ اولهه ايشيا بحران ۾ آهي. تيل جا مارڪيٽ غير مستحڪم آهن. آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ مقابلو وڌي ويو آهي ۽ روس جو اولهه سان تڪرار جاري آهي. عالمي نظام ٻن حصن ۾ ورهائجي رهيو آهي.
BRICS جي پرڏيهي وزيرن جي گڏجاڻي خاص طور تي دلچسپ هوندي ڇو ته ان جا ٽي ملڪ—ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات—هڪ ٻئي سان لڙائيءَ جي ويجهو آهن.
وزيراعظم مودي تي اها ذميواري هوندي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته اها گڏجاڻي جهيڙي ۾ تبديل نه ٿئي.
ان سلسلي ۾ BRICS جو مخصوص ڍانچو سندس مدد ڪندو، جتي اڪثر نتيجا اڳواٽ ئي سفارتڪار طئي ڪري وٺندا آهن ۽ وزيرن کي رڳو رسمي ڳالهيون ۽ فوٽو سيشن ڪرڻو هوندو آهي.
BRICS جا ميمبر ملڪ سياسي قدرن ۾ هڪجهڙائي نٿا رکن. اتي آمريت، مذهبي حڪومتون، بادشاهتون ۽ جمهوريتون سڀ شامل آهن. اهي رڳو ان ڳالهه تي متحد آهن ته هو آمريڪي غلبي واري عالمي نظام ۾ پاڻ کي نقصان ۾ سمجهن ٿا ۽ ان کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا. پر اهو وري به ايران، سعودي عرب ۽ يو اي اي کي هڪ ٻئي ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسڻ کان نه روڪي سگهندو.
______________

ٽام آرمز لبرل ڊيموڪريٽ وائس جو فارن ايڊيٽر آهي ۽ عالمي معاملن تي ليڪچر پڻ ڏيندو آهي.



